بلاول پٺاڻ / ٽنڊوباگو
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪجهه ڏينهن رڳو تاريخي تاريخون ناهن هونديون، پر اهي ڏينهن اجتماعي ضمير کي جهوريندڙ هوندا آهن. 17 جنوري به اهڙو ئي ڏينهن آهي، جيڪو هر سال سنڌ جي پورهيت، هاري ۽ مزاحمتي سياست سان وابسته ماڻهن کي شهيد فاضل احمد راهو جي ياد ڏياريندو آهي. هو رڳو هڪ سياسي اڳواڻ نه، پر سنڌ جي پورهيت شعور جو اهڙو استعارو هو، جنهن پنهنجي سوچ، جدوجهد ۽ شهادت سان سنڌ جي سياست جو رخ ئي بدلائي ڇڏيو.
شهيد فاضل راهو ان دور ۾ سياست ڪئي، جڏهن سنڌ جو سماج سخت جاگيرداراڻي ڍانچي هيٺ دٻيل هو. هاري، مزدور ۽ ماروئڙا سياسي عمل کان پري، خوف ۽ مجبوري جي زندگي گذاري رهيا هئا. اهڙي ماحول ۾ پورهيت ماڻهن سان سادي، ٻاٻاڻي ٻولي ۾ ڳالهائڻ، کين قومي حقن سان جوڙڻ، ۽ کين پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ ذهني طرح تيار ڪرڻ انتهائي انقلابي عمل هو. هي اهو ڪم هو، جيڪو سنڌ جي سياست ۾ ان کان اڳ گهٽ ڏسڻ ۾ آيو هو.
رسول بخش پليجي ۽ شهيد فاضل راهو گڏجي اها روايت وڌي، جنهن ۾ سياست رڳو چونڊن، بيانن ۽ اشرافيه تائين محدود نه رهي، پر ڳوٺن، واهن، کيتن ۽ اوطاقن تائين پهتي. هنن پورهيت ماڻهن کي اهو احساس ڏياريو ته هو رڳو ووٽر نه، پر تاريخ جا ڪردار آهن. اهو ئي سبب هو جو سنڌ جا هاري ۽ مزدور آهستي آهستي هر سياسي تحريڪ ۾ اڳين صفن ۾ نظر اچڻ لڳا.
شهيد فاضل راهو جي سياست جو سڀ کان اهم پاسو عورتن جي شموليت هو. سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿيو، جو هاري تحريڪن ۾ عورتون اڳواڻي واري ڪردار ۾ سامهون آيون. “زمينون نيلام بند ڪريو” جهڙين تحريڪن دوران ملوڪان گلاهه ۽ ٻاگھي گلاهه جهڙين سنڌياڻين جون گرفتاريون ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته هي تحريڪ رڳو مردن جي نه، پر سموري سماج جي هئي. اهو عمل رجعت پرست، عورت دشمن قوتن لاءِ ناقابلِ قبول هو، جنهن سبب سنڌي عوامي تحريڪ تي بي بنياد ۽ غير جمهوري تنقيد جا در کلي پيا.
1930ع کان وٺي سنڌ ۾ هارين جي جدوجهد مڪمل طور سياسي رهي آهي. ان جدوجهد ۾ بي شمار قربانيون، جيلون، تشدد ۽ شهادتون شامل آهن، پر افسوس جو انهن مان ڪيترائي ڪارناما اڄ تائين تاريخ جي صفحن ۾ صحيح نموني محفوظ ٿي نه سگهيا آهن. شهيد فاضل راهو ان تاريخ جو اهڙو باب آهي، جيڪو صرف پڙهڻ لاءِ نه، پر سمجهڻ ۽ اڳتي وڌائڻ لاءِ آهي.
شهيد فاضل راهو جي شهادت سنڌ جي پورهيت تحريڪ لاءِ وڏو ڌڪ هئي. اهو صرف هڪ فرد جو نقصان نه، پر هڪ فڪر، هڪ تجربو ۽ هڪ زندهه تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش هئي. پر تاريخ شاهد آهي ته شهيدن جي رت مان تحريڪون وڌيڪ سگهاريون ٿينديون آهن. فاضل راهو جي شهادت کان پوءِ به سنڌي هاري تحريڪ، عوامي تحريڪ جي برادر محاذ طور، پورهيتن جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکي.
سنڌي هاري تحريڪ جي قيادت مختلف دورن ۾ شيرخان لنڊ، قاضي غفار، ڏاڏا عبدالقادر رانٽو، عارب ڪيڙانو، وشنو مل، عزيز ٽالپر، محمد علي ٽالپر، فيض ٽالپر، علي نواز ڏاهري، اوڀايو جوڻيجو، فريد ڪلهوڙو، اياز کوسو ۽ انور رند جهڙن اڳواڻن ڪئي، جن سنڌ جي پورهيت ماڻهن جي حقن لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. ان کان سواءِ ڪيترائي اهڙا هاري اڳواڻ رهيا، جن بنا ڪنهن لالچ، بنا ڪنهن شهرت جي، جدوجهد کي زندهه رکيو.
رسول بخش پليجي جي سياست جو محور هميشه سنڌ جا پورهيت هاري ۽ مزدور رهيا. انهيءَ فڪري ۽ نظرياتي تربيت جو نتيجو اهو نڪتو جو اڻ پڙهيل هاري به دنيا جي سياسي، معاشي ۽ قومي مسئلن تي بحث ڪرڻ لڳا. اها ئي اصل تبديلي هئي، جيڪا سنڌ جي سماج ۾ آئي ۽ جنهن جا اثر اڄ به محسوس ڪيا وڃن ٿا.
شهيد فاضل راهو جهڙا اڳواڻ صدين ۾ جنم وٺندا آهن. اهو سنڌ جو ڀلوڙ ڀاڳ هو، جو اهڙو سچو، بهادر ۽ اصولي ماڻهو هن ڌرتيءَ تي پيدا ٿيو، جنهن ڌرتيءَ جي عزت ۽ حقن لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي. سندس رت سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙي سُرخي بڻجي ويو، جنهن کي وقت به ميساري نه سگهندو.
خراجِ عقيدت
شهيد فاضل راهو
پورهيت جو آواز هو،
مزاحمت جو حوصلو هو،
۽ سنڌ جي غيرت جو نالو هو.
سنڌ اڄ به تنهنجي قرباني تي ناز ڪري ٿي،
۽ سڀاڻي به ڪندي رهندي.










