اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي نااهلي فيصلي جي خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي 25 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي خميس تي چيف جسٽس عامر فاروق ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران پي ٽي آئي جي مددگار وڪيل بئريسٽر گوهر اپيل ڪئي ته بئريسٽر علي ظفر لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مصروف آهي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي عدالت ايندڙ هفتي لاءِ ڪيس مقرر ڪري ڇڏي قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ به انهن اهڙي قسم جي پٽيشن فائل ڪئي ان جي اهڙِ قسم جي پٽيشن لاهور هاءِ ڪورٽ۾ التوا هيٺ اهي هن عدالت کي به نه ٻڌايو ته ان جي ڪائي پٽيشن اتي التوا هيٺ آهي بئريسٽر گوهر چيو ته 7 ڊسمبر جي اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس کي چئلينج ڪيو آهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جستس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان ٻن هنڌن تي ته چئلينج نٿا ڪري سگهو جيڪڏهن هي آهي ته هي درخواست واپس ڪري ڇڏيو ڪائي ينگ ڪائونسل هي ڪم ڪري ته سمجهه ۾ اچي ٿو پر علي ظفر ته ايڏو سينيئر ڪائونسل آهي چيف جسٽس عامر فارق چيو ته فورم يا بئنچ جي تلاش جيڪا شروع ٿي وئي آهي اسان ان بابت اعطم سواتي ڪيس ۾ لکيو آهي، ڪلائينٽ کي ته رليف گهرجي ٿو هو ان کي بيشڪ مارس سان ملي وڃي جڏهن معاملو هتي آهي ته سرٽيفڪيٽ ۾ ظاهر نه ڪرڻ اوهان جي چال چلت کي ظاهر ڪري ٿو قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق هن ڪنڊڪٽ تي ان جي درخواست رد ٿئي ٿي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سوال ڪيو ته ايئن ٿيندو آهي ته هڪ ئي نوٽس کي ڪيترن ئي عدالتن ۾ چئلينج ڪيو وڃي پي ٽي آئي جي مددگار وڪيل بئريسٽر گوهر چيو ته بئريسٽر علي طفر ايندو اهو ئي دليل ڏيندو چيف جستس عامر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو ته هتي ئي ڪيس ۾ ٻن هنڌن تي ته درخواست نٿي ڏئي سگهجي بئريسٽر گوهر چيو ته هن معاملي تي بئريسٽر علي ظفر ئي جواب ڏيندو عدالت کي اپيل آهي ته ايندڙ هفتي جي ڪائي تاريخ ڏئي ڇڏيو چيف جسٽس مرڪندي پي ٽي آئي جي مددگار وڪيل کان پڇا ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڇا ڪوئي معجزو ٿي ويندو؟ چيف جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو ته اها سٺي شئي نه آهي جيڪڏهن اسان پڙهيل لکيل ماڻهو به اهڙو ڪم ڪريون اسلام آباد توشه خانه ڪيس تي وڌيڪ ٻڌڻي 25 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










