قومي ملڪيتون،ريگيوليٽري اٿارٽي هجڻ وقت جي اهم ضرورت آ

قومي ملڪيتون،ريگيوليٽري اٿارٽي هجڻ وقت جي اهم ضرورت آ

رحمت الله ٻرڙو
قومي ملڪيتن يا اثاثن کي بچائڻ لاء ڪو اهڙو جوڳو ادارو يا اٿارٽي ضروري آھي جيڪوپڻ انهن مٿان ريگيولر بنيادن تي ڪم ڪري ۽ انهن قومي ملڪيتن جي سارسنڀال لاء هر ٽن مهينن اندرهڪ اسيسمنٽ پيپر تيار ڪري مٿي هايراٿارٽيز کي عمل ڪرائڻ لاء ايڊوائيز ڪندو رهي.جيڪو پڻ ماهر ماڻھن تي مشتمل هجڻ ضروري آھي.جيئن هن وقت اسان جي ملڪ ۽ خاص طور سنڌ ۾ ظاهري طور سکربئراج جو مسئلو ٿي پيو آھي.هاڻي بنيادي طور تي اهو مسئلو هڪ وڏي عرصي کان وٺي دانهون ڪرڻ کان پوء به توجھ نه ڏيڻ يا وقت سر جوڳي توجھ نه ملڻ سبب هي هڪ وڏو قومي نقصان برابر پڻ مسئلو سامهون نمودار ٿيو آھي.ان ڪري جيڪڏهن اسان وٽ قومي سطح يا صوبائي سطح جو جيڪڏهن ڪو اهڙو ادارو جيڪو خصوصي طور بئراجز متعلق هجي جيئن بئراجز جي اسيسمنٽ اٿارٽي هن وقت تائين سامهون ناهي آئي. پر جيڪڏهن اهڙو ڪو ادارو هجي ها ته هي هيڏو وڏو قومي سانحي جهڙو سکر بئراج جهڙو مسئلو نه اچي ها.اهڙي ئي نموني طور سکر بئراج واري درازن جو لڙھي وڃڻ واري واقعي کي سامهون رکي صوبائي سطح تي اهڙي ڪا اٿارٽي ٺھڻ ضروري ٿي پئي آھي جيڪا پڻ ٽيڪنيڪل ماهرن تي مشتمل هجي ۽ اها سنڌ جي بئراجز جو هر وقت جائزو وٺندي رهي ۽ پنهنجي 3 ماهي رپورٽ ۾ حڪومت اعلي اختيارين کي پنهجي مشاهدي جي بنياد تي تجويز ڪندي رهي.
ارسا جهڙي اٿارٽي ڪم ڪري پئي پر هن وقت اسان جي سنڌ جي بئراجن جي ۽ خاص طور جيڪي ڪجھ مخصوص ننڍا ڊئم آھن سي پنهنجي هئيت ۾ ختم ٿيندا پيا وڃن انهن سار سنڀال لاء ارسا کان علاوه جي محسوس ٿئي ته قومي سطح جيڪڏهن نه ته پوء سنڌ حڪومت کي فوري توجھ ڏيندي سنڌ جي بئراجن ۽ ڊئمن جي بچاء لاء ھڪ بئراجز ڪنٽرولنگ ريگيوليٽري اٿارٽي باقاعده ٺاهڻي پوندي.ان اٿارٽيء کي کپي ته هو سنڌ جي بئراجز،درياھ جي مجموعي بندن ۽ درياھ مٿان ٺھيل پلين جي سار سنڀال ۽ انهن جي مدت کي سامهون رکي خاص طور تي اڄ سکر بئراج نئي ٺھڻ جو بنياد پوندو ته اڳتي هلي اسان 15 کان 20 سالن بعد ان تي ڪم مڪمل ڪري سگهون ٿا.اهڙي طرح گڊو بئراج،ڪوٽڙي بئراج تي به توجھ ڏيڻ ۽ انهن جي مشاهدي ڪرڻ بعد فوري ضرورت محسوس ٿئي ته پڻ متبادل تي ڪم ڪري سگهجي ٿو.ڇو ته جتي درياهي وهڪرن ذريعي سنڌ جي زراعت جيڪا پڻ ملڪي توڻي صوبائي زرعي اپت۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي سا پڻ سنڌ جي نهري نظام ۽ درياهي بئراجن تي دارومدار رکي ٿي.جنهن کي بچائڻ اشد ضروري آھي.اها سنڌ جي زراعت ڪيئن بچي سگهي ٿي تنهن لاء سنڌ جي بئراجن تي ڏيڻ قومي فريضو پڻ بنجي ٿو.