اياز لطيف پليجو
قومي ڇوٽڪاري لاءِ هڪ نئين فيڊريشن جي ضرورت آهي، جيڪا 23 مارچ 1940ع ۽ 12 مئي 1946ع جي قراردادن جي روح مطابق هجي، جنهن ۾ سڀ سبجيڪٽس ۽ کاتا بشمول پاڻي، بجلي، پيٽرول، ڪوئلو، گيس، بندرگاهون، ڪميونيڪيشن، ڪوسٽل لائينز ۽ ٻيا معدني ذخيرا صوبن حوالي هجن، مرڪز وٽ فقط ڊفينس، پرڏيهي معاملا ۽ ڪرنسي جا شعبا هجن. سنڌي ماڻهو پنهنجي تحفظ ۽ بقا لاءِ اها گهر ڪرڻ ۾ حق بجانب آهن ته سنڌو درياءَ تي ڪوبه ڊيم، ڪوبه ڊائيورزن ڪينال نه ٺهڻ گهرجي، ۽ ماضي ۾ غير قانوني ٺاهيل ڪينال بند ٿيڻ گهرجن. اقتصادي بهتريءَ لاءِ ضروري آهي ته سمورا ٽيڪس گڏ ڪرڻ جا اختيار ۽ مڪمل مالڪي صوبن وٽ هجن. سنڌي ماڻهن جي اها به گهر آهي ته سنڌي، بلوچي، پشتو، پنجابي ۽ سرائيڪي زبانون قومي ٻوليون قرار ڏنيون وڃن ۽ سنڌ جي وحدت، ثقافتي سڃاڻپ ۽ جاگرافيائي حدن سان نه ڪا هٿ چراند ٿئي ۽ نه ئي اهڙي ڪا سازش بحث هيٺ آندي وڃي. سنڌ جي بقا، جاگرافيائي حيثيت ۽ ثقافتي سڃاڻپ بحث جوڳا اشو ناهن. سنڌ ڏانهن گذريل ستن ڏهاڪن ۾ ٻين ملڪن ۽ صوبن کان ٿيل غير قانوني ۽ غير اخلاقي لڏپلاڻ کي واپس ڪري وفاقي صوبائي ڪارپوريٽ ۽ پرائيويٽ کاتن توڙي وزارتن، پرڏيهي سفارتخانن، سيڪريٽريٽ ۽ عدالتن، آرمڊ فورسز، پي آءِ اي، او جي ڊي سي ايل، ريلوي، پورٽ قاسم، ڪي پي ٽي، سوئي گيس، اسٽيٽ بينڪ، پاڪستان اسٽيل ملز، پي ٽي سي ايل ۽ ٻين وڏن ادارن ۾ سنڌ جي اصلوڪن سنڌين کي آباديءَ جي تعداد مطابق حصو ملڻ گهرجي، جيڪو هن وقت پاڪستان جي ڪل آباديءَ ۾ لڳ ڀڳ ڇهه ڪروڙ يعني 33 سيڪڙو آهي ۽ ان سان گڏ سنڌ جي سمورن وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ سرڪاري توڙي نجي نوڪرين ۽ داخلائن ۾ 80 سيڪڙو حصو اصلوڪن (انڊيجينئس) سنڌين جو هئڻ گھرجي. ان کانسواءِ عورتن، ٻارن، اقليتن، هارين، مزدورن ۽ هيٺئين گريڊ جي سرڪاري توڙي خانگي ملازمن خلاف متڀيد وارا سمورا قانون ختم ڪري انهن کي مناسب اجوري صحت، تعليم، اجهي، لٽي ۽ اٽي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ جي عذاب کان بچايو وڃي، زمين جي حد 24 ايڪڙ في خاندان مقرر ڪئي وڃي ۽ اضافي زمين هارين ۾ ورهائي وڃي. جيسين ماضيءَ جي زيادتين جو ازالو نه ٿيندو، تيسين مستقبل ڏانهن تيز رفتاريءَ سان سفر نه ڪري سگھبو، تنهن ڪري جي جنرل مشرف پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ پاران بنگالين کان معافي وٺي ٿو، جي