اعجاز ممنائي
ڪنهن دانشور ڪچهري ڪندي چيو ته پاڪستان جو وجود ضرور آيو آهي پر آزاد نه ٿيو آهي مان ڪجهه وقت سندس ان جملي تي غور ڪندي تاريخ جي ورق گراني ڪندي پنهنجي دل ۽ دماغ تي زور ڏنو ته دانشور جي ان جملي ۾ هڪ وڏو فلسفو سمايل هو ڇوته اسان تاريخ جي ڪتابن ۾ پڙهيو هو ته قائداعظم محمد علي جناح ۽ سندس ساٿين ھن خطي تان انگريز سرڪار جو تسلط ٽوڙڻ لاء پاڪستان جي وجود جي گهر ڪئي ۽ ڪيترائي ڪيس داخل ڪري قانوني دليل ڏيئي انگريزن جي غلاميء مان نجات ڏياري۔ بيشڪ غلامي هڪ وڏي گار آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪرڻ گهرجي۔پر ورهاڱي کان پهرين فقط هڪ انگريزن جي غلاميء ۾ هئاسين۔ جڏهن آزاديء جهڙي عظيم نعمت ملي ۽ اسلام جي نالي تي هڪ نئون ملڪ پاڪستان ٺهيو جنهن جو مطلب به سمجهايو ويو ته لااله الالله۔يعني ناهي ڪوئي معبود الله کان سواء۔۔۔ هاڻي هڪ الله جي عبادت ڪرڻي آهي ڪنهن ٻئي جي غلامي ڪرڻي ناهي ڇوته الله توهانکي آزاد پيدا ڪيو آهي انڪري هاڻي انگريزن جي غلاميء واري زندگي ختم ڪري آزاد ٿي پنهنجي زندگي گذاريو۔ اڄ ان آزاد ملڪ کي 77 سال پورا ٿيا آهن پر ڪوبه پاڪستاني پاڻ کي آزاد نه پيو سمجهي ڇوته هن مهل تائين نه پنهنجي سرحدن اندر حقيقي اسلامي نظام نافذ ڪري سگهيا آهيون ۽ نه ڪنهن اسلامي قانون تي عمل ڪري رهيا آهيون بلڪه ويتر آئي۔ايم۔ايف سميت هر ننڍي ۾ ننڍي ملڪ جا غلام ٿي ويا آهيون يعني بدترين غلامي جو شڪار آهيون۔ حڪمرانن جي روش سبب خداداد پاڪستان جا حالات روز بروز بدترين ٿيندا پيا وڃن۔ نه عدل وانصاف قائم ڪري سگهيا آهيون ۽ نه ئي وري امن و امان جي صورتحال بهتر ڪري سگهيا آهيون۔ هن ملڪ جو امير طبقو ڏينهون ڏينهن امير ترين ٿيندو پيو وڃي جڏهن ته غريب ٻه ويلا ماني کائڻ کان به محروم آهي۔حڪمران عوام جي ٽيڪس مان عياشيون ڪندا رهن ٿا ڪرپشن ادارن کي کوکلو بڻائي ڇڏيو آهي عوام کي احساس محروميء جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ناانصافي جي وجود سان ڳنڍي غلام بنائي رکيو ويو آهي
اهي غلاميء جا زنجير جيڪي 1947ع ۾ ٽوڙي آيا هئاسين تن ۾ وري اهو جڪڙجي ويا آهيون جو خود حڪمران چون ٿا ته اسان پنهنجي بجيٽ به ٻاهرين ملڪن جي چوڻ تي ٺاهيون ٿا۔ جيڪڏهن اهڙا نام نهاد ۽ غير زميوار حڪمران هوندا ته پوء ملڪ ترقي ڪيئن ڪندو۔ 77 سالن ۾ اسان قانون ۽ آئين جي پاسداري نه ڪري سگهيا آهيون۔ اسانجي پارليامينٽ مڇي مارڪيٽ جو ڏيک ڏئي ٿي۔ حڪمران عوام دشمن پاليسيون ٺاهي رهيا آهن۔جيڪي ڌرتي جا غدار ۽ دشمن آهن تن کي سونا تاج پارائي وڏا وڏا عهدا ڏنا پيا وڃن۔ آخر اسان پنهنجي نسلن کي ڪهڙي آزادي ملهائڻ جو سبق پيا سيکاريون۔آزادي ملهائڻ جو ڪو مقصد هوندو آهي ۽ هر سال پنهنجو احتساب ڪرڻو هوندو آهي ته سال ۾ اسان ڇا حاصل ڪيو ۽ ايندڙ سال تائين ڇا ڪنداسين۔ جيڪڏهن سال جي اندر ڪوتاهيون ٿيون آهن ته انهن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين پر هن ملڪ اندر 77 سالن ۾ نه پنهنجو احتساب ڪيو اٿئون ۽ نه ئي وري ڪا مستقبل لاء حڪمت عملي ٺاهي اٿئون۔جڏهن ڪو غريب ۽ مسڪين ڪنهن درد جي دانهن ٿو ڪري ته اسان سندس درد گهٽائڻ بجاء ويتر درد وڌائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪريون ٿا۔ جيڪڏهن پاڪستاني بجلي گئس ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيء گهرڻ جي دانهن ٿو ڪري ته کانئس اهي سڀ شيون کانئس اڃا پري ڪرڻ جون ڪوششون ٿين ٿيون۔ هر معاملي ۾ صرف عوام کي قرباني جو ٻڪر بڻايو ٿو وڃي، وفاق جي پنجاب نواز پاليسيء سبب هن وقت سنڌ بلوچستان ۽ ڪي۔پي۔ڪي عليحدگيء جا سانڀاها پيا ڪن ۽ ائين به چيو پيو وڃي ته پاڪستان 2030 تائين باقي رھندو، ان جو وڏو سبب معاشي ڪمزوري آهي اسان پنهنجا سڀ وسيلا ڌارين حوالي ڪري ڇڏيا آهن ۽ پاڻ پنڻ تي مجبور ٿي پيا آهيون۔ اسلامي جمهوريه پاڪستان 77 سالن ۾ پنهنجي پيرن تي بيهي نه سگهيو آهي۔ مخالفن کي چٿي سوڙهو ڪري پنهنجي ڪرسي بچائڻ ۽ خزانو لٽڻ لاء هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ وارن حڪمرانن ڪڏهن به پاڪستان کي ڏکئي وقت مان ڪڍڻ لاء سنجيدگي اختيار نه ڪئي آهي بلڪه جڏهن به پاڪستان تي ڏکيو وقت آيو آهي ته انهن پنهنجا آکيرا دبئي ۽ لنڊن ۾ وڃي اڏيا آهن۔ پنهنجون ملڪيتون پرڏيهه ۾ گڏ ڪري جمهوري پاڪستان کي وڏو نقصان پهچايو آهي جنهنڪري اڄ جو نوجوان طبقو پاڪستان لاء ڪم ڪرڻ لاء تيار ناهي،ھتان جو ڪرپٽ نظام ملڪ کي جمهوري پٽڙي تي هلڻ ئي نه ٿو ڏيئي۔ واري واري سان حڪومت ڪندڙ ٻئي پارٽيون قومي خزاني کي اڏوهيء وانگر کائي چٽ ڪري رهيون آهن۔نه رڳو ايترو پر انهن ٻنهي پارٽين جي ملي ڀڳت سان گهڻيون سيٽون حاصل ڪندڙ پارٽيء کي غداريء جا الزام هڻي پوئتي ڌڪيو ويو توڙي جو عمران خان جي گورننس معياري نه ھئي، تنهن هوندي به عوام سمجهي ويو ته اهو ئي سربراهه ملڪ کي غلاميء مان نجات ڏياري سگهي ٿو۔ 77 سالن جو گند هڪ ڏينهن يا هڪ سال ۾ صاف نه ٿيندو ان لاء وقت گهربل هجي ٿو۔ اها حڪومت پائدار هوندي آهي جيڪا عوام کي ٿورو گھڻو رليف ڏئي۔ ائين نه ٿئي ته ”قرض اتارو ملڪ سنوارو“ جو نعرو هڻي عوام کان کربين روپيا گڏ ڪري لنڊن ۾ پنهنجون ملڪيتون وڃي وٺجن۔ يا وري اٽو لٽو ۽ اجهو جو نعرو ڏئي عوام کان اهي ٽئي شيون کسي کيس ڪنگال بڻائجي۔ اهڙي آزاديء کان موت کي ترجيح ڏيڻ بهتر ٿيندو۔ اڄ ملڪ جو ھر فرد پريشان آھي، اهو آزادي وارو ڏينهن ڪيئن ملهائي سگهندو جو سندس ٻار بک ۽ بدحاليء جو شڪار هجن۔ غربت ۽ بيروزگاري سندس مقدر بڻيل هجي امن و امان جي صورتحال بدتر هجي۔ مھانگائي عوج تي هجي۔ تيل جا روز اگهه چڙهندا هجن۔ سرحدون محفوظ نه هجن۔ پاڙيسرين ملڪن سان ناتا بهتر نه هجن۔ معاشي ۽ سياسي مضبوطي نه هجي۔ هر وقت مارشل لا جو خوف ذهن تي طاري هجي۔ بجلي، گيس ۽ عام واھپي جي شين ۾ جي قيمتن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو هجي ته اهڙي صورتحال ۾ نوجوان نسل پنهنجي سوچ تبديل نه ڪري سگهندو ۽ ائين پيو چوندو ته پاڪستان وجود ۾ ضرور آيو آهي پر آزاد نه ٿيو آهي ۽ آزاديء جو مقصد نچڻ ۽ ڪڏڻ کان سواء ڪجهه ناهي۔اچو ملڪ جي هن 77هين جشن آزاديء جي موقعي تي قوم سان عهد ڪريون ته پاڪستان جنهن مقصد لاء حاصل ڪيو هو اسان سڀ گڏجي ان مقصد جي حصول لاء ڪوشش ڪنداسين جيڪي مقصد جي حصول ۾ رڪاوٽون اينديون يا سازشون ٿينديون تنهن جو گڏيل سگهه سان مقابلو ڪنداسين ڇوته اسان جي بزرگن پنهنجي جان مال ۽ اولاد ان لاء قربان ڪيو هو ته جيئن اسان پنهنجي زندگي خوشحال گذاري سگهون۔










