عبدالصمد ٽڳڙ
ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقي جي صوبائي کاتي جي ونگ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) جي ريجنل آفيس شهيد بينظير آباد پاران شھيد بينظير آباد ريجن ۾ سرن جي بٺن، ميونسپل ڪچري ۽ اسپتالن جي فضلي کي زائل ڪرڻ لاءِ انسنريٽر نہ هلائڻ تي ماحولياتي ايڪٽ-2014ع جون ڀڃڪڙيون ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري آهن. انهيءَ سلسلي ۾انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (ماحولياتي تحفظ واري اداري) جي ريجنل انچارج گل امير سنبل پاران عوامي شڪايتن بعد سول جج ۽ جوڊيشل ميجسٽريٽ-ون شهيد بينظير آباد جي احڪامات جي پيروي ڪندي نوابشاھ جي يونين ڪائونسل-6 جي تاج ڪالوني جو دورو ڪيو. ماحوليات جي تحفظ واري اداري جي ريجنل انچارج گل امير سنبل تاج ڪالوني ۾ ميونسپل جي گڏ ڪيل گند ڪچري ۽ گٽر نالن جي صفائي سٿرائي نہ ٿيڻ ڪري گندي پاڻي جي گھٽين ۾ بيٺل ھئڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ذميدارن خلاف اداري جي قانون 2014ع تحت نوٽيس جاري ڪرڻ جا احڪامات پڻ جاري ڪيا. انھيءَ موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ريجنل انچارج گل امير سنبل چيو تہ اھڙي ڪارروائي عوام پاران سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ کي ڪيل شڪايتن بعد جاري احڪامات جي روشني ۾ عمل هيٺ آندي وئي آهي. ھن ٻڌايو تہ تاج ڪالوني جي رهواسين پاران رهائشي علائقي اندر ميونسپل پاران مسلسل ڪچري جا ڍير جمع ڪرڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال نہ ڪرڻ متعلق ماڻھن کان تفصيلي معلومات وٺي ڪري مسئلي جي حل بابت خاطري ڪرائي وئي. دوري دوران سيپا جي ريجنل انچارج ٻڌايو تہ نوابشاھ جي تاج ڪالوني اڄ کان ڪيترائي سال پراڻي رھائشي ڪالوني آھي جتي ڊرينيج سسٽم جي نہ ھئڻ ۽ ميونسپل عملي پاران صفائي سٿرائي تي توجھ نو ڏيڻ سبب علائقي واسين کي مسلسل پريشاني کي ڏسڻو پوي ٿو ۽ گندگيءَ جي آزار سبب مرد، عورتون، ٻار ۽ ٻڍڙا مختلف بيمارين جي ور چڙهيل آھن. ھن ٻڌايو تہ ماحولياتي قانون 2014 تحت ڪالوني ۾ موجود گند ڪچري کي تلف ڪرايو ويندو. بعد ۾ انهيءَ سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عامر حسين پنھور پڻ تاج ڪالوني جو دورو ڪري صفائي سٿرائي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جو جائزو ورتو. انهيءَ موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر پبلڪ ھيلٿ کاتي جي عملدارن کي سختي سان ھدايت ڪئي تہ ڪجھ ڏهاڙن اندر ئي گندي پاڻي جي نيڪال وارو ڪم شروع ڪرايو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر ميونسپل ڪميٽي جي عملدارن کي ھدايت ڪئي ته پوري شھر سميت تاج ڪالوني ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو وڃي. ٻئي پاسي ماحولياتي تحفظ واري کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل نعيم احمد مغل جي ھدايتن تي ماحولياتي ايڪٽ-2014ع جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف جاري ڪاررواين جي سلسلي ۾ ماحولياتي تحفظ واري کاتي ( سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي/ سيپا) جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ ريجنل انچارج گل امير سنبل پنھنجي ٽيم سميت عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ٻانڌي ۾ مھراڻ ھاء وي لڳ واقع مدني برڪس ڪمپني نالي سرن