آمريڪي صدر ۽ حڪومت جاپانين وٽ توبهه تائب ٿين ٿا، انهن کي اقتصادي مدد فراهم ڪن ٿا ۽ جي صدر زرداري رياست ۽ اقتداري ڌرين پاران بلوچستان کان معافي وٺي ٿو ته پوءِ انتهائي ضروري آهي ته پاڪستاني اقتداري ٽولا، دهشتگرد ۽ حڪمران سنڌ جي پاڻي ۽ وسيلن جي ڪيل چوري، ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران ڪيل ڪوس، وڏن شهرن جي اختيارن تي ڪيل ناجائز قبضي، شهيد ڪيل سمورن سنڌين، 12 ۽ 22 مئي جي قتل عام، اين ايف سي ذريعي ڏهاڪن کان ڦٻايل سموري ناڻي، پيٽرول، گيس، معدنيات ۽ 2010ع ۽ 2011ع ۾ ٻوڙي تباهه ڪيل سنڌين کان نه صرف ميڊيا ذريعي معافي وٺن، بلڪ هڪ Truth and Reconciliation Commission ٺاهي انهن زيادتين جو مالي ۽ سياسي ازالو ڪن. سنڌين کي جي هن ملڪ جو برابريءَ جو حصيدار سمجهيو وڃي ٿو ته آدمشماري ڪرائي وڃي، 22 سيڪڙو آباديءَ واري سنڌ هاڻي 29 سيڪڙو ٿي چڪي آهي ۽ پنجاب هاڻ فقط 46 سيڪڙو آهي.
اهي قومي، سياسي ۽ اقتصادي حق آهن، جيڪي سنڌي ماڻهو اقتداري ڌرين، رياست ۽ حڪمرانن کان گھرن ٿا ۽ پنهنجي مستقل مزاجي ۽ نون ڍنگن ۽ نون طريقن واري جدوجھد ذريعي اهي حق ڏاڪي به ڏاڪي ضرور حاصل ٿيندا. پر ٻئي طرف هڪڙا اهي مسئلا ۽ معاملا آهن، جن لاءِ رڳو حڪمرانن تي ڀاڙڻ بدران سياسي تنظيمن جي ڪارڪنن، نوجوانن سميت سڀني کي به عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. مثال طور: بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ، ڳوٺن ۾ لائبريريون، ڪمپيوٽر سينٽر کولڻ، غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي صحت جي بنيادي اصولن جي ڄاڻ ڏيڻ، هيپاٽائٽس ۽ ايڊز کان بچڻ لاءِ استعمال ٿيل سرنج ۽ بليڊن وغيره جي ٻيهر استعمال جي نقصانن کان ڄاڻ ڏيڻ، پاڻي صاف ڪري ۽ اُٻاري پيئڻ، پاڙن ۽ گھٽين مان گندگي هٽائڻ، ڪينالن ۽ سم نالن جي وهڪرن جي رستن تان رڪاوٽون هٽائڻ، بندن ۽ زمين تان مٽيءَ جي غير قانوني کوٽائي ختم ڪرڻ، وڻن جي واڍي روڪرائڻ، ترقياتي ڪمن تي نظر رکڻ، منشيات جو خاتمو ڪرائڻ، هوٽلن تي ويهي سڄو ڏينهن چانهيون پي فلمون ڏسي وقت خراب ڪرڻ، مائٽن ۽ استادن سان بدتميزي، عورتن، ٻارن ۽ جانورن سان ظالمانه سلوڪ، زوري مذهب مٽائڻ، مذهبي انتهاپسندي ۽ متڀيد، روزگار ۽ نوڪري کي گھربل ٽائيم نه ڏيڻ جھڙين براين کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀني کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
