طفيل مگسي
پاڪستان جي هڪ رانديگر جيولين ٿرو ۾َ ٻين رانديگرن تي حاصل ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيو آھي.رانديگر جي تعريف ۽ حوصلو وڌائڻ جي لاء شايد ئي ڪنهن کي اعتراض ٿيئي.مگر اعتراض ڪرڻ جي ان ۾ ڪهڙي ڳاله آھي.ڇاڪاڻ ته هن ويچاري پنهنجي نهايت محنت و مشقت سان ميڊل حاصل ڪيو آھي ۽ ميڊل حاصل ڪرڻ خوشي جي ڳاله پڻ آھي.ليڪن افوس آھي ته فقط هن ڳاله جو آھي ته اسان جي ميڊيا فضول ڳالهين تي هفتن جا هفتا ويهي ٽي وي اسڪرين تي يا وري فيس بڪي حضرات وري فيس بڪ تي ساڳئي ڳاله کي بار بار ورجائيندي رهندي آھي.سو گولڊ ميڊلسٽ رانديگر کي به گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان خاص بوليٽن ۽ فيس بڪ تي ان ريت وڏي پيماني تي هيڊ لائينز ۾ ڪوريج ڏئي ڪري بنا پرن جي آسمان جي بلندين تي پهچامي ڇڏيو آھي.ڄڻ ته پاڪستان ۾ اهوئي سمورن مامرن کان خاص ۽ آخري مامرو هجي باقي سڀ مامرا حل ٿي چڪا آھن.ان قسم جي ڳاله حقيقت ۾ پنهنجي سمجه کان ئي ٻاهر آھي.ڇاڪاڻ ته جنهن ملڪ ۾ اڌ کان وڌيڪ آبادي غربت جي لڪير کان نهايت ئي گهٽ زندگي گذارڻ تي مجبور هجي.جتي ڪروڙين ٻارڙا تعليم کان محروم.هجن.جتي تعليم جون ڊگريون حاصل ڪرڻ کانپوء لکن جي انگن ۾ نوجوان بيروزگاري کان پريشان ٿي ڪري پنهنجي وطن.گهر ڀاتين ۽ مٽن مائٽن کي ڇڏي ڪري روزگار جي لاء مجبورن پرڏيهي ملڪن ڏانهن محنت و مزدوري ڪرڻ تي مجبور آھن.جتي ڪروڙين خاندان پيئڻ جي صاف پاڻي جي لاء تڙپندا رهن.جتي بي گهر خاندانن جو انگ ڪروڙن ۾ ھجي.جتي عدم تحفظ جو احساس عروج تي هجي.جتي لکين خاندانن کي فاقه ڪشي ڏانهن ڍڪيو وڃي.جتي مهانگائي.معاشي بدحالي ۽ سماجي مسئلا رڪڻ جو نالو وٺڻ جي لاء تيار نه هجن.جتي پنهنجا خيال و احساس بيان ڪرڻ جي اجازت نه هجي اتي هڪ رانديگر جي طرف کان ذڪر جي قابل ڪارڪردگي کي ايترو وڌائي ڪري پيش ڪرڻ پنهنجي سمجه کان ٻاهر آھي.
ملڪ جي مجموعي حالتن ۽ ڌيان جي لائق سنگين حالتن ڏانهن ڌيان ڏيڻ ۽ ان سلسلي ۾ گهربل قدم کڻڻ جي بجاء هڪ رانديگر جي فتح کي “پاڪستان جو نالو روشن“قرار ڏيئي ڪري ٻين مسئلن کي کڏ جي تري ۾ وجهي ڇڏڻ ڪنهن قسم جي صحافت يا ڪهڙي قسم جي حڪنراني آھي؟“
پاڪستاني عوام جي بنيادي مسئلن جو فڪر ڪرڻ ۽ ستايل عوام کي ذڪر جي قابل رليف ڏيڻ جي بجاء ڪهڙي ريت وندرايو وڃي ٿو؟
هڪ رانديگر جي پنهنجي انفرادي ۽ ڪاميابي اکين تي.ليڪن عوام جي بنيادي مسئلن کان ڌيان هٽائڻ جي خاطر ان رانديگر کي ڪو ڏھ ڪروڙ روپيا ڏيڻ جا اعلان ڪري ٿو ته ڪو پنج ڪروڙ ڏيڻ جا اعلان ڪري رهيو آھي.
اهي لکين ۽ ڪروڙين روپيا انهن جا ذاتي ناهن بلڪ اهي عوام جي رت و پگهر کان حاصل ڪيل رقم آھي.جنهن کي ان ريت پنهنجي مشھوري ۽ سخاوت جي لاء استعمال ڪرڻ نه صرف غير قانوني بلڪ غير اخلاقي به آھي.
البته جيڪڏھن ارباب حڪمران چاهين ته ان رانديگر کي ڪو به سول اعذاز ڏئي سگهن ٿا.جيڪڏھن صرف ۽ صرف هڪ رانديگر جي پنهنجي انفرادي محنت ۽ ڪارڪردگي کي بنياد بڻائي ڪري اهو سوچيو وڃي ته“هن مقابلو کٽي ڪري سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري ڇڏيو آھي“ته نالي روشن ڪرڻ جي معيار تي حيرت ٿيئي ٿي.
ان رانديگر کي پاڪستان جو نهايت تازو هيرو قرار ڏنو پيو وڃي.ان ڪري به محتاط رهڻ جي ضرورت آھي ته ڪنهن به هيرو کي زيرو بنائڻ ۾ دير ئي ڪيتري گهربل هوندي آھي.ڪيٿرن ئي هيرن کي نه صرف ذيرو بڻايو وڃي بلڪ کين کي جيڪي تڪليفون۽ اذيتون پڻ ڏنيون ويون اهي محب وطن پاڪستانين کي ذھن نشين ضرور هونديون.
پياري پاڪستان جي سدا بهار حڪمرانن جي معيار تي ساڌڙو عوام.ڪيئن اعتراض ڪري سگهي ٿو.اهي ته اڳ ئي“هش ۾ خوش ۽ ميديا جي ڊوڙ ۾ مدهوش آھن.؛؛ٗ؛










