ڍاڪا(ويب ڊيسڪ)ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت نه وڃڻ واري معاملي تي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي) کي هڪ ٻيو خط لکي ڇڏيو آهي۔
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي عملدارن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت نه وڃڻ بابت رانديگرن سان ملاقات ڪري سندن موقف معلوم ڪيو، جنهن کانپوءِ ميڊيا بريفنگ دوران راندين جي وزير آصف نظرل ٽيم کي ڀارت نه موڪلڻ واري فيصلي تي قائم رهڻ بابت آگاهه ڪيو۔
ذريعن موجب، هن فيصلي جي روشني ۾ بي سي بي آئي سي سي کي ٻيهر خط لکي رابطو ڪيو آهي ۽ بنگلاديش جا ميچ ڀارت مان منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي۔
ذريعن جو چوڻ آهي ته بي سي بي ڪيس کي آئي سي سي جي انڊيپنڊنٽ ڊسپيوٽ ريزوليوشن ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جو به چيو آهي۔
ياد رهي ته ڀارت ۾ سيڪيورٽي خدشن ۽ فاسٽ بولر مستفيز الرحمان کي انڊين پريميئر ليگ مان ٻاهر ڪرڻ کان پوءِ بنگلاديش پنهنجي ٽيم ڀارت موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو۔
آئي سي سي هڪ ڏينهن اڳ بنگلاديش جي جاءِ تي ڪنهن نئين ٽيم کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو۔










