اي اي عباسي
پنهنجي ملڪ پاڪستان کي ﷲ پاڪ بيشمار قدرتي وسيلن نعمتن سان مالا مال بڻايو آهي. هن ملڪ ۾ سموريون مندون آهن هن ملڪ م ڪڻڪ، چانور، وونئڻ، اناج، سبزيون، فروٽ، ميوات، درياهه، سمنڊ، بندرگاهه، ڪوئلو، تيل پئٽرول، گيس ۽ معدنيات سان ڀرپور ٻيون نعمتون موجود آهن مقصد ته هن ملڪ پاڪستان تي ﷲ تعالٰي وڏو مهربان ڪرم ڪندڙ آهي پر ڪجهه نااهلن جي ڪري هن ملڪ کي اڏوهي جيان اندر ئي اندر کاهيون پيو وڃي. جنهن ۾ ڪي ٻيا ناهن بلڪ هر هڪ سمجهي سگهي ٿو ته ڪير آهن سڄي ملڪ جو عوام پنجويهه ڪروڙ عوام هن وقت سڀ کان وڌيڪ هٿرادو ڪيل مهانگائي، هٿرادو هر شيء تي مصنوعي ٽيڪسون لڳائڻ، بجليءَ جي قيمتن جا بار بار بلڪ هڪ مهيني ۾ چار دفعا اگهه بجليءَ جا وڌائي، پئٽرول جون قيمتون وڌائي اهڙي ته مسخري مذاق عوام سان ڪئي پئي وڃي جنهن جو ڪو اندازو به نٿو ڪري سگهي، مٿان وري اهڙي ٻوسٽ واري گرميءَ ۾ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ ڳرا بل، ڊٽيڪشن وارا ڳاٽي ٽوڙ بجليءَ جا بل بجلي صارفين کي ذھني اذيت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ايتري قدر جو حيدرآباد جي شهري مزدور رڪشا ڊرائيور بجليءَ جو ڳرا بل اچڻ تي مهانگائي ۾ فيملي جو پيٽ پالڻ کان قاصر مٿان وري هزارين روپين جا بل اچڻ تي رڪشا ڊرائيور مجبورن احتجاجن وچ روڊ چوڪ تي سمورا ڪپڙا لاهي صفا ننگو ٿي نروار ٿيندي زارو و قطار روئيندي وقت جي حڪمرانن ۽ واپڊا کاتي جي آفيسرن عملدارن کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي جيڪو عمل ڪيو تنهن تي ايندڙ ويندڙ هزارين رستي ويندڙ فيملين خاندانن اهڙي واپڊا جي بي حسي تي شيم شيم ڪرڻ سان گڏوگڏ ئي وقت جي حڪمرانن کي عوام مٿان بجليءَ، گيس ۽ پئٽرول جي نالي ۾ لوٽمار ڪرڻ تي انهن به هٿ مٿي ڪري افسوس ڏک جو اظهار ڪرڻ سان گڏ ئي واپڊا جي اداري خلاف نعري بازي ڪئي. سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ هن وقت گرميءَ جي لهر چوٽ چڙهيل آهي. انتظاميه جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب ماڻهن کي اسپتالن تائين پهچايو ويو آهي ته ٻين کي وري موت جي منهن ۾ آڻي ڇڏيو آهي. اهڙي سخت ترين گرميءَ ۽ ساهه ٻوساٽيل ماحول ۾ به جڏهن بجليءَ جي لوڊشيڊنگ هجي ته پوءِ سنڌ جو عوام ڪيڏانهن وڃي؟، سنڌ جي عوام کي نڌڻڪو ۽ لاوارث بڻجڻ کان بچائڻ لاءِ ۽ سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ هن ڪاڙهي جهڙي گرميءَ ۾ به جڏهن 18 کان 20 ڪلاڪ بجلي بند ڪري لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ته حڪومتي حلقا عوامي راء کان بي خبر ڇو بڻيل آهن . سنڌ جي گرميءَ ۾ هڪ پاسي معصوم ٻارڙا تڙپي رهيا آهن ته ٻئي طرف وري ڪيترن شهرن ۾ ٻيو ته ٺهيو پر خود ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ به فوتگيون ٿي ويون آهن، گرمي ۾ ٻارڙن کي الٽيون، دست ۽ ٻيون بيمارين به وڪوڙي ويون آهن. ھيٽ اسٽروڪ سبب ضلع انتظاميا کي گهرجي ته هو به پنهنجي طرفان هنگامي بنيادن تي شهرن جي روڊن رستن، چوڪن چوراهن تي ٿڌي پاڻيءَ جون سبيلون لڳائيڻ لاءِ خصوصي انتظام ڪيا وڃن ۽ تعلقه ۽ ڊسٽرڪٽ ليول تي اسپتالن ۾ گرميءَ جي بچاء لاءِ او آر ايس سميت ٻيون مختلف شيون تدبير اپاءَ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن.سنڌ صوبي مان نڪرندڙ 77 سيڪڙو ٽيڪس، 75 گيس ، 100 سيڪڙو ڪوئلو ، 100 سيڪڙو معدني وسيلا سميت ٻين سنڌ جي معدنيات ذخيرن مطابق سنڌ صوبي کي ست ڪروڙ عوام مطابق پوري ۽ مڪمل بجلي ڏني وڃي، وفاقي شهباز شريف جي حڪومت سنڌ جي اڪثر علائقن شهرن ۾ سڄو سڄو ڏينهن غير قانوني غير اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ماڻهو ذهني ٽارچر دٻاء جو شڪار بڻجي ويا آهن، هڪ صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته بجلي صارفين بجلي بند ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيو ڪجهه به نه ڪن صرف واپڊا جي عملدارن کي انهن جي آفيسن ۾ بجليءَ کي بند لوڊشيڊنگ ڪري اتي آفيسن ۾ ئي انهن واپڊا آفيسرن کي 10 ڪلاڪ گرميءَ ۾ ويهاري ڇڏيو ته انهن کي به خبر پوي ته گرمي جي شدت ڇا ٿيندي آهي ۽ هروڀرو غير قانوني غير اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب عوام ڪيڏو ذهني پريشانين جي ور چڙهيل آهي. وري جيڪڏهن واپڊا جي تباهه ڪارين جي ڳالھ ڪجي ته انهن جي هڪ وڏي ڪاري خطرناڪ تاريخ آهي. واپڊا وارا به سنڌ جا ڄاوا آهن اهي هي نٿا سوچين ته سنڌ ڪهڙي قھري گرميءَ جي ور چڙهيل آهي. جيڪڏهن توهان واپڊا وارن جي ڪري غلط ريڊنگ، غلط اوور بلنگ ، غلط ڳرا بل اماڻڻ، بجليءَ جون زبون تارون، مدي خارج بجليءَ جا ٽرانسفارمر، ڏينهن جا ڏينهن، مهينن جا مهينا بجليءَ جا سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ ۾ سستي ڪاهلي، هڪ جاءِ کان ٻئي جاء ٻئين کان ٽئين جڳهه تي بجليءَ جا ميٽر لڳائڻ، فرمائشي بجليءَ جا ميٽر ساڙڻ، بار بار بجليءَ جا جهٽڪا لڳائي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي لوڊشيڊنگ کان الڳ بند ڪرڻ ، بجلي جي وولٽيج گهٽ وڌ ڪرڻ ، ڊم ڦل ڪرڻ، جيڪو ڪجهه ڪلاڪ بجلي اچي ٿي اها به هر پنجين ڏهين منٽن بعد بند ڪري جيڪا بجليءَ جي صارفين سان مذاق ۽ مسخري ڪئي پئي وڃي. انهيءَ جو اندازو نٿو ڪري سگهجي. بجليءَ جي وولٽيج گهٽ وڌ ڪرڻ ڪري صارفين جا فرج، موٽر مشين وغيره قيمتي سامان سڙي وڃڻ جا ذميوار واپڊا وارا آهن، شهرن ۾ مقرره ٽائيم کان علاوه بار بار هر ٻئي ڏينهن بجلي بند ڪري ڪنڊا تارون ڪٽڻ هٿرادو فالٽ جي بهاني سڄو ڏينهن بجلي ٻين بجلي صارفين جي بجلي بند ڪرڻ سراسر بجلي صارفين سان سراسر ظلم ۽ زيادتي آهي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي ( نيپرا ) هڪ مهيني م چوٿون ڀيرو تازو 11 جولاء تي وري بجليءَ جي قيمتن جي 7 رپيا 12 پئسا واڌ جو اعلان ڪيو آهي ۽ گهريلو صارفين تي 1000 هڪ هزار رپين تائين فڪسڊ چارجز جي منظوري ڏني وئي آهي، يعني