پاڪستان ۾ ٻارن تي وڌندڙ جنسي تشدد جو رجهان ۽ رياست جي ذميواري

پاڪستان ۾ ٻارن تي وڌندڙ جنسي تشدد جو رجهان ۽ رياست جي ذميواري

مجيد نواز مغل
ٻار ڪنھن به قوم ۽ ملڪ جا معمار ٿين ٿا ـ يعني بنياد فراھم ڪندڙ ـ جنھن ملڪ يا قوم جو بنياد پڪو نه ھوندو اھو ملڪ يا قوم جو مستقبل تابناڪ ھجڻ بجاء اوندھ ھوندو ـ ان ڪري ٻارن جي سکيا ۽ تعليم بنيادي شيون آھن۽ اھو سندن حق به آھيـ انھن مٿان ھر ھڪ کي خصوصي توجھ ڏيڻ گھرجي ـ ان لاء شعور ڏنو وڃي ته پنھنجن ٻارن جي تربيت يا سکيا لاء والدين ڇا ڇا ڪن پر ھت ٿئي اھو ٿو جو اسان جي مستقبل جا معمار گيراجن ھوٽلن ۽ دوڪانن تي پورھيو ڪندي نظر اچن ٿا جيتوڻڪي سندن عمر تعليم حاصل ڪرڻ يا راند روند جي ھجي ٿي ـ
اسان وٽ مھانگائي بيروزگاري ۽ غربت سبب پنھنجو ۽ پنھنجي ڪٽنبن جو پيٽ پالڻ مسئلو ٿي پيو آھي ـ جنھن جي ڪري ٻارن جو ھڪ وڏو انگ اسڪول وڃڻ بدران پورھيو ڪري ٿو ۽ پنھنجي ڪٽنبن جي غربت ڪارڻ تعليم کان محروم رھجيو وڃي ٿو ـ ھڪ اندازي موجب 78 سيڪڙو کان به وڌيڪ ٻار اسڪول نٿا وڃن ـ ننڍن ٻارن مٿان پورھيو ڪرائڻ تي پابندي ھجڻ ۽ قانون موجود ھجڻ باوجود ھر سال 2 ڪروڙ 85 لک ٻار پورھيو ڪن ٿا ـ
گڏيل قومن جي اداري يونيسيف جي ٻارن لاء ٺاھيل چارٽر مٿان پاڪستان جي صحي ڀاوجود ھتي ٻارن جي تعليم ۽ صحت جو جوڳو خيال نٿو رکيو وڃي بلڪي تعليم حاصل ڪرڻ کي مشڪل بڻايو ويو آھي ـ ٻين اسرندڙ ملڪن جيان بيروزگاري الائونس ڏيڻ يا ٻارن جي ڄمڻ تي سرڪاري سھولتون ڏيڻ جو ڪو رواج ھتي ناھي ـ اسڪولن ۾ ٻارن مان ان ڪتابن جو وڏو بار وڌو وڃي ٿو ـ نصابي ڪورس نھايت بڪواس ٺاھيل آھي ـ جنھن موجب دنيا سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي سائنسي ۽ جديد تعليم جو تصور ناممڪن نظر اچي ٿو ـ ان ڪري ئي اسان وٽ سٺا سائنس دان ۽ معشيت دان سامھون نٿا اچن ـ غير سائنسي ۽ جدت کان خالي مدي خارج ڪورس ھجڻ ڪري اسان چي مستقبل جو معمار ھلندڙ صديء کان ڪافي پوئتي آھي ـ
جيسيتاائين ٻاراڻي ادب جو سوال آھي ته اسان وٽ وڏا اديب ٻارن لاء ادب تخليق نٿا ڪن ـ ان طرف ڪنھن جو توجھ ئي ناھي ـ تمام گھٽ ٻارن جو ادب تخليق ٿئي پيو ـ اھڙن اديبن يا شاعرن جو انگ اٽي ۾ لوڻ برابر آھي جيڪي ٻاراڻي ادب کي ھٿي وٺرائڻ ۾ مصروف آھن۔ جڏھن ته سرڪاري طور تي پڻ ان بابت ڪو خاص تحرڪ نٿو ورتو وڃي ـ سرڪاري اسڪولن جي حالت نھايت خراب آھي ـ بلڊنگس جي حالت نھايت خستا آھي ـ جنھن جي ڪري ٻار زخمي ٿيندا رھن ٿا ـ فرنيچر جي کوٽ سبب ٻارڙا وڻن ھيٺان ۽ کليل ميدانن ۾ پڙھائي ڪرڻ تي مجبور آھي ـ 39 سيڪڙو سرڪاري اسڪولن جا استاد گھر ويٺي پگھارون کڻن ٿا ـ جن جا اسڪول عملي طرح سان بند يا وڏيرن جي اوطاق بڻيل آھن پر ڪاغذن ۾ اسڪولن جي حيثيت سان موجود آھن ـ ان کان سواء خانگي اسڪولن جي لٽ مار انتھا تائين پھچي چڪي آھي ـ ٻارن جا والدين خانگي اسڪولن جي انتظاميا کان بيزار نظر اچن ٿا ـ انھن خانگي اسڪولن طرفان مختلف بھانن ۽ حيلن سان رقمون وٺڻ جو اڻکٺ سلسلو پڻ جاري آھي ـ
ٻارن جا جيل جدا نٿا رکيا وڃن ـ جنھن جي ڪري ٻارن سان جنسي تشدد جا واقعا عام چام آھن۔ مدرسن ۽ مسجدن جي ھجرن ۾ معصوم ٻارن سان جنسي لاڳاپا رکڻ عام ڳالھ ٿي پئي آھي ـ ان بابت خبرون اخبارن جي زينت بڻبيون رھن ٿيون ـ جنھن ۾ مذھب جي ٺيڪيدارن جو ھٿ آھي ـ ان ۾ نياڻين جي عزت کي خطرا ھر وقت رھن ٿا ـ انگن اکرن موجب ھر سال 33 ھزار ٻارن تي جنسي تشدد جا واقعا پاڪستان ۾ ٿين ٿا ـ ڪراچي جي ايڌھي سينٽر جي پاگل خاني يا حيدر آباد جي گدو اسپتال ۾ ننڍي عمر وارن مريضن سان زوري جنسي لاڳاپا رکڻ عام رواجي ڳالھ ٿي پئي آھي ـ ان ڪڍي ڪم ۾ ميل نرسنگ اسٽاف چوڪيدار ۽ پٽوالا ملوث آھن۔ ھر سال بنا والدين وارا 22 ھزار ٻار ايڌھي حوالي ڪيا وڃن ـ ان ۾ ناجأئز طريقي سان جنم وٺندڙ ٻار پڻ شامل آھن ـ سنڌ ھر سال 3 ھزار جي لڳ ڀڳ ٻار اغوا ڪيا وڃن ٿا ـ ٻئي طرف عربن جي اٺن واري خطرناڪ راند لاء 321 ٻار ساليانو ھتان اسمگل ٿين ٿا ـ بھتر ۽ بروقت صحت جون سھولتون نه ملڻ ڪري 3200 ٻار ننڍي عمر ۾ مري وڃن ٿا ـ اسان وٽ سنڌ ۾ ساليانو 368 معصوم نياڻيون وڏي عمر جي مردن سان پرڻايون وڃن ٿيون ـ 228 ٻار مختلف ڪڌي رسمن جنھن ۾ ڪارو ڪاري پڻ شامل آھي جو شڪار ٿين ٿا ـ
انساني حقن واري اداري يونيسف جي چارٽر موجب ٻارن جي تعليمي ۽ جسماني تربيت نه ٿيندي ته اھڙو خراب حشر وارو نظام جاري رھندو ـ ان لاء ھتان جون ٻارن جي ادارن ۽ تنظيمن کي جدوجھد ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي ـ ٻاراڻي ادب کي ھٿي وٺرائڻ لاء سرڪار کي مختلف پروگرامز شروع ڪرڻ کپن ـ ٻارن مان جھالت جو انت آڻن لاء وڌ ۾ وڌ ٻارن کي تعليم وٺرائڻ جا خصوصي پروگرامز ٿيڻ گھرجن ـ اسان جي ٻھراڙين ۾ رھندڙ ماڻھن کي تعليم جي سھولت گھر ن جي ويجھو ڏيڻ بابت پلانبگ ڪري ان مٿان عمل ڪيو وڃي ـ معذور ٻارن چي سکيا ۽ تعليم تي خصوصي توجھ ڏني وڃي ـ معذور ٻارن جي والدين کي سھولتون فراھم ڪيون وڃن ته جيئن اھي پنھنجي ٻارن جي ذھني ۽ جسماني اوسر چڱي ريت ڪري سگھن۔

پهنجو تبصرو موڪليو