ضروت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جا گھڻ گھرا اها مهم هلائين ته سنڌي ماڻهو ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ اچي رهن ته جيئن پڙهن، نوڪريون ڪن ۽ ڪاروبار ڪن. ان سان گڏ لاهور، اسلام آباد ۽ پشاور وڃن ۽ پوءِ واشنگٽن، لنڊن، پئرس، ڪوالالمپور ۽ سڊني کي مرڪز بڻائين، ڪامن ويلٿ ۽ فلبرائٽ اسڪالرشپون حاصل ڪن. پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين جون تنظيمون ان سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪري سگھن ٿيون، بلڪل ائين جيئن اسلام آباد جي سنڌين سنڌ کان ايندڙ سنڌين لاءِ هڪ رعايتي اگھه واري هاسٽل اسلام آباد ۾ قائم ڪئي آهي. شاگرد تنظيمن کي پنهنجا ناتا شاگردن ۽ نوجوانن جي عالمي تنظيمن سان به جوڙڻا پوندا پر اهو تڏهن ٿي سگھندو، جڏهن اسان ٻه اکر انگريزيءَ جا ۽ ڪجھه ڄاڻ ڪمپيوٽر، اِي ميل ۽ انٽرنيٽ جي رکندا هجون.
تعليم جي خواهشمند نوجوانن ۽ ٻارن جا مجموعي طرح پنج قسم آهن، هڪڙا جيڪي غربت يا وسيلن جي نه هئڻ ڪري پڙهي نٿا سگھن. ٻيا وري جيڪي مائٽن يا ماحول جي ڪري فقط ديني تعليم کي ئي تعليم سمجهي وڌيڪ پڙهڻ جي ضرورت محسوس نٿا ڪن، جن ۾ اڪثريت ڳوٺاڻين نياڻين جي آهي، ٽيان اهي، جيڪي پڙهن ٿا پر رواجي اسڪولن ۽ اڻپورين سهولتن ۽ ڪاپي ڪلچر ۽ مدي خارج غنڊه گرديءَ واري شاگرد سياست جي ڪري ڊگري هئڻ جي باوجود پٺتي رهجيو وڃن. چوٿان اهي، جيڪي اڻپورن وسيلن، غير معياري تعليم ۽ غربت باوجود شديد محنت ڪريو شاندار ڪاميابيون ماڻين ٿا ۽ پنجان اهي، جيڪي ڀرپور وسيلن ۽ بهترين سهولتن ڪري پرائيويٽ اسڪولن ۽ اعليٰ ادارن ۾ پڙهي اڳتي نڪري وڃن ٿا. انهن پنج قسمن مان شديد خطري ۾ اهي ٻه قسم آهن، جيڪي يا ته پڙهي نٿا سگهن يا کين اعليٰ سائنسي تعليم حاصل ڪرڻ نٿي ڏني وڃي. ڪئين صدين کان مسلمان اولهه جي ترقي، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي ويجهو نه آيا، يا هو ويجهو آيا ته هر سائنسي سبجيڪٽ ۾ ڏنل ڪو نه ڪو باب ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان فزڪس، ڪيمسٽري، بائلاجي يا سوشل سائنسز سان ٽڪراءَ ۾ ٿي نظر آيو. ويهين صديءَ جي آخر ۾ آهستي آهستي مسلمانن کي احساس ٿيڻ لڳو ته کين جديد زندگي گذارڻ لاءِ اولهه جي فڪر ۽ معيارن سان مفاهمت ڪرڻي پوندي، ان سلسلي ۾ سر سيد احمد خان، جمال الدين افغاني، محمد عبده، نامڪ ڪمال، اسماعيل گاس پرسنڪي ۽ مرزا ملڪوم جهڙن مثبت مصرين، ترڪن، تاجڪن، هندستانين بنيادي ڪردار ادا ڪيو. سنڌ جي اسٽريٽجڪ حيثيت، 71 سيڪڙو گئس ۽ 59 سيڪڙو پيٽرول، ڪوئلي ۽ بندرگاهه کي نظر ۾ رکي گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان سنڌ سميت پاڪستان ۾ ضياءُ الحق واري انتهاپسندي پير پير ۾ ڏيئي ٻيهر مذهب کي سائنس سان ٽڪراءَ ۾ آڻڻ واري واٽ تي هلي پيئي. ان ٽڪر واري صورت مان نڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته مذهبي جماعتن جو جيڪو تبليغ ۽ خدمت وارو مثبت رويو آهي، اهو اسان جا نوجوان اختيار ڪن ۽ حادثن، قدرتي آفتن، تعليم جي تباهي، ٻوڏن برساتن دوران ماڻهن جي واهر ڪن ۽ مذهبي رجحان رکندڙ ماڻهن کي نظر انداز ڪرڻ يا گهٽ سمجهه بدران انهن سان پيار ڪن. انهن کي پنهنجو سمجهن ۽ انهن سان هلڪا ڦلڪا مهذب ۽ فضيلت واري زبان ۾ بحث مباحثا ڪن ۽ لطيف جو مطالعو ڪندا رهن، انهن کي چڱا ڪتاب پڙهائين ۽ ٻيو نه ته انهن کي ڊسڪوري، اينيمل پلانٽ ۽ نيشنل جاگرافڪ جهڙا چينل ڏيکارين. ٻئي طرف اهي شاگرد، جيڪي مائٽن جي پئسن جي ٽيڪ تي پرائيويٽ ادارن ۾ پڙهي يا اسڪالرشپون هٿ ڪري پرڏيهه ۾ آباد ٿيڻ کي وڏو ڪارنامو سمجهن ٿا، انهن جي به تربيت جي ضرورت آهي ته وڏي ٻيلي ۾ بي پاڙي ول ٿي سڄي حياتي گذارڻ بدران ٻاهران بهترين تعليم ۽ ڏوڪڙ ڪمائي اهي پنهنجي وطن ۾ اچي پنهنجي پٺتي پيل ماڻهن جي وچ ۾ ويهي اجتماعي فهم ۽ خوشحالي ۾ اضافي لاءِ ڪم ڪن.
شاگرد تنظيمن کي علم مخالف سرگرميون بند ڪرڻ گهرجن. سنڌ ۾ ماحولياتي تحفظ، انساني حقن، اقليتن، قيدين، عورتن، لاوارثن ۽ يتيم ٻارن ۽ جسماني طرح لاچار ماڻهن جا ڏينهن يا يڪجهتي جا هفتا ملهائجن، نه صرف اهو بلڪه قبضه گيري، حددخلين، رشوت خلاف ريليون ڪڍڻ گهرجن. ننڍن يا وڏن شهرن ۾ ماڻهن کي پاڻي ۽ بجلي، ٽرئفڪ قانونن ۽ پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين متعلق ۽ پبلڪ انٽريسٽ لٽيگيشن ذريعي حق حاصل ڪرڻ، ميونسپل قانونن ۽ فيملي لاز متعلق آگاهي پڻ ڏيڻ گهرجي ۽ سنڌ جي هر نوجوان کي فرسٽ ايڊ ۽ قانون جي بنيادي ڄاڻ وٺڻ يا ايل ايل بي ڪرڻ لاءِ آماده ڪجي، بظاهر اهي ڳالهيون ڪرڻ جي لسٽ ڪيڏي نه وڏي ۽ ناممڪن ٿي لڳي پر ٽيگور لکيو آهي ته، ”شام ويلي لهندڙ سج آخري ڇڙهي هڻندي چيو، آهي ڪو جو منهنجي جاءِ وٺي؟“ هڪ جهوپڙيءَ مان ننڍڙي ڏيئي آرس ڀڃي چيو، آئون ڪوشش ڪندس“.