هن وقت تائين جيڪو مشاهدي هيٺ سامهون آيو آھي ته خاص طور وفاقي حڪومت هجي يا سنڌ حڪومت پر افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته انهن قومي اثاثن کي بچائڻ يا Recover ڪرڻ يا Replace ڪرڻ جو ڪو پروگرام سامهون ناهي اچي سگهيو.موجوده سنڌ توڻي ملڪ جي صورتحال کي اڄ جي ڀيٽ ۾ 20 کان 25 سال اڳتي ڏسون ٿا ته ڏاڍي ڀيانڪ صورتحال سامهون اچڻ جا ڄڻ ته چٽا امڪان آھن.هيء صورتحال فقط سنڌ ۾ ناهي پر پوري ملڪ جي قومي اثاثن ۽ ادارن جي اها وڃي رهي آھي.سو وقت حالتون ۽ ضرورتون گهر ڪن ٿيون ته سنڌ ۾ خاص طور فوري طور تي اهڙي ڪا ريگيولٽري اٿارٽي ٺھڻ ضروري آھي جيڪا پڻ انهن قومي ملڪيتن ۽ قومي ادارن کي بچائڻ لاء۽ ان جاء تي متبادل لاء پڻ ڪم ڪري.جيڪا اٿارٽي پڻ پارليامنٽيرين جي ماتحت هجڻ ضروري آھي.جائزي طور چئي سگهجي ٿو ته آئل اينڊ گئس لاء ريگيوليٽري اٿارٽي ٺاهي وئي آھي.ايئن نيپرا آھي،پيپرا آھي.سو سنڌ حڪومت کي به کپي ته سنڌ جي قومي اثاثن جي بهتر سارسنڀال ۽ انهن جي متبادل لاء فوري توجھ ڏئي ڪم ڪرڻو پوندو.ته جيئن سنڌ جا قومي حيثيت جا اثاثا بئراجز ۽ خاص طور تي آبپاشي نظام ۽ سنڌ جي زراعت کي بچائي سگهجي.سنڌ جو اصلوڪي ماڻھون هن وقت به پنهنجي جياپي جي جنگ درياهي وهڪرن،بئراجز جي ذريعي نڪرندڙ واهن،۽ خاص طور زراعت سان پڻ سلهاڙيل آھي.هتي قومي ملڪيتن يا قومي نظام ۾ بهتر ڪردار ادا ڪندڙ اثاثن،ادارن ۽ انهن ادارن جي بهتري لاء وقت سر ڪم ڪونه ٿو ٿئي.ماضيء جي حڪومتن جي پاليسين کي ڏسو موجوده حڪومت جي پاليسين کي ڏسو ته اوهان کي انهن ۾ هڪ جهڙائي اها محسوس ٿيندي ته هو ڄڻ ته ڪو ڪنهن ايمرجنسيء جي انتظار ۾ ھوندا آھن ته ڪا اڻٽر صورتحال پيدا ٿئي ته ڪم ڪجي،جيئن پڻ تازو سکر بئراج وارو اشو سامهون آيو.اڳواٽ وقت سر يا وقت کان اڳ سوچڻ واري ڪا پاليسي پڻ سامهون ناهي ايندي،جيڪڏهن اهڙي صورتحال تي ڪم ڪجي ها ته سکر بئراج يا کوڙ اهڙو مسئلا سامهون اچن ئي ڪونه.اسان جي حڪمرانن ۽ پاليسي ميڪرز کي شايد اهو خيال آھي ته اسان قومي ادارن تي ايڏو وڏو خرچ ڪيئن ڪيون ۽ڪيڏانهن آڻيون!!ڳالھ اها ناهي ڳالھ سمجھ جي اها آھي اوهان پاليسي ميڪرز يا حڪمران حضرات ڪنهن قومي يا صوبائي اسم جيڪو پڻ وڏي حيثيت رکي ٿو تنهن تي توهان ڪو ادارو ٺاهي دنيا جي سيڙپڪارن ۽ خاص طور دوستن ملڪن کي دعوت ڏيو.هو اوهان جي تفصيلن،توهان جي جسٽيفڪيشن تي پڻ ضرور توجھ ڏيندا.هو اچي ڪم ڪري پنهنجي سيڙڪاري ڪندا اتان منافعو کڻي هليا ويندا.اهڙي طرح سان اسان جا قومي صوبائي توڻي ادارتي اسم ۽ اثاثا جڙي پوندا ۽ اسان دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اڳتي ترقيء طرف وڌي سگهون ٿا.