پاڪستان کي سعودي مالي امداد

پاڪستان کي سعودي مالي امداد

رياض ابڙو
سعودي عرب پاڪستان جي ڀرپور مالي مدد ڪندو رهيو آهي. تازن سالن ۾ برطانيا پاڪستان کي 200 ملين آمريڪي ڊالر رڳو يوريا ڀاڻ جي خريداري لاءِ ۽ نيلم جهلم هائيڊرو پاور جي تعمير لاءِ 80 ملين ڊالر جو قرض فراهم ڪيو آهي. ان کان علاوه سعودي عرب مالاڪنڊ جي علائقي ۾ اندروني طور تي بي گھر ٿيل ماڻهن جي انساني مدد لاء 100 ملين آمريڪي ڊالر ڏنا آهن. ان کان علاوه پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سعودي حڪومت 105 ملين ڊالرن جو به اعلان ڪري چڪي آهي، جيڪا امداد سڄي دنيا جي واعدي ڪيل مجموعي رقم جو 13.3 سيڪڙو آهي، جنهن امداد سان سعودي عرب پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن کي امداد ڏيڻ وارو ٻيو وڏو ملڪ بڻجي ويو. ان سان گڏ ٻن مقدس مسجدن جي سنڀال لاءِ بادشاه عبدالله ۽ شاهي خاندان جي ٻين ميمبرن پڻ پنهنجي ذاتي صلاحيت موجب هڪ زبردست فراخدلي سان حصو ورتو جنهن جي لاءِ بادشاه عبدالله جي ذاتي عطئي جي رقم 300 ملين ريال هئي، ان کانپوءِ 10 ملين ريال ان وقت جي ولي عهد  سلطان بن عبدالعزيز ۽ 5 ملين ڊالر ان وقت جي گهرو وزير شهزادي نائف بن عبدالعزيز طرفان ڏنا ويا. شهزادي الوليد بن طلال ان طرح ان ڪارءِ خير ۾ 25 ملين ريال عطيو ڏنو ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو جائزو وٺڻ لاءِ ذاتي طور پاڪستان جو پڻ دورو پڻ ڪيو. سعودي عرب جي ٻين امدادي ڪمن ۾ به شموليت رهي آهي جن ۾: عام استعمال جي سامان جا 30 ڪارگو پلين ايئر لفٽ، هڪ هزار ٽرڪن جو زميني قافلو جيڪو هزارين ٽن ڪڻڪ، 350 ٽن کجور ۽ 30000 خيما کڻي پاڪستان پهتو، ان کان علاوه ٻه فيلڊ اسپتالون، طبي عملو ۽ ضروري سامان سان گڏ ۽ سعودي سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم پڻ ان امداد سان گڏ پاڪستان آئي ته جيئن اتي سامان جي نگهباني سان گڏ ماڻهن جي مدد ڪري سگهجي. بنيادي طور هڪ رياست جي وجود ۾ اچڻ سان پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا 1947 ۾ قائم ٿيا، جڏهن پاڪستان برطانوي راڄ کان آزاد ٿيو. ان کانپوءِ سياسي ۽ مذهبي لاڳاپا تاريخي طور تي ويجھا ۽ دوستانه رهندا آيا، انهن لاڳاپن کي اڪثر تجزيا نگارن ۽ اسلامي دنيا طرفان هڪ خاص تعلق جي حيثيت سان پڻ بيان ڪيو ويو آهي. پاڪستان کي ڪڏهن ڪڏهن سعودي عرب جو ويجھو مسلمان ۽ غيرعرب اتحادي پڻ سڏيو ويو آهي. پاڪستان پنهنجي پاران اسلامي نظريي جي مطابقت سان ڪنهن به ٻاهرين يا اندروني خطري جي خلاف سعودي عرب جي محافظ جو پڻ ڪردار ادا ڪيو آهي، جنگي حالتن ۾ به پاڪستان سعودي عرب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺو آهي. سعودي عرب ۽ پاڪستان 1947 ۾ پاڪستان جي قيام کان وٺي وسيع تجارتي، ثقافتي، مذهبي، سياسي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌائڻ جي ڪوشش پڻ ڪندو رهيو آهي. پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي موجوده پرڏيهي پاليسي ۾ سڀ کان اهم ۽ ٻه طرفي پارٽنرشپ قرار ڏئي چڪو ٿو. پاڪستان سعودي عرب سان ويجھا ٻه طرفا لاڳاپا وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو جزيره نما