تحرير: طارق راڄپر
جيئن ته ڏينهون ڏينهون دنيا ڀر جي آدمشماريءَ ۾ واڌ ٿي رهي آهي. 1989ع جي دوران، وڌندڙ آباديءَ تي گهري نظر وجهي دنيا جي آباديءَ جو تعداد سامهون آيو، جنهن ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو، اهو تعداد لڳ ڀڳ پنج بلين هو. مسئلو تعداد وڌڻ نه، پر ان جو ماحول ۽ وسيلن تي اثرانداز ٿيڻ هو. آباديءَ جي واڌ سان مختلف وسيلن تي گهرو اثر پوي ٿو. آبادي وڌڻ جا فائدا به آهن ته نقصان به آهن. اهي نقصان قدرتي نه، پر اسان جي غلط حڪمت عملين جا نتيجا آهن، جيڪي اسان کي ڀوڳڻا پون ٿا. ڪٽنب جي رٿابندي هجڻ ضروري آهي، بلڪه اهو فيصلو ڪرڻ ضروري آهي ته هڪ گهر جو سربراهه ڪيترن فردن جو بار پنهنجي ڪلھن تي برداشت ڪري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته نئين نسل جي پرورش کان ويندي تعليم، روزگار توڙي شادي شده زندگيءَ لاءِ وسيلن جي ضرورت پوي ٿي.
جيئن آبادي وڌي ٿي، تيئن ئي وسيلن ۾ سوڙهاپ پير کڻي ٿي. هڪ گهر ۾ رهڻ وارا زمين تي ڏهه ڏهه گهر ٺاهي وٺن ٿا، جنهن جي ڪري زمين تي ۽ ٻين شين تي پڻ اثر پوي ٿو. شهرن ۾ وڌايل آباديءَ سبب شهر جو ماحول ڳوٺ کان تمام مختلف ٿي وڃي ٿو. ڳوٺن ۾ ڪشادا رستا، گهر، گهٽيون ۽ وڻن لاءِ خالي ميدان پڻ موجود آهن، جڏهن ته شهرن ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي ننڍڙي زمين جي پلاٽ تي هڪ کان وڌيڪ گهر تعمير ٿين ٿا ۽ هر ڪنهن لاءِ الڳ الڳ ڪمرا اڏجن ٿا. ان کان علاوه، آباديءَ جي واڌ سبب نوڪرين ۽ ٻين بنيادي شين تي به دٻاءُ پوي ٿو.
عالمي آباديءَ جو ڏينهن هر سال 11 جولاءِ تي ملهائجي ٿو. ان کي 1989ع ۾ گڏيل قومن (United Nations) شروع ڪيو هو، جيئن ماڻهن کي آباديءَ سان لاڳاپيل مسئلن جيئن صحت، تعليم، روزگار، ۽ ماحول بابت آگاهي ملي.
عالمي آبادي ڏينھن 2025 جو موضوع آهي:
“نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، جيئن هو هڪ اميد ڀري دنيا ۾ پنهنجا پسنديده خاندان جوڙي سگهن.”
هي موضوع زور ڏئي ٿو ته نوجوانن کي پنهنجي مستقبل ٺاهڻ لاءِ حق ۽ موقعا ضرور ملڻ گهرجن، ته جيئن هو ڄاڻ، آزادي ۽ اميد سان پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري سگهن.
1798ع ۾ ٿامس رابرٽ مالٿس “آبادي جي اصول تي مضمون” لکيو، جنهن ۾ وڌندڙ آبادي بابت خدشا ظاهر ڪيا ويا. ان وقت دنيا جي آبادي لڳ ڀڳ 90 ملين هئي، جيڪا اڄ 8 ڀيرا وڌي چڪي آهي.
هاڻي ڌرتيءَ تي لڳ ڀڳ 8.1 ارب ماڻهو رهن ٿا، ۽ اندازن موجب 2050ع تائين آبادي 10 ارب تائين پهچي سگھي ٿي!
2024ع جي انگن اکرن موجب، دنيا ۾ هر 1,000 ماڻهن مان لڳ ڀڳ 17 ٻار ڄمجن ٿا. ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ڌرتيءَ تي هر سيڪنڊ ۾ لڳ ڀڳ 4 ٻار پيدا ٿين ٿا، ۽ هر منٽ ۾ 260 نوان زندگيءَ جا داستان شروع ٿين ٿا.
ٻئي پاسي، زندگيءَ جي هن وهڪري سان گڏ، هر سيڪنڊ ۾ لڳ ڀڳ 2 ماڻهو دنيا ڇڏين ٿا، جنهن جو مطلب آهي ته هر منٽ ۾ لڳ ڀڳ 121 ماڻهو الوداع چون ٿا. هي زندگيءَ جو مسلسل چڪر آهي، جتي نوان داستان شروع ٿين ٿا ۽ ڪجھ پنهنجو سفر پورو ڪري، آخري منزل طرف روان دوان ٿين ٿا.
اسلامي عقيدي کان ڏسجي ته ڪائنات جي خالق هن ڌرتيءَ تي پنهنجي مخلوق لاءِ وسيلن جو بندوبست پهريان ئي ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباديءَ جي رٿابندي ڪرڻ بدران وسيلن جي بهتر منصوبه بندي تي زور ڀري ٿو، جيئن قرآن پاڪ ۾ بيان ٿيل آهي:
۽ پنهنجي اولاد کي سڃائيءَ جي ڊپ کان ماري نه ڇڏيو. انهن کي ۽ اوهان کي اسين ئي روزي ڏيون ٿا. بيشڪ انهن جو مارڻ وڏو گناھ آهي. (سورة بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ آيت 31)
۽ ٻي جاءِ تي: “بيشڪ الله ئي روزي ڏيندڙ آهي، زبردست طاقت وارو” (سورة الذاريات، آيت 58)
1968ع ۾ پال ايرلچ “پاپوليشن بام” نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن 1985ع تائين مختلف وسيلن جي کوٽ جو خدشو ظاهر ڪيو، جيڪو اڳتي هلي بي بنياد ثابت ٿيو.
سچ ته آهي ته وڌندڙ آبادي ملڪ لاءِ فائديمند آهي، ڇو ته اها انساني وسيلن ۾ واڌ آڻي ٿي. پيداوار، معيشت ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ به ترقي ٿئي ٿي. هر انسان رزق سان پيدا ٿئي ٿو، تنهنڪري آبادي غربت نه، پر خوشحاليءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جيڪڏهن وسيلن جي بهتر منصوبه بندي ڪئي وڃي. آباديءَ جي واڌ پاڻ ۾ ڪو خطرو ناهي؛ اصل خطرو وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ منصوبابنديءَ جي کوٽ آهي. جيڪڏهن حڪمت عمليءَ سان وسيلن کي سنڀاليو وڃي ته آبادي قوم جي طاقت بڻجي سگهي ٿي، نه ته ڪمزوري.










