طفيل مگسي
بيپاتيا انساني تاريخ جي پهرين رياضي دان هئي ۽ ھوء هڪ استاد.فلڪيات جي ماهر ۽ فلسفي هئي.جڏھن اسڪندريا ۾ پلوٽونڪ اسڪول جي قيادت ڪيائين .380ع ۾ بيپاتيا مصر جي رومي حڪمرانن جي تحت اسڪندريا ۾ جنم ورتو.ان ڪري هوء يوناني نسل جي مصري هئي.بيپاتيا جو نانء يوناني ٻوليء ۾“ بيپاتوس“کان ورتل آھي.جنهن جو مطلب آھي مٿاهين مقام واري.
هن جو والد رومي رياضي دان.۽ فلسفي “ٿيون“اسڪندري هو.جيڪو اسڪندريا يونيورسٽي جو اڳواڻ ھو ۽ ھن پنهنجي نياڻيء بيپاتيا کي سائنس جي تعليم ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.جيڪا بيپاتيا هن کان به اڳتي نڪري وئي.
جڏھن بيپاتيا 20سالن جي هئي.هن جي والد هن کي ايٿنز ۽ روم موڪليو ته جيئن هوء مختلف علم ۽ فلسفو پڙھي سگهي.جڏھن هوء واپس مصر آئي ته هن اسڪندريا يونيورسٽي ۾ رياضي ۽ فلسفي جي استاد جي طور تي ڪم ڪيو.هن جا ليڪچرز شاگردن ۾ نهايت مشھور مقبول هئا.جيڪي خاص طور تي ڏورانهن علائقن کان ڪهي ايندا هئا.هوء پنهنجن شاگردن سان خط وڪتابت به رکندي هئي.جنهن ۾ سڀ کان اهم شاگرد “ سنيوسيس ڪرينائي“هو.جيڪو“پتولومائيس“(اڄ جي لبيا) جو عيسائي عالم هو.
بيپاتيا نهايت ئي خوبصورت شڪل وصورت ۽ منهن ومهانڊي جي عورت هئي.هن جا اڪثر شاگرد هن سان محبت ڪندا هئا ۽ ڪيترن ئي هن سان شادي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.ليڪن تاريخ جا ڪتاب ٻڌائين ٿا ته بيپاتيا ڪڏھن به شادي نه ڪئي.هن جا اخلاق بلند مرتبي جا هئا.نفس نهايت شريف هئيس ۽ ھن جو ذھن صرف علم ۽ فلسفي ۾ مصروف رهندو هو.هوء ھئي ۽ عوام جي سامهون اچڻ کان پاسو ڪندي هئي.حالانڪ هو ججن ۽ شھر جي حاڪمن جي سامهون بيهي ڪري پنهنجي وقار کي برقرار رکندي هئي.
بيپاتيا اهڙي زماني ۾ زنده هئي.جڏھن بت پرستي.مسيحن ۽ يهودين جي وچ ۾ جهيڙا جهٽا هلي رهيا هئا.هوء امن جي پيامبر هئي ۽ امن جي پيروڪارن ۾ ڪيترائي تعليم يافته ۽ معاشري جا اڳواڻ شامل هئا.جيئن ته اسڪندريا جا حاڪم “اورسيڪوس“جيڪي هن جي شاگردن ۽ ويجهڙن دوستن منجهان هئا.ڪليسيا بيپاتيا جي پلو ٽونڪ نظرين جي سخت ترين مخالف هئي ۡ۽ اسڪندريا جوعيسائي عالم “ڪيرلس لول“هن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.هن کي جادوگراڻي ۽ الحاد جي الزام ۾ قتل ڪرڻ تي ڀڙڪايو ۽ واقعي.مسيحن جي هڪ گروپ هن جي گاڏي جو پيڇو ڪيو .جيڪا هن جي گهر ڏانهن وڃي رهي هئي.انهن هن کي زبردستي گاڏيء کان لاٿو ۽ پٿرن ۽ ھٿن سان مارڪٽ ڪئي.پوء ھن کي ڪپڙن کان آجو ڪيائون ۽ هن کي شھر جي گهٽين ۾ ننگو ڪري گهليائون.چيو وڃي ٿو ته هن جي کل به لاٿي وئي.ايستائين ته هوء بي جان ٿي وئي.انهن هن جي لاش کي سيبتارون اسٽريٽ ۾ ساڙي ڇڏيو.جنهن جو مطلب هو هن جي شان وقدر کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش هئي.بيپاتيا سان اهو واقعو 415ع ۾ پيش آيو ۽ بيپاتيا جي ان وقت عمر صرف 35سال هئي ؛؛؛