جي بٺي جو پڻ اوچتو دورو ڪيو، جتي سرڪار پاران پابندي مڙهيل خام مال، پراڻن جوتن، بجلي جي تارن، گاڏين جي ٽائرن ۽ ڪپڙن کان علاوھ پلاسٽڪ جي ڪچري، شگر ملز مان نڪرندڙ مڏ، پولٽري فارمن ۽ اسپتالن جي خطرناڪ فضلي کي ٻارڻ طور استعمال ڪيو پئي ويو. سيپا جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر گل امير بٺي مالڪ کي ماحول دشمن ۽ انساني صحت لاءِ نقصانڪار ٻارڻ جي استعمال تي ڇنڊ پٽي ۽ وڌيڪ شخصي ٻڌڻي لاءِ کيس اداري جي ريجنل ڊائريڪٽر آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم پڻ ڏنو. انھيءَ موقعي تي ھن ريجن جي سمورن بٺي مالڪن کي خبردار ڪندي پنھنجي پيغام ۾ چيو آھي تہ ملڪي قانون تحت پابندي مڙھيل خام مال جو استعمال هڪ وڏو ڏوھ آھي ۽ اھڙي خام مال کي استعمال بجاءِ مروج سائنسي طريقيڪار موجب تلف ڪرڻ جا احڪامات آھن، انھيءَ ڪري سمورن بٺي مالڪن کي گھرجي تہ ھو پابندي مڙهيل خام مال جي استعمال کي ترڪ ڪن، ٻي صورت ۾ عوامي شڪايتن تي سندن خلاف ماحولياتي قانون-2014ع تحت سخت کاتيوار ڪارروائي اختيار ڪئي ويندي ڇاڪاڻ تہ سرن جي بٺن ۾ اھڙي خام مال جو استعمال انسانن ۾ دم، سهڪي، اکين ۽ چمڙي سميت ٻين خطرناڪ بيمارين مبتلا ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو. ريجنل انچارج گل امير سنبل نوابشاھ ۾ هڪ ٻي ڪارروائي ڪندي پنهجي ٽيم سان گڏجي پيپلز ميڊيڪل اسپتال شهيد بينظيرآباد جو اوچتو دورو ڪري اسپتال جي صفائي جي خراب صورتحال ۽ انسنريٽر پلانٽ بند رکڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، هن اسپتال انتظاميا کي طبي فضلي جو هاسپيٽل ويسٽ مينيجيمنٽ رولز 2014ع تحت ٺڪاڻي نه لڳائڻ تي ميڊيڪل سپرينٽنڊنٽ کي شخصي ٻڌڻي تي ڊائريڪٽر جنرل سيپا سامهون پيش ٿيڻ جا احڪامات جاري ڪيا. هن ريجن جي سمورين اسپتالن جي سربراهن لاءِ پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسپتال ۾ موجود ڪچري کي مروج ڪيل سائنسي طريقي موجب ٺڪاڻي لڳايو وڃي ڇاڪاڻ تہ ڪيميڪل مليل ڪچرو ساڙڻ سان انساني جانين تي خراب اثرات مرتب ٿيندا آهن، سيپا جي ريجنل انچارج گل امير پيپلز ميڊيڪل اسپتال جي ميڊيڪل سپرينٽنڊنٽ کي چيو تہ اسپتال جي ڊيوٽي ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي صفائي ۽ اسپتال جي فضلي کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي قانوني طريقيڪار کان آگاھ ڪيو وڃي، ڇا ڪاڻ تہ اسپتالون عوام جي علاج معالجي جو مرڪز آهن نہ ڪي بيماريون ڦهلائڻ جو. هن وڌيڪ چيو تہ سمورين سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسپتالن جي انتظاميا کي پابند ٿو بڻائجي تہ هو جديد ٽيڪانالاجي سان ليس انسٽريٽر پلانٽ کي جلد کان جلد فعال بڻائي ڪري طبي فضلي کي سائنسي طريقيڪار موجب زائل ڪرڻ جي شروعات ڪن. انهي موقعي تي ريجنل انچارج سيپا پنهنجي ٽيم سان گڏجي اسپتال جي ليبارٽري، آپريشن ٿيٽر ۽ گائني وارڊ مان نڪرندڙ گندي پاڻي کي بغير ڪنهن ٽريٽمينٽ پلان جي سيوريج جي نالين ۾ ڇوڙ ڪرڻ تي پڻ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ھن عوام کي صلاح ڏني آهي تہ بٺن ۾ سرڪار پاران پابندي مڙهيل خام مال سميت اسپتالن ۾ انسنريٽر نہ هلائڻ، شگر ملز، ڪارخانن توڙي ميونسپل جي گند ڪچري بابت اطلاع سيپا جي ريجنل آفيس شھيد بينظير آباد کي لکت ۾ يا سندس آفيس جي فون نمبر 0244360299 تي ڪيو وڃي تہ جيئن فوري طور تي گھربل ڪارروائي کي عمل ۾ آڻي سگھجي.