عرب جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي ۽ اسلام جي ٻن مقدس ترين شهرن، مڪي ۽ مديني ۽ سڄي دنيا مان مسلمان حاجين جي منزل پڻ رهيو آهي جتي سموري دنيا مان مسلمان حج ۽ عمري جون سعادتون حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿين ٿا، ريسرچ سينٽر جي سروي موجب پاڪستانين جو دنيا ۾ سعودي عربن جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ مثبت تاثر آهي، 10 مان 9 سيڪڙو ماڻهو سعودي عرب کي پسند ڪن ٿا. هي ملڪ اڪثر ڪري پاڪستاني حڪمرانن کي تحفا ۽ قرض ڏئي پاڪستان سان پنهنجا لاڳاپا وڌائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. گهڻو ڪري اهي تحفا علامتي مذهبي قدر سان ٽٻٽار هوندا آهن. مثال طور 2014 ۾ سعودي عرب پاڪستان کي دوستي جي اشاري طور 200 ٽن کجور ڏني، 2 اپريل 2014 تي پاڪستان سعودي عرب کي JF-17 ٿنڊر جهاز وڪرو ڪيا، جڏهن ته سعودي بادشاهت 2014 جي شروعات ۾ پاڪستان کي 1.5 بلين ڊالر جي گرانٽ ڏني هئي.۽ هاڻي واري سيڙپڪاري پڻ هڪ مثال آهي جيڪا امدادي طور پڻ مڃي سگهجي ٿي. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان فيبروري 2019 ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پاڪستان ۽ ڀارت جي ولي عهد جي سفر جو پهريون اسٽاپ هو. اتي موجود ولي عهد کي پاڪستاني سينيٽ جي ميمبرن کان گولڊ پليٽ ٿيل سب مشين گن ملي. دوري جو سڀ کان اهم حصو گوادر ۾ 10 بلين ڊالرن جي ريفائنري ۽ پيٽرو ڪيميڪل ڪمپليڪس قائم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ هيو. پاڪستان ۾ فيصل مسجد جو نالو سعودي عرب جي بادشاه فيصل جي نالي تي رکيو ويو آهي، جنهن مسجد جي تعمير ۽ مالي مدد ڪئي هئي. سعودي عرب پاڪستان کي وسيع مذهبي ۽ تعليمي امداد پڻ ڏيندو رهيو آهي، پاڪستان ۾ مسجدن ۽ مدرسن (مذهبي درسگاهن) جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ آهي. 1980 کان وٺي 1997 ۾ مذهبي اسڪولن جو تعداد 800 مان وڌي 27000 ٿي ويو هيو ۽ سڀني کي مسلسل مالي امداد پڻ ڏيندو رهيو آهي. سعودي عرب جا اسڪول پاڪستان سان گڏ شام، افغانستان، ايران، روس، يمن وغيره ۾ نوجوانن ۽ ننڍن ٻارن  کي ديني ۽ اخلاقي تعليم ڏيارڻ لاءِ نرسري طور ڪم ڪن ٿا. 1947 کان وٺي ملڪ ۾ سياسي پارٽيون پنهنجي سياسي سرگرمين لاءِ فنڊ حاصل ڪنديون رهيون آهن. پاڪستان جي وڏي شهر لائل پور جو نالو به 1977 ۾ شاه فيصل جي اعزاز ۾ فيصل آباد رکيو ويو هيو. سعودي عرب پاڪستانين جي اميگريشن جي هڪ وڏي منزل پڻ رهي ٿو، جن جو تعداد 900,000 ۽ 1 ملين جي وچ ۾ آهي، جيڪي مستقل ۽ عارضي ڪم سانگي ايندا ويندا رهن ٿا جن ۾ ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، ليڪچرر، پروفسير ۽ ٻيا ٽيڪنيڪل ڪمن وارا پڻ شامل آهن. سعودي عرب 1970 واري ڏهاڪي ۾ فوجي حڪمران جنرل ضياءُ الحق جي ”اسلامائيزيشن“ پروگرام جو وڏو حامي هيو، پر ضياءَ ان ڏس ۾ ملڪ ڪو ڪافي نقصان به ڪيو جنهن ۾ هڪ شدت پسنديءَ منهن ڪڍيو جنهن ايجنسين جي هٿان شيعا ڪميونٽي جو وڏو نقصان ٿيو جو انهن جي عبادتگاهن ۾ گهري ڪڏهن شيعت جي عالمن کي شهيد ڪيو ويو ته ڪڏهن سني مسجدن ۾ گهري سني عالمن جون جانيون ويون ۽ اهي شهيد ٿيندا رهيا جيڪو سلسلو جنرل ضياءَ جي دور ۾ گهڻو هيو. 2006 ۾ سعودي عرب جي بادشاه عبدالله کي نشانِ پاڪستان سان نوازيو ويو، جيڪو پاڪستان جي اعليٰ ترين سول ايوارڊ آهي. 2011 ۾ سعودي جي فنڊنگ اسلامي چينل پيغام ٽي وي جو افتتاح عبدالرحمان السديس اردو ۾ ڪيو ۽ بعد ۾ پشتو ۾ 2014 ۾ ڪيو ويو. سعودي عرب ۽ پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جا اهم ميمبر آهن. سعودي عرب پاڪستان جي هندوستان سان جنگين دوران پاڪستان جي مضبوط حمايتين مان هڪ آهي، خاص طور تي 1971 ۾ پاڪستان جي مشرقي ونگ کان بنگلاديش جي ٺهڻ ۾ پاڪستان سان گڏ هن سوويت افغان جنگ ۾ وڙهندڙ افغان مجاهدين کي وسيع مالي ۽ سياسي مدد فراهم ڪئي. 1980 ۾ 1990 ۽1991 جي خليجي جنگين دوران پاڪستان سعودي عرب ۾ اسلامي مقدس ماڳن جي حفاظت لاءِ فوجون موڪليون، پر ڇڪتاڻ تڏهن وڌي جڏهن ڪجھ پاڪستاني سياستدانن ۽ ان وقت جي پاڪستاني فوج جي چيف آف اسٽاف جنرل مرزا اسلم بيگ پڌرائي سان صدام جي حمايت جو اظهار ڪيو. عراق ۾ صدام حسين جي حڪومت ۽ ان وقت وري ڪويت تي حملي اسلامي دنيا کي چيڙائي وڌو ۽ ان ڳالھ به ته صدام جڏهن ڪويت کي پنهنجو صوبو قرار ڏنو، جنهن ۾ آمريڪا جو آشرواد ۽ پاڪستاني ساٿ به شامل هيو، ۽ هوڏانهن وري ايراني ۽ روسي حمايت ۾ ڪويت ۾ جنگي شدت وڌي وئي. ٻئي طرف وري متحده عرب امارات سان گڏ سعودي عرب ۽ پاڪستان ٻه واحد ملڪ هئا، جن افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪيو. مئي 1998 ۾ سعودي عرب واحد ملڪ هو جنهن کي چاغي جي جابلو علائقي ۾ ويپن ٽيسٽنگ ليبارٽريز ۾ ايٽمي ٽيسٽ ڪرڻ بابت پاڪستان جي فيصلي تي وزيراعظم نوازشريف ٻين ملڪن کي مڪمل اعتماد ۾ ورتو هيو. هن ايٽمي تجربن جو حڪم ڏيڻ کانپوءِ سعودي عرب گڏيل عرب امارات سان گڏ واحد ملڪ هئا، جن پاڪستان جي حمايت ڪئي ۽ ملڪ کي ان دليراڻي فيصلي ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون هيون. حلانڪي 1974 ۾ ڀارت ايٽمي ڌماڪا ڪري چڪو هيو ۽ پاڪستان کي اهو ڪجھ ڪرڻ ۾ لوھ جا چڻا ڇٻائڻا پيا، ان ڪري جو ڀٽي صاحب جي حڪومت ڪيرائڻ ۽ جنرل ضياءَ جي مارشلا ان کانپوءِ سي آءِ اي جي تحفا هيا، جيڪي پاڪستاني سرڪار کي مڃڻا پيا ۽ ملڪ هڪ مسلسل اونداهي ۾ اڇلايو ويو، جنهن مان هيل تائين نڪتو ناهي ۽ مسلسل هڪ معاشي ڌٻڻ ۾ وڃي پيو ڌڪبو. پر انهن ڌماڪن جي عيوض سعودي عرب پاڪستان کي 50 هزار بيرل مفت تيل روزانو فراهم ڪرڻ جو به واعدو ڪيو هيو ته جيئن پاڪستان کي ايندڙ معاشي پابندين کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ۽ پاڪستان (نوازشريف جي ان وقت جي حڪومت) کي ڄڻ هڪ انعام مليو هيو جنهن ڌماڪي ڪرڻ جي ڪري ٻيا اسلامي ملڪ گهٽ پر سعودي تمام گهڻو خوش هيو
، جو هڪ اسلامي ملڪ وري مٿان پاڪستان ڄڻ مسلمانن جو واقعي ڪو ٽائيگر ملڪ ثابت ٿيو هيو، جنهن جي لاءِ نوازشريف پاڻ ايشيائي ٽائيگر چوندو هيو، پر ڳالھ معاشي حالتن جي بهتري جي به هئي جيڪا ڏينهون ڏينهن ابتر ٿيندي پئي وئي، جنهن تي حڪمران طبقي جو ڪو ڌيان نه هيو ته ملڪ ايشيائي ٽائيگر تڏهن هجي هان جڏهن معاشي طور مستحڪم هجي هان، پر سعودي جي ناتن ۽ امداد کي وري وري ساراهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو