سيد زوار حسين شاه
جيڪڏهن سنڌ جي اڪثر ميونسپل ڪاميٽيز ، ٽائون ڪاميٽين يونين ڪائونسلن تي نظر وجهنداسين ته معلوم ٿيندو ته جتي ڪٿي هڪ جهڙو اثر آهي ، جتي ڪٿي اهي ڪرپٽ ڪامورا ، ڪرپٽ مافيه ڀوتارن جاگيردارن پيرن ميرن سان گڏجي لٽ مار مچائي رکي آهي ، جڏهن ته جيڪڏهن ڪو باضمير قلم ڪار انهن ڪرپٽ مافيائن خلاف لکندو يا ڳالهائيندو ته پوء وري ان مٿان ڏمرجي پوندا ، اهرا واقعه پوري سنڌ م ٿيندا رهندا آهن پر جيڪو رب پاڪ جو خوف احترام دل ۾ رکي ٿو اهو مدد به رب پاڪ کان ئي حاصل ڪندو ، ڪوئي تسليم ڪري يا نه ڪري ، ڪڙو سچ اهو آهي ، هن وقت جهڙي طرح ملڪ مٿان حڪمران جيڪي ويچارا ضمانتن تي آزاد آهن اهي حڪمراني ڪري رهيا آهن ، انهن مان ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي ، ان ڪري بهتر اهو آهي ته جديد هٿيار استعمال ڪندي سوشل ميڊيا تي پنهنجو آواز بلند ڪيو جيئن گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن کي انصاف ته ملي سگهي ، ٻئي پاسي ڪرپٽ مافيه هن وقت به جتي ٻين شهرن ۾ لٽ مار مچائي آهي تاريخي ڪرپشن ڪئي آهي ائين راڻيپور ۾ به جيڪي به اڪثر آفيسر مقرر ٿيا آهن ، انهن به گهٽ ناهي ڪئي جڏهن ته اربين روپين جي ملڪيت رکندڙ جهڙوڪ راڻيپور ، سوڀوديرو ، هنگورجا به ڪنگال پور سڏجڻ لڳي آهي ، جنهن تي تعجب به ٿئي ٿو ته حيران پڻ آهيون ته آخر انهن کان ڪو پڇڻ وارو آهي يا نه ، جڏهن ته سنڌ جي ٻين شهرن جيان راڻيپور سوڀوديرو ، هنگورجا ۾ به شهرين سان وڏي زيادتي ٿي رهي آهي ،صفا؟ي سٿرائي ، نالين جي پاڻي جي نيڪال جا به انتظام بهتر ناهين جنهن کان پوء عام ماڻهون ويچارو ڪوڪون احتجاج ڌرڻا نه ڏيندو ته ڇا انهن ڪرپٽ مافيه انهن جي سهولت ڪارن ڱکي دعائون ڏيندا بلڪل به . جيڪڏهن راڻيپور ٽائون ڪاميٽي تي نظر وجهنداسين ته ضلع خيرپور جي مالدار ٽائون آهي ، جنهن ۾ ڪيترائي دڪان ، پلاٽ ، والار ٽيڪس . برٿ سرٽفڪيٽ ، رهائش سرٽفڪيٽ ، نڪاح رجسٽر ، ملڪيت جي داخلا ، سميت ڪيترائي شعبا آهن ، پر ڪافي عرصي کان وٺي ٽائون م پلاٽن ۽ دڪانن جي وڪري تي واڪ به ٻڌندا رهياسين ته وڪرو ٿيندا به رهيا ،اهڙا مبينا الزام پڻ ٽائون آفيسرن ، ڪلارڪن تي لڳندا رهيا آهن جڏهن ته ڪيترن سالن کان وٺي ٽا.ئون ڪاميٽي ۾ ايندڙ ٽي ايم اوز ، جنهن کي هاڻ ٽائون آفيسر سڏيو وڃي ٿو لکين روپيا رشوت ڏيئي اين او سي حاصل ڪري پوسٽنگ ڪرائين ٿا جن به پڻ ڪرپشن جا تمام رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ، جڏهن ته بدنام زمانه ڪلارڪن جنهن ۾ ڪامران راڄپر ، سليم ملاح ، مجاهد حسين منگي ، محمد پريل ملاح به هٿ جي صفائي ڏيکاري هن ٽائون ڪاميٽي کي ڪنگال ڪري ڇڏيو ، سرڪاري پلاٽ دڪان لکين روپيا وٺي وڪرو ڪيا آهن ، جڏهن جيڪو به ٽائون آفيسر آيو ان به هٿ جي صفائي ڏيکاري شهر کي کنڊرات ۾ تبديل ڪري ٽڪيٽ وٺي رفو چڪر ٿي ويا اهڙن خيالن جو اظهار انساني حقن جي تنطيم هيومن رائٽيس واچ پاڪستان جي صوبائي صدر فقير محمد عباسي ، آصف ڦلپوٽو امتياز ڪٻر عبدالله ، الطاف حسين ۽ ٻين ڪيو هنن وڌيڪ ٻڌايو ته راڻيپور ٽائون ڪاميٽي جي ماهانه بجيٽ هڪ ڪروڙ ٽيهه لک روپين جي لڳ ڀڳ آهي اربين روپين جي ملڪيت رکندڙ ڪنگال ڇو پئي سڏجي ، سوشل ميڊيا تي راڻيپور واسي اڪثر اهرا سوال پڇي رهيا آهن ، صفائي سٿرائي سميت ڊرينيج سسٽم مڪمل ناڪارآهي ياد رهي ته اندازن پڪا ملازم 30 کان 35 جڏهن ته ڪچا ملازم 20 کان مٿي آهن پر صفائي نه پئي ٿئي جيڪو به هڪ سواليه نشان آهي ، ٽائون آفيسر لکين روپيا ڪڍي بدلي ڪرائي هليا وڃن ٿا ،پر شهر وارثن هوندي ننڌڻڪو آهي ، جڏهن ته راڻيپور سان تعلق رکندڙ نئين مقرر ٿيل ٽائون آفيسر مجاهد حسين لاء ڪيترائي چيئليج آهن ، جنهن م رٽائرڊ ملازمن جون رهتو بقاجات لکين روپيا ، رهيل پگهارون ، شهر جي صفائي سٿرا.ئي ، ڊرينيج سسٽم جي بحالي ، رپيئرنگ ، فلٽر پلانٽ ، انڪروچمينٽ ، جعلي ، نوان ڀرتي ٿيل ملازم شامل آهن ، جڏهن ته ڪلارڪ ڪامران راڄپر ، سليم ملاح جنهن ڪوڙا ڪاغذ ٺاهي رڪارڊ مڪمل ڪيو آهي شهرين سماجي اڳواڻن اعلي اختيارين وزيربلديات ، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ، ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنيمنٽ کان ٽائون ڪاميٽي اندر ٿيل ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ، جو نوٽيس وٺي انڪوائري ٽيم تشڪيل ڏيئي قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي گذريل ٻن ڏهائين کان وٺي راڻيپور ۾ ڪرپشن جي بازار گرم آهي ، جڏهن ته ڪجهه سالن کان وٺي مقرر ٿيندڙ ٽائون آفيسرن به هن شهر جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي ، جڏهن ته صفائي سٿرائي سميت ڊرينيج سسٽم مقرر تباهه ٿي چڪي آهي ، جڏهن ته صفائي سٿرائي ڪندڙ عملو شهر جي مختلف پاڙن مان گاڏين تي رکي ، قبرستان ۾ قبرن مٿان گند ڪچرو ڦٽو ڪري موئلن جي به تذليل پيا ڪن جيڪا به انتهائي گهٽيا پن آهي ، راڻيپور ٽائون ڪاميٽي جي ڏهن ئي وارڊن ۾ ناليون ابتيون وهن پيون صفائي به نه پئي ٿئي ، جنهن سبب بيماريون ڪر کڻي رهيون آهن ، ٻئي طرف ٽائون آفيسرن ڪرپشن جي بازار گرم ڪري رکي آهي ، ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪري غريب ملازمن جي معصوم ٻارڙن کي به موت ماريو ويو آهي ، جڏهن ته بار بار ڪرپشن مافيه ، ڪرپٽ ٽائون ڪاميٽي جي آفيسر خلاف احتجاج ٿيندا رهيا آهن ، ٽائون آفيسر محمد پريل شاهاڻي کي عوامي شڪايتن تي هتٽايو ويو آهي جنهن جي جاء تي مقامي لوڪل ٽائون آفيسر مجاهد حسين ڇڄڙو کي مقرر ڪيو ويو آهي ، ياد رهي ته راڻيپور ٽائون ڪاميٽي جي بجيٽ هڪ ڪروڙ سٺ لک روپيا ٻڌائي پئي وڃي ، جڏهن ته ڏيڊ سو جي لڳ ڀڳ ملازم ڀرتي ٿيل آهن ، جن مان 31 هن کان مٿي جعلي ڀرتي ٿيڻ جو بار بار انڪشاف پڻ ٿيو ، شڪايتن بعد محمد پريل ٽائون آفيسر بدلي ، مقامي لوڪل مجاهد حسين ڇڄڙو مقرر ڪيو ويو ، سماجي رهنمائن شهرين چيو آهي ته اسان کي اميد آهي ته نئون مقرر ٿيل ٽا.ئون آفيسر شهر جي صفائي سٿرائي جو نظام بهتر نه ڪندو ۽ ملازمن کي وقت تي پگهارون ، بقاياجات وقت تي نه ملنديون جيئن احتجاج به نه ٿين شهر جي خوبصورتي ۾ بهتري اچي ، مان گذارش ڪيان ته هن وقت جيڪو به ڪنهن به جاء تي پوسٽنگ ڪرائيندو آهي چند پهريان ڏينهن ته کيسي جا ڀري به چونو وٺي روڊ رستن تي صفائي به ڪرائيندو چونو به هڻندو پر هٿ جي صفائي به ڏيکاريندو ، سو اکين سان ڏسي رهيا آهن ڪجهه وقت گذري ته پوء وري ان تي به لکنداسين ڳالهائينداسين ته ملڪ سميت سنڌ ، جي ننڊي وڏي شهرن ۾ ڇا ڇا ٿي رهيو آهي