ان ڪري حڪمرانن ۽ ملڪي اختيار ڌڻين کي خاص توجھ ڏئي پنهنجي potential کي دنيا جي سامهون آڻڻو پوندو.ان لاء صوبائي يا قومي سطح جو ڪو ريگيوليٽري اٿارٽي جهڙو ادارو سامهون آڻڻو پوندو. ڇو ته هن وقت اسان جي قومي شاهراهن جي پلين کي ڏٺو وڃي،ريلوي جي پلين کي ڏٺو وڃي ۽ خاص طور بئراجز کي ڏٺو وڃيته ۽ قومي سطح جي لنگھ/رستي تي جيڪي خاص طور پليون آھن بئراجز آھن تن سڀني جو لنگھ/رستو درياهي وهڪرن مٿان ٿئي ٿو.انهن جي سار سنڀال ۽ جائزو وٺڻ پڻ وقت جي اهم ضرورت پڻ آھي.قومي ملڪيتن کي بچائڻ لاء فوري طور هڪ ادارو ٺاهيو وڃي،جيڪڏهن نه ته ايندڙ ويهن سالن کان پوء اسان جون هي بئراجز،قومي شاهراھ تي ٻڌل پليون،يا ريلوي کي ڪراس ڪرڻ لاء ٺھيل پليون ڪنهن ڪم جو نه رهنديون ۽ انهن تي اجاين مرمتن مان ڪو فائدو ڪونه ٿيندو سواء ان جي ته قومي پئسي جو زيان پڻ وڌيڪ ٿيندو رهندو.هيوي مڪينيڪل ٽيڪسلا ڪامپليڪس آھي،ڪراچي شپ يارڊ آھي ٻيا به کوڙ قومي ادارا آھن جيڪي سکر بئراج جهڙي معامليتي ڪم ڪري سگهن ٿا پر هتي ڪو ڪرڻ وارو هجي.
ملڪ ۽ خاص طور صوبن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت قومي توڻي صوبائي ادارن جي اسمن کي وڪرو ڪرڻ تي ضرور ڏنو وڃي ٿو،جيڪڏهن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ وارو ادارو ڪم هلائي ٿو سگهي ۽گهٽ ماڻھن ۽ گهٽ معاوضي تي ته پوء سرڪاري ملازم گهڻائيء ۾ هوندي ۽ گهڻي پگهار هوندي قومي يا صوبائي ادارا سنڀالي ڇو ڪونه ٿا سگهن.هر آئي ڏينهن صوبائي ادارن يا قومي ادارن جا اعلان ۽ اشتهار اچن ٿا ته اسان ادارن کي نيلام ڪيون ٿا ڪو اچي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي بنياد تي پڻ خريد ڪري.سنڌ ۾ صحت جو کاتو ۽ اتي اسپتالن جو گهڻو نظام پي پيايڇ آء جي ماتحت ڏنو ويو آھي.اهڙي طرح تعليم جي شعبي سان وابسطا سرڪاري اسڪول به پڻ ڪجھ اين جي اوز ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڏنا وڃن ٿا.جڏهن ته وفاقي حڪومت ريلوي نظام تحت هلندڙ 22 مسافر ٽرين کي پرائيويٽ ڪرڻ جا اعلان پڻ ڪري رهي آھي.ريلوي ٽريڪ تان ڪمائيندا پرائيويٽ ادارا پر ريلوي ٽريڪ ۽ ريلوي پليون پڻ سرڪاري ادارو ٺاهيندو.!! ان ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته ملڪ جي اختيار ڌڻين کي کپي ته فوري طور ملڪي قومي ۽ صوبائي ادارن جي بهتريء لاء سچائيء ۽ ايمانداريء سان ڪم ڪن.جيڪڏهن نه ته پوء هيء جيڪا موجوده ملڪي ادارن جي صورتحال آھي سا پڻ بهتر ڪو نه آھي،جنهن کي بهتر ڪرڻ لاء اوهان کي ئي سخت اپاءوٺڻا پوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو