طبقاتي تعليمي نظام معاشري جي لاءِ ناسور

طبقاتي تعليمي نظام معاشري جي لاءِ ناسور

ڊاڪٽر مبار علي\طفيل مگسي
عام طور تي قومون تاريخ کان ڪو به سبق ناهن سکنديون ۽ انهن غلطين جو ورجاء ڪنديون آھن.جن جي سبب کان ٻيون قومون زوال پذير ٿيون.جيڪڏھن معاشري۾ زوال جا آثار چٽا نظر اچن ٿا ته رستو اهو آھي ته ان جو ذميوار سموري معاشري کي قرار ڏنو وڃي ٿو.ليڪن جيڪڏھن معاشري جي اونهائي جو مطالعو ڪيو وڃي ۽ ان جي زوال جي سببن جو تجزيو ڪيو وڃي ته اها ڳالھ ثابت ٿيندي ته گڏيل طور تي ڪو معاشرو خرابين جو ذميوار ناهي هوندو.ڇوته جيڪي خرابيون معاشري کي تباهي ڏانهن وٺي وڃن ٿيون.انهن ۾ به بدعنواني.عدم استحڪام.اقليت جو حڪومت ۽ اقتدار جو محدود هئڻ ۽ اڪثريت جو جو محرومي جو شڪار ٿيڻ.خاص سببب آھن.جيڪي معاشري جي زوال واري عمل کي نهايت ئي تيز ڪن ٿيون.ان ڪري انهن جي سببن جي ذميواري حڪمران اقيلتي طبقن تي اچي ٿي.ڇوته هڪ ڀيرو جڏھن اهي طبقا دولت ۽ اقتدار حاصل ڪري وٺن ٿا ته انهن جي خواهش ھوندي آھي ته پنهنجي حيثيت کي برقرار رکڻ جي لاء اڪثريت جي حقن کي چٿي ڪري انهن کي پنهنجي اثر ھيٺ رکن ۽ پاڻ سموري قوت وطاقت جا مالڪ بڻجي وڃن.
هڪ ڀيرو جڏھن اهي حڪمران طبقا سهوليتون حاصل ڪري وٺن ٿا ته انهن جي اها خواهش ٿي وڃي ٿي ته ڪو ٻيو انهن سان گڏ بلڪل شريڪ نه ٿيئي.ان ڪري اهي پاڻ ۾ ۽ عوام ۾ ھڪ حد مقرر ڪري پاڻ کي انهن کان الڳ ڪري ڇڏين ٿا ۽ پنهنجي طبقاتي سڃاڻپ پيدا ڪري ٻين طبقن سان سورا لاڳاپا ٽوڙي ڇڏين ٿا..جنهن جو نتيجو اهو ٿيئي ٿو ته اها طبقاتي علحيدگي زندگي جي هر شعبي ۽ پاسي ۾ وڌندي وڃي ٿي.مثلا انهن جا رهائشي علائقا.انهن جي ٻارڙن جي لاء تعليمي ادارا .اسپتالون.راندين جا ڪلب.ثقافتي ادارا ۽ تفريح واريون جڳهيون الڳ الڳ ٿي وڃن ٿيون.جتي ٻين طبقن جي ماڻهن کي نه ته اچڻ جي اجازت هوندي آھي ۽ نه ئي اهي مالي طور تي ان جي حقيقي رکن ٿا.معاشري ۾ طبقاتي علحيدگي اتي ئي ختم نٿي ٿيئي بلڪ حڪمران طبقن جي ثقافت.رسم رواج.ادب وآداب.ڏڻ.ٻولي.لباس.۽ طور طريقا بلڪل مختلف ٿي وڃن ٿا.پنهنجي ان علحيدگي کي ۽ گڏ ئي پنهنجين سهوليتن ۽ حيثيت کي برقرار رکڻ جي لاء اهي پنهنجا قانون ۽ ادارا تخليق ڪن ٿا.جنهن جي مدد سان انهن کي مضبوط ۽ طاقتور ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن جي خلاف هر ڪوشش وجدوجهد کي ختم ڪيو وڃي.
اسان کي تاريخ کان بهرحال اهو سبق ملي ٿو ته اهي حڪمران طبقا پنهنجي دولت.طاقت .اقتدار ۽ سهوليتن کي سدائين قائم نٿا رکي سگهن.ڇوته دولت جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ ۽ سمورين سهوليتن کي ڇڏي ڪري ڪجه طبقن جي هڪ هٽي ڪرڻ سان معاشري ۾ محروميت جو احساس وڌي وڃي ٿو.۽ اھا محروميت ڏوھ.بدعنواني.لاقانونيت .جهالت.بيماري ۽ دٻاء جي شڪل ۾ سموري سوسائٽي کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏي ٿي.حڪمران طبقن جهڙي ريت معاشري کي ورهايو آھي. انهيء معاشري جي اتحاد .هڪجهڙائپ.۽ ويڳاڻپ کي ختم ڪري نفرت.دشمني ۽ خودغرضي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي.
ان ڪري اهو سوال پيدا ٿو ٿيئي ته هڪ اهڙي معاشري ۾ جيڪو طبقاتي لحاظ کان ٺھيل هجي.جنهن ۾ اتحاد جون نشانيون ختم ٿي چڪيون آھن ۽ جيڪو اندر کان ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويو.اهڙي معاشري ۾ اسان صرف تعليم.جو سڌارو ڪري سگهون ٿا.؟ظاھر آھي ته ان جو جواب اهوئي آھي ته تعليم.ڪا الڳ شيء ناهي ته جنهن کي معاشري کان الڳ ڪري صرف ان جو سڌارو ڪيو وڃي.اها معاشري جو هڪ حصو آھي.ان جو هڪ عضوو آھي.ان ڪري جيستائين معاشري جي مڪمل ڍانچي ۽ ان جي سموري نظام کي تبديل نه ڪيو ويندو ان وقت تائين تعليم ۾ ڪو به سڌارو نه ٿي سگهندو.ڇوته هن وقت تعليم پستي جي شڪايت صرف اهي ڪري رهيا آھن ته انهن جي ٻارڙن کي سٺا اسڪول.ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ميسر ناهن.ليڪن جن طبقن جا ٻارڙا انگلينڊ ۽ امريڪا ۾ پڙھي رهيا آھن.انهن جو اهو مسئلو ناهي.اهي تعليم جي پستي جي شڪايٿ صرف ان وقت ڪن ٿا.جڏھن انهن کي سٺا ڪلارڪ.ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ اسٽينو گرافر نٿا ملن نه ته تعليم جو زوال ٿيئي.جهالت وڌي ۽ ماڻھن ۾ ان سان گڏ ئي شعور جي کوٽ ھجي ته اهي انهن حڪمران طبقن جي لاء تمام سٺو ۽ بهتر عمل آھي. ڇاڪاڻ ته جاهل ماڻھن تي حڪمراني ڪرڻ ۽ انهن کي دٻائي ڪري ۽ ڇٿي ڪري رکڻ نهايت ئي آسان هوندو آھي.
اسان جي معاشري ۾ تعليم جو ٻٽو معيار ڪا نئين ڳالھ ناهي.ڇوته ان جو تعلق طبقاتي معاشري سان هوندو آھي .مگر ان کي وڌيڪ طاقتور بنائڻ ۾ برطانوي اقتدار جو مفاد پڻ ھو.ليڪن آزادي کانپوء به معاشري ۾ ان فرق کي برقرار رکيو ويو.ڇوته ان صورت ۾ انهن جي حيثيت مستحڪم رهي.ان ٻٽي معيار کي وڌيڪ ان وقت سگھ ملي.جڏھن تعليم.کي مڪمل طور تي اسلامي بنائڻ جو فيصلو ٿيو.۽ اھا اسلامي تعليم عام اسڪولن ۽ تعليمي ادارن تائين محدود آھي.جڏھن ته حڪمران طبقن جا تعليمي ادارا ان کان محفوظ آھن.ڇاڪاڻ ته انهن ۾ اڪثر انگلينڊ جي تعليمي ادارن سان ڳنڍيل آھن. نصاب پڙھايو وڃي ٿو.ان ريت سان اسلام جي نالي تي هڪ پاسي عوام جي سوچ کي محدود ڪيو ويو ته ٻئي پاسي جديد تعليم.سان انهن جو لاڳاپو ختم ڪري انهن کي شڪور واري پراڻي دور ڏآنهن پوئتي ڌڪيو ويو ته اهي انگريزي ميڊيم وارن اسڪولن جي ٻارڙن سان مقابلو نه ڪري سگهن.
جيڪڏھن اسان جي حڪمران طبقن ۾ تاريخ کان ڪجھ سکڻ جو ارادو آھي ته هي وقت آھي ته اهي تاريخ کان سبق سکن .ڇوته هڪ ڀيرو جڏھن معاشري ۾ زوال جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو ته ان جي نتيجي ۾ امير ۽ غريب ٻئي تباه ٿين ٿا.ڇوته ڪو به طبقو پاڻ کي ان تباهي کان نٿو بچائي سگهي.معاشري جي تحفظ ۽ بقا جي لاء ضروري هوندو آھي ته ماڻھن ۾ مفاهمت ۽ انهن ۾ ھڪ جهڙائپ جا جذبا هجن.۽ اهو اتحاد انهيء وقت قام ٿي سگهي ٿو.جڏھن ته معاشري جي هر طبقي ۽ فرد کي هڪ جهڙا موقعا ملن ۽ سهوليتن ۾ ٻٽي معيار کي هرسطح ۽ هر جگھ کان ختم ڪرڻ نهايت ضروري آھي.
تعليم جيڪا هڪ مهذب معاشري جي نهايت ئي اهم.حصو هوندي آھي.۽ جڏھن تعليم جو نصاب ٺاھيو ويندو آھي ته ان وقت معاشري ۾َجيڪي به سياسي ۽ معاشي مسئلا هوندا آھن.انهن جي ڀيٽ سان انهن کي ترتيب ڏنو ويندو آھي.ته جيئن اها معاشري جي گهرجن کي پورو ڪري سگهي.ان سان گڏ ئي اهو به ڏٺو ويندو آھي ته عالمي صورتحال ڪيئن آھي؟ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي ترقي جو رخ ڪنهن پاسي آھي؟ ته جيئن ان جي روشني ۾ اسان ڪهڙي ريت سان پنهنجي معاشري جي مفادن جو ڪري سگهون ٿا.ترقي جي رفتار جيڪا ٻين معاشرن ۾َآھي.جيڪڏھن ان جو ساٿ نه ڏنو ويو ته يقينن اسان جو معاشرو پوئتي رهجي ويندو ۽ ترقي جي رفتار جو ساٿ انهيء وقت ڏئي سگهجي ٿو.جيستائين ته تعليم کي زما ني جي تبديلين سان گڏ تبديل ڪيو وڃي.جيڪڏھن پنهنجي قوميت.ضرورتن۽ عالمي لاڙن کي نظر انداز ڪيو ويو ۽ ان کان هٽي ڪري الڳ تعليم جو نظام جوڙيو ويو ته ان صورت ۾ اهو ناممڪن ٿيندو ته اسان جديد چيلينجن جو سامهون ڪري سگهون.۽ اھڙا ذھن پيدا ڪري سگهون جيڪي وڌندڙ ڏکيائين کي سمجهڻ جي لاء لائق هجن.
خاص طور تي ٽين دنيا جي ملڪن جي لاء تعليم جي اهميت وڌيڪ وڌي وڃي ٿي ته انهن کي نه صرف پاڻ کي بيٺڪيتي اثرن کان ڇوٽڪارو ۡحاصل ڪرڻ جي ضرورت آھي بلڪ سامراج جي نئين شڪل سان مقابلو به ڪرڻو آھي.جيڪو انهن کي معاشي ۽ ثقافتي طور تي غلام بنائڻ چاهي ٿو ۽ گڏ ئي پنهنجن وسيلن کي به حاصل ڪرڻو آھي.ان ڪري ضرورت آھي ته تعليم جي اهڙن خطن تي وڌو وڃي جيڪو انهن سمورين ضرورتن کي پورو ڪري.
ان سلسلي ۾ يورپ جي ملڪن ۽ امريڪا و روس جو مثال ڏئي سگهجي ٿو .جيڪي پنهنجي تعليمي نظام کي مسلسل ضرورتن جي تحت بدلائيندا رهن ٿا ۽ ان مقصد جي لاء مقرر وقت تي تعليم جو جائزو ورتو وڃي ٿو.نصاب کي ڏٺو وڃي ٿو ۽ ان کي وقت ۽ ضرورتن جي تحت بدلايو وڃي ٿو.سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي ترقي جي سبب کان اهو هينئر اڃا به ضروري ٿي ويو آھي ته نصاب کي بار بار تبديل ڪيو وڃي ۽ جيڪا به نئين تحقيق ٿيئي ان کي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي.انهيء لاء يورپ.امريڪا ۽ روس نه صرف سائنسي بلڪ سماجي علمن ۾ ٽين دنيا جي ملڪن کان تمام گهڻو اڳتي آھن.
ٽين دنيا جي ملڪن ۽ خاص طور کان پاڪستان جو الميو اهو آھي ته هتي تعليم جهڙي شعوري شعبي کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو ويو آھي۽ ان قسم جي ڪا ڪوشش نه ڪئي وئي ته هتي عوام کي ڏني وڃي ۽ معاشري کان جهالت جو خاتمو ڪيو وڃي.ليڪن بدقسمتي سان پاڪستان انهن ڪجه ملڪن منجهان هڪ آھي.بتي تعليم جي شرح وڌڻ جي بجاء ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿي رهي آھي.اسان وٽ ڪڏھن به ان قسم جون ڪوششون نه ڪيون ويون ته تعليم کي معاشري جي ضرورتن جي تحت جوڙيو وڃي .ڇوته جيڪڏھن تعليمکي معاشري جي علمي مقصدن جي لاء استعمال نه ڪيو وڃي ته اهڙو تعليمي نظام پنهنجو موت پاڻ مري وڃي ٿو.
برطانوي دور ۾ اسان جي معاشري ۾ جيڪو تعليمي نظام نافذ ھو .جنهن کي ٻي جنگ عظيم کانپوء ان لاء ختم ڪيو ٿي ويو ته ان جنگ کانپوء تبديل ٿيندڙ معاشري جي ضرورتن جي لاء ڪجه نه هو.ان کانپوء ھندستان ۾َ جيڪو نئون شعور پيدا ٿيو ان تعليمي نظام جي اهميت کي ختم ڪري ڇڏيو.ڇوته اهو تعليمي نظام پٽيوالا پيدا ڪرڻ جي اهليت رکندو هو.
ليڪن الميو اهو آھي ته ان جي زوال کانپوء ان جي جاء تي ڪو تعليمي نظام نه جوڙيو ويو ۽ اسان ان قابل به نه رهياسين ته گهٽ۾ گهٽ پڙھيل لکيل پٽيوالا ئي پيدا ڪري سگهون ۽ انهيء سببب کان حڪمران طبقن کي تعليمي نظام جي پستي جو خيال آيو ۽ ناممڪن سڌاري جي وسيلي انهيء کي بهتر بنائڻ جو عمل شروع ٿيو.ليڪن سڌارن جي انهن ڪوششن جي سبب کان نه صرف تعليمي نظام وڌيڪ بگڙيو بلڪ ان سموري معاشري کي متاثر ڪيو ۽ خرابيون ۽ بدعنوانيون معاشري جي هر پاسي تيزي سان نروار ٿيڻ شروع ٿيون يا ٿي ويون.
1977 ع کانپوء تعليم ۾ اسلام ۽ پاڪستانجي باري ۾ جيڪو مواد شامل ڪيو ويو ان جي شروعات نرسري جماعتن کان شروع ٿي وڃي ٿي ۽ اهائي معلومات يونيورسٽي ۽ پروفيشنل ڪاليجن ۾ انهن کي بار بار ڏني وڃي ٿي.شروٿاتي ڪلاسن ۾َ ان جو اثر اهو ٿيو ته شاگردن جو پڙھائي کان روح ئي کڄي ويو.ڇوته گهٽ عمر شاگرد پنهنجي ذھني ترقي ۽ ارتقا سان گڏوگڏ اهڙيون شيون پڙھڻ چاهيندا هئا.جن سان انهن کي دلچسپي ھئي.ٻارڙا شروعاتي دور ۾ فطرت کان متاثر ٿيندا آھن .اهي گلن وڻن ۽ جانورن جي باري ۾ ڄاڻ رکڻ چاهيندا آھن ۽ جيئن جيئن اهي پڙھن ٿا ۽ پنهنجي ماحول کي ڏسن ٿا.اهي ان جي باري ۾ وڌ کان وڌ معلومات حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.انهيء لاء جيڪي هن فطرت ۽ ماۡحول کان هٽي ڪري انهن ڳالهيون ٻڌايون وڃن ته ان ۾ انهن جي دلچسپي ختم ٿيندي ويندي .خاص طور تي نرسري جا ٻارڙا جن جي عمر چار سال هوندي آھي.انهن کي اهي خشڪ ڳالهيون پڙھآيون وينديون ته تعليم کان انهن جي دلچسپي جو خاتمو ٿيڻ ضروري آھي.
هڪ ڳالھ جيڪا ذڪر جي قابل آھي اها هيء آھي ته جڏھن به حڪومت جي طرف کان تعليمي نظام جو سڌارو ڪيو ويو ته نه استادن کان مشورو ورتو ويو ۽ نه ئيانهن کي اعتماد ۾ ورتو ويو بلڪ سڌارن جو پروگرام اعلي آفيسرن انجام ڏنو.جيڪي ان کي پنهنجي ذميواري ۽ سهوليتون سمجهندا هئا.ته معاشري جي هر پاسي ۾ انهن جو عمل دخل هجي.ان ڪريايوب خان جي زماني کان وٺي ڪري هينئر تائينجيترا تعليمي سڌارا ٿيا آھن.انهيء جي نتيجي ۾ رهيل سهيل تعليمي نظام به ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويو.ان جو سبب اهو آھي ته تعليم جو سڌارو روڪڻ وارن جو تعلق جنهن طبقي سان هو.ان جون پاڙون ملڪ جي عوام.کان ڪٽيل هيون.ان لاء اهي عوامي ضرورتن ۽ عوامي مفادن کي سمجهي ئي نٿي سگهيا هئا.ان لاء انهن جو جوڙيل تعليمي نظام اسان جي سوسائٽي جي ضرورتن کي پورو نه ڪري سگهيو ۽ نئين نصاب جي تياري ۾ جيڪا ڳچ رقم خرچ ٿي ۽ جيڪي ڪوششون ڪيون ويون اهي ڪنهن نتيجي جي بنا ختم ٿي ويون.