پهرين جولاء کان مڙيئي هڪ هزار فڪس چارجز وصول ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي. دنيا جي اندر اهو اصول طريقه ڪار آهي ته جيتريون شيون سامان وڌيڪ ورتو ويندو آهي اوتري رعايت ڪئي ويندي آهي پر هتي ملڪي سطح تي لکين ڪروڙين بجلي صارفين کي نادر شاهي حڪم تحت آقا ۽ غلام واري تصور موجب هلائيندي 200 يونٽ بجليءَ جي قيمت 3083 رپيا، 201 يونٽن تي 8154 يعني صرف ۽ صرف هڪ يونٽ بجليءَ جي استعمال ڪرڻ تي 5071 رپيا صارفين کان دادا گيري ڪندي ورتا وڃن ٿا، اهڙي طرح لکين ڪروڙين صارفين آهن هڪ يونٽ وڌائڻ تي کربين رپيا ڦريا وڃن ٿا. ملڪ ۾ معشيت تباهه ۽ برباد ڪئي وئي آهي دبئي ليڪس اڃا ڪارا پڌرا ڪري ڇڏيا آهن پر الائي ڇو خاموشي جو منتر ۽ نوٽن جي برسات چڱن ڀلن کي خاموش ڪرائي ڇڏيو آهي. تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته هاڻي ملڪ جو نظام بجليءَ، گيس ۽ پئٽرول جي روز بروز قيمتن جي وڌائڻ سان آهي. سنڌ جي بجليءَ صارفين کي ايتري بجلي مهانگي ڏني پئي وڃي ڄڻ اها بجلي ديسي گيهه مان تيار ڪئي وڃي ٿي، ايران هڪ بليڪ لسٽ چڙهيل ملڪ آهي پر اتي ماني، پئٽرول، بجلي ،ڪپڙو سستو ترين ملي سگهي ٿو ۽ علاج توڙي تعليم بلڪل مفت آهي، ڇاڪاڻ ته اتي ڪرپشن جي سزا صرف موت آهي. پنهنجي ئي ملڪ ۾ گلگت بلتستان ۾ 300 بجلي گهريلو صارفين لاءِ ۽ ڪمرشل دڪاندارن کي 500 پنج سئو فڪسڊ مقرر آهي اهڙي طرح آزاد ڪشمير جي اٿليل عوامي سمنڊ پنهنجو پرامن احتجاج ڪندي انهن به بجليءَ جو في يونٽ 3 رپيا ۽ هڪ سئو يونٽ کان وڌيڪ استعمال ڪرڻ تي 5 رپيا قيمت مقرر ڪرائي ڇڏي ۽ انهن وٽ 24 ڪلاڪ بجلي هلندڙ آهي ڇا جي لوڊشيڊنگ ڪٿي به ڪنهن به قسم جي ڪا لوڊشيڊنگ ڪونهي. پنهنجي سنڌ ۾ بجليءَ جون قيمتون به ڳاٽي ٽوڙ ۽ 18 کان 20 ڪلاڪ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري مٿان بار بار جهٽڪا هڻائي، فالٽ ۽ ٻيا بهانا ڪري قھري گرميءَ ۾ بجليءَ صارفين کي بي حال ڪيو ويو آهي. مٿان وري ناجائز بل جدهن بجليءَ ئي ناهي هميشه لوڊشيڊنگ ته پوءِ بجلي جا بل ڇا جا موڪليا ٿا وڃن؟، اليڪشن کان اڳ سمورن سياستدانن واعدا ڪيا هئا ته 300 يونٽ بجلي فري مفت ڏني ويندي هاڻي مفت بجلي ته ٺهيو رڳو مناسب قيمت تي ڏني وڃي. جڏهن ته انڊيا ۾ 21 رپيا في يونٽ بجلي قيمت آهي، بنگلاديش في يونٽ 20 رپيا، افغانستان في يونٽ 15،سريلنڪا في يونٽ 25 اهڙي طرح ايران تمام سستي بجلي آهي پر پاڻ وٽ 62 رپيا في يونٽ ۽ ٽيڪسون، فڪسڊ هاڻي جولاء کان هڪ هزار ڌار اعلان ڪيو ويو آهي. شايد پوري برصغير ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگي بجلي اسان جي ملڪ ۾ آهي پوءِ به سڄو لوڊشيڊنگ آهي ته باقي پئسا ايتريون ساريون قيمتون ڪيئن وصول ڪرڻ جا نت نوان اعلان ڪري عوام جو ساهه ڪڍيو پيو وڃي. بجليءَ جي وزير ڊيرا غازي خان جي سردار اويس احمد خان لغاري جي 5 مهينن جي بجليءَ جو بل صرف ۽ صرف 124 هڪ سئو چو ويهه روپيا آيو آهي. جنهن جو ميٽر نمبر 1155995329 آهي. جو روٽي چرائي اسي سولي په چڙهائو، جو ملڪ ڪو لوٽي اسي ڪرسي پہ بٽها دو، اس دور ڪي منصف ني لکھا هي قلم سي، غربت نهين مٽتي هي تو غريبون ڪو مٽا دو. هڪ طرف پنجاب بل ريٽ 150 يونٽ جا 2600 رپيا قيمت ۽ سنڌ ۾ ساڳيو 150 يونٽ بجليءَ جي قيمت بل 6300 رپيا هجڻ سراسر زيادتي مترادف عمل آهي. بجلي صارفين کان 4 هزار 146 ارب رپيا بجليءَ جا وصول ڪيا ويا آهن جيڪا هتي بجلي ٺهي ئي ناهي سگهي، وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته واپڊا جي 48 هزار آفيسرن هڪ لک پنج هزار ملازمن کي ساليانو 39 ڪروڙ ڏهه لک مفت فري يونٽ ۽ 5 ارب، 25 ڪروڙ رپين جي سالياني فري بجلي استعمال ڪرائي وئي آهي. انهيءَ جو سڄو بار عام بجليءَ جي صارفين عوام کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي. واپڊا کاتي وارن ڪهڙو وڏو تاريخي ڪارنامو ڪري ڏيکاريو جو انهن کي عيد الاضحي جي موقعي تي هڪ پوري مهيني جي اعزازي مفت اضافي پگهار ڏني وئي. انهن کي ملندڙ اربين کربين رپين جي مفت بجلي نه عام صارفین تي بار آهي. آخر ۾ ائين چونداسين ته بي آء ايس پي لاءِ مقرر ڪيل 593 ارب رپيا پنڻ پروگرام بجاءِ اها رقم حڪومت واپڊا جو پيٽ ڀرڻ لاءِ سڀ کان پهرين ته مڪمل طور تي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ بجلي في يونٽ 3 يا 5 رپيا مقرر ڪندي هر گهر کي بجليءَ جو ميٽر ڏنو وڃي پوءِ جڏهن ڪروڙين ماڻهو بجليءَ جا نوان صارفين بڻجي ويندا ته ٻه فائدا ٿيندا پهريون بجليءَ جي چوري نه ٿيندي ڪو به ڪنڊي سسٽم نه هوندو نمبر ٻئي ڳالھ ته ڪروڙين نون بجليءَ صارفين سستي بجليءَ جي ٿيڻ سان خوشي خوشي بجلي جو بل ادا ڪري اربين کربين ملڪي ناڻي کي آمدني ٿيندي جيڪا آمدني تصور کان مٿي ٿيندي. بھوک پهرتي هي ميري ملڪ مين ننگي پائون، رزق ظالم ڪي ٽجوڙي مين چهپا بيٽها هي. جڏهن ته بجليءَ جي صارفين تي 310 ارب رپيا اضافي بار وجهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي. صرف 31 ڏينهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف حڪومت 1733 ارب رپين جو نئون قرض ورتو آهي ۽ هر ڏينهن 56 ارب رپين کان وڌيڪ قرضو بڻجي ٿو. انهن کان ڪو به پڇڻ وارو ڪونهي ته هيءَ اربين رپيا قرض وٺڻ بعد ڪيڏانهن ٿو وڃي. پاڪستان اقتصاديات سروي 2023/ 2024 موجب هن وقت هر پاڪستاني 2 لک 80 هزار رپين جو قرضي آهي. ملڪ تي مجموعي طور تي 67 هزار 525 ارب رپيا قرض آهي. حيران ڪندڙ هي ڳالهه آهي ته. I. M. F، آء ايم ايف ڪڏهن به بيورو ڪريسي ارڪان اسيمبليءَ ۽ حڪومتي عياشين کي ختم ڪرڻ لاءِ اهو مطالبو ڇو نه ڪيو آهي؟ ته حڪمران پنهنجون 300، 300 سئو سيڪڙو واڌ پگهارن جي ڇاڪاڻ ڪئي وئي آهي؟، جهاز جون ايئر لائينس ٽڪيٽون انهن کي فري ڇو آهن؟، اسيمبلين ۾ مراعتون سهولتون ڇاڪاڻ آهن؟، انهن جو هميشه سڄو زور رڳو بجليءَ، گيس، پئٽروليم، ٽيڪسون وڌائڻ يعني ملڪ جي عوام جي چيلهه چٻي ڪرڻ تي هوندو آهي.