تعليم جي زوال جي سببن ۾ هڪ اهم سبب اهو به آھي ته اسان جو تعليمي نظام عوامي اميدن جي عڪاسي نٿوڪري .ان ۾ نه ته بنيادي حقن جو تصور آھي ۽ نه ئي جهموري روايتن جي واڌاري جي ڪا گنجائش آھي.ان ڪري رد عمل جي طور تي شروعات ۾ اسان جي تعليمي ادارن ۾ آمراڻي طرز حڪومت ۽ مطلق العنان ادارن جي خلاف شاگرد تحريڪون هلايون ته جيئن عوامي دٻاء کي جوڙي ڪري جهموريت جو رستو ڪڍي سگهجي.انهن تحريڪن کان خوفزده ٿي ڪري حڪمران طبقن هوريان هوريان تعليمي ادارن ۾َ اهڙا قدم.کنيا ته شاگردن ۾ بدعنواني ۽ تعليم کان ڏوري وڌندي وڃي.شاگرد يونين تي پابندي پئي.ثقافتي ۽ ڪلچر پروگرام هڪ هڪ ڪري بند ڪيا ويا.بحثن جي موضوعن تي پابندي مڙھي وئي.سياست کي تعليمي ادارن مان روڪيو ويو۽ شاگردن کي رشوتون ڏئي ڪري پنهنجن مقصدن جي لاء استعمال ڪيو.ان جو نتيجو اهو نڪتو ته شاگرد مختلف گروپن ۽ پارٽين ۾ ورهائجي ويا ۽ ھڪ پاسي اهي سياستدانن جي هٿان هٿيار جي طور تي استعمال ٿيا ته ٻي پاسي حڪومت جي ادارن انهن کي مڪمل بدعنوان بڻايو ۽ ھوريان هوريان شاگردن جي پاڪيزگي.ايمانداري.همت ۽ بهادري کي کسي ڪري انهن جو هڪ اهڙو تصور بڻايو ته جنهن ۾ شاگرد ڦورو.بدمعائش ۽ غير مهذب بڻجي ڪري اڀريو ۽ ان سان گڏ شاگرد ۽عوام ۾ نفرت جو ٻج ڇٽيو ويو. .شاگردن ۽ استادن ۾ جيڪو محبت جو رشتو قائم هو.ختم ٿي ويو ۽ شاگردن کان عوام جو اعتماد کڄي وڃڻ کانپوء انهن جي لاء اهو ناممڪن ٿي ويو ته اهي ذھني وفڪري تحريڪون ختم ٿي ويون جهموريت.آزادي ۽ حقن جو ڳالهيون عقل وفهم کان ڏور ٿي ويون .شاگردن ۾ ڪي اهڙيون صلاحيتون باقي نه بچيون ته اهي جهموريت ۽ بنيادي حقن جي لاء تحريڪ هلائي سگهن.ڪنهن وڃايو ۽ ڪنهن حاصل ڪيو ؟ اهو هڪ سوال آھي.جنهن جو جواب ڳولڻ جي اسان کي سخت ضرورت آھي.
ٻيو ان جو نقصان اهو آھي ته اسان ٻارڙن کي ٻي اهم.معلومات جنهن جو تعلق عملي زندگي سان آھي.اهو نٿا پڙھايون ۽ نه ئي عالمي صورتحال کي ذھن ۾ رکندي دنيا ۾َ جيڪو ڪجه ٿيو آھي ۽ ٿي رهيو آھي ان جي باري ۾ ڪجه ٻڌائڻ ٿا چاهيون.جيتوڻيڪ ان جا ٻه نتيجا اسان جي سامهون اچي رهيا آھن.هڪ اهو ته هڪ اهڙو نسل تيار ٿي رهيو آھي جنهن کي پنهنجي آس پاس ۽ دنياجي باري ۾ ڪا به پروڙ ناهي مثلا ان کي انهيء جي ته ڄاڻ ھوندي آُھي ته قاعداعظم کي ڪهڙو گل پسند هو؟ مگر هن کي اها خبر ناهي ته اسپين جي گادي جو هنڌ ڪهڙو آھي؟۽ اھو ته اسپين ڇا آھي.۽ ٻيو اهو ته ان تعليمي نظام انهن کي تنگ نظر.فرقه پرست ۽ بنياد پرست بڻائي ڇڏيو آھي.ڇوته انهن کي ٻي معلومات ڏني ئي نه وئي.ان لاء انهن جي ذھن جي ترقي کي محدود تعليم جي وسيلي روڪيو ويو آھي.
تعليمي نظام جو الميو ڪيڏانهن وٺي ويندو؟ ۽ ڇا ان کي روڪي سگهجي ٿو؟ ۽ جيڪڏھن روڪي سگهجي ٿو ته ڪهڙي ريت ؟اهي اهڙا سوال آھن ته جن تي اسان کي ۽ ھر ان شخص کي جنهن کي هن ملڪ ۽ معاشري ساندلچسپي آھي.جن کي هن ملڪ ۾ رهڻو آھي ۽ جن کي هن ملڪ ۾ پنهنجن ٻارڙن کي پڙھائڻو آھي.ويچار وفڪر ڪرڻو پوندو۽ انهن جي ۡحل ۽ جوابن کي تلاش ڪرڻو پوندو ؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو