فاروق بجاراڻي
تازو ھڪ انٽرويو ۾ اسان جي ڪجھ سنڌين پاران دنيا جو سڀ کان وڏو پاڻي ماهر قرار ڏنل ڊاڪٽر حسن عباس ﺳﻨﮅ مان برساتي ٻوڏ جي پاڻي جو جلدي ۾ نہ نڪرڻ جو سبب انگريز سرڪار جي تعمير ڪيل بيراج ڪينال سسٽم کي قرار ڏيندي فرمايو آھي ته انگريزن ھڪ سوچيل سازش تحت سنڌ کي تباھ ڪرڻ لاءِ درياهه کي بند ٻڌائي ٻوڏ کي روڪيو ، وري هڪ ٻي وڏي سازش تحت انگريزن سکر بئراج ٺهرائي انھيءَ مان واھ ڪڍي اڃان وڌيڪ سِنڌ کي تباھ ڪيو جنهن سبب سِنڌ ۾ ٻوڏ جو پاڻي نه ٿو نڪري. انھيءَ مسئلي جي حل لاءِ ڊاڪٽر صاحب پنهنجو قيمتي مشورو ڏيندي فرمائي ٿو ته :سنڌ ۾ سڀ بئراج ڪئنال درياهه جا بند ختم ڪري ڇڏيو ڇو تہ انھن واهن اڳ ئي سنڌ جو وڏو نقصان ڪيو آهي، وري انھن واهن جي پاڻي تي سنڌين جا پاڻ ۾ بہ جهيڙا ٿين ٿا ته وري سِنڌ جا ٻين صوبن سان به جهڳڙا ٿين ٿا وغيره وغيره ، تنهنڪري نہ اهي واهه هوندا نہ وري جهڳڙا به ٿيندا.لڳي ٿو ڊاڪٽر صاحب کي سنڌ جي آبپاشيءَ تاريخ جي صحيح خبر ئي ناهي. شايد ڊاڪٽر صاحب اهو سمجهي ٿو ته انگريزن کان اڳ ۾ سنڌ ۾ درياهه مان آبپاشي جا واهه هوندا ئي نه هئا. دراصل سنڌ ۾درياهه کان واهه ڪڍڻ جو رواج انگريزن ڪونه شروع ڪيو هو پر انهن کان ڪيئي صديون اڳي کان درياهه مان واهه ڪڍڻ جو رواج هو. انھيءَ جي تفصيل لاءِ ڊاڪٽر صاحب کي سنڌ جي مشهور آبپاشي ماهر محمد حسين پنهور صاحب جو ڪتاب سنڌ ۾ آبپاشي جي ڇهه ھزار سالن جي تاريخ پڙهڻ گهرجي. ھتي مختصر وضاحت لاءِ عرض ته ڪلهوڙن جي دؤر ۾سنڌ ۾ واهن جو سسٽم پنهنجي عروج تي پهتو ، اُنھيءَ وقت سنڌ ۾ واهن تي اٽڪل 21 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هئي. بعد ۾ ٽالپرن جي حڪومت ۾ به نوان واھ کوٽڻ جو ڪم جاري رهيو. سنڌ ۾ انگريزن جي قبضي وقت درياهه جي ٻنهي پاسن کان ڪيترائي ننڍا وڏا واهه نڪرندا هئا جن ۾ کاٻي پاسي کان گهوٽڪي روهڙي ۾ ڏھر واهه ، ماهي واهه ،قاضي واهه ،ڪورائي واهه ، اوڀرندو نارو، خيرپور ۾ سٺيو واهه ،ميرواهه ،ابل واهه، نوشهرو فيروز نوابشاهه ۾ نولکي واهه ، محراب واهه ، نصرت واهه، داد واهه ، مٽياري هالا ۾ سرفراز واهه، نصير واهه ،ماڻڪ واهه ، حيدرآباد ۾ ڦليلي واهه، ٽنڊومحمد خان ۾ گوني واهه ،گاجا واهه، حسن علي واهه ، سجاول ۾ مولچند واهه، پنياري واهه ، ستاواهه وغيره…. جڏهن تہ درياهه جي ساڄي پاسي تي ڪنڌڪوٽ جيڪب آباد ۾ انڙ واهه ,سون واهه، کوکر واهه، جمال واهه ، بيگاري واهه، شڪارپور ۾ سنڌ واهه ،مرزا واهه ،رجب واهه ، لاڙڪاڻي ۾ گهاڙ واهه ، اولهندو نارو ، دادوءَ ۾ نورواهه، پريچند واهه ، ٺٽي ۾ ڪلري واهه ، بگهاڙ واهه وغيره هي سَڀ اُٿل واھ سڏبا ھئا جن ۾ جڏھن سانوڻي ۾ درياهه ۾ چاڙهه ۾ ھوندو ھو ته درياهه جو پاڻي اٿل کائي ٽي کان چار مهينن لاءِ انھن واهن ۾وهندو هو. باقي سياري ۾ درياهه جي پاڻيءَ جي ليول ھيٺ ھجڻ سبب گهڻي ڀاڱي واهن ۾ ڪونہ چڙهندو هو. سو ڊاڪٽر صاحب جي اِها ڳالھ بلڪل غلط آھي تہ سياري ۾ بہ درياھ پاڻي سان تار ھوندو ھو. اونھاري ۾ آبڪلاڻي جي مند ۾به اها حالت ھوندي هئي جو ڪڏهن ڪڏهن اوچتو درياهه جي ليول لھي ويندي هئي ته واهن ۾ گھٽ پاڻي چڙهندو هو جنهن جي ڪري پوکيل فصل به سڙي ويندا هئا. وري جي ڪڏهن درياهه ۾ ٻوڏ اچي ويندي هئي تہ درياهه کي بند نه هجڻ سبب ڳوٺ فصل سَڀ پاڻي ھيٺ اچي ويندا هئا. وري ڪڏهن ڪڏهن درياهه ﺍﻧﻬﻦ واهن جي منهن ۾ ميلن تائين لٽ وجهي پاڻيءَ جو وهڪرو ئي بند ڪري ڇڏيندو هو پوءِ هاري ويچارا هفتن جا هفتا ڇيڙ ڪري ڪوڏرن سان اهو لٽ ويٺا ڪڍندا ھئا، ته وري ڪڏهن بند نه ھجڻ سبب درياهه انهن واهن جي منهن کان رخ مٽائي ٻيو گس وٺندو ھو ته اھي واهه ئي ناڪاره ٿي ويندا هئا.انھن واهن جو پاڻي مٿاھين زمينن کي ته بلڪل ڪونه لڳندو هو. مطلب ته فصل جي پچڻَ تائين ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ هوندو هو ته اڳتي الائي ڇا ٿيندو. ي ڳالهيون ٻڌائڻ جو مقصد اهو آهي ته انگريزن جي قائم ڪيل جديد بئراج سسٽم کان اڳ ۾ ماڻهو ڪيتري تڪليفن سان واهن کي وهائيندا هئا… جڏهن انگريزن جي حڪومت قائم ٿي ته انهن عام ماڻهن جي اهڙي بيچيني واري حالت ختم ڪرڻ لاءِ درياهه جي آبپاشي سسٽم تي ڪم شروع ڪيو. ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ درياهه جي ٻنهي ڪنارن سان بند ٻڌڻ شروع ڪيا. انھيءَ دوران ڪافي نوان واهه به ڪڍيا پر انهن واهن ۾ گھربل مقدار ۾ خاطري واري پاڻي لاءِ بئراج ٺاھڻ جو اڀياس شروع ڪيو. آخرڪار سکر بئراج ٺاهيو ويو جنهن سان سنڌ جا جهرجهنگ آباد ٿي ويا. بعد ۾ گڊو ، ڪوٽڙي بئراج به ٺهي ويا. ٽنهي بئراجن سان سنڌ جي هڪ ڪروڙ 28 لک ايڪڙ زمين آبادي ھيٺ اچي وئي ، جڏهن تہ بئراجن کان اڳ ۾اُٿل واهن تي مشڪل سان 30 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هئي. هاڻي جيڪڏهن برساتي ٻوڏ جي ڪري پاڻي نيڪال ٿيڻ ۾دير لڳي ٿي ته انهي لاءِ نوان سمِ نالا ٺاهيا وڃن يا موجوده سم نالن جي گنجائش وڌائي وڃي ، جيئن سکر بئراج جي تجربي ۾ پيش ايندڙ نيڪال جي پاڻي جي مسئلي کي نظر ۾ رکندي ڪوٽڙي بيراج جي تعمير ﻭﻗﺖ انھيءَ جي ڪمانڊ ايريا ۾سم نالن جو به ھڪ ڄار وڇايو ويو جنھن سبب هن سال جي برساتي ٻوڏ جو پاڻي ڪوٽڙي بئراج جي عِلائقن مان گهڻي ڀاڱي نيڪال ٿي ويو آهي
فصلن کي پاڻي لاءِ ڪوٽڙي بئراج جا سڀ واھ به هڪ ھفتو اڳ کوليا ويا آھن.پر ڊاڪٽر حسن عباس عجيب کل جوڳا مشورا ڏيئي رهيو آھي ته پاڻي جي نيڪال لاء سنڌ جا سڄا بئراج ڪينال ختم ڪيو ڇو ته اڳ ئي انھن واهن سنڌ جو وڏو نقصان ڪيو آهي هاڻي انهن جي ضرورت ناهي ، مطلب ته واپس 200 سال پراڻي اوڻويھ سئو اوندﻫﻪ جي اهڙي دؤر ۾ هليا وڃو جنھن ۾ سنڌ ۾ درياهه تي ڪو بہ بند نه هُجي ، نه ڪو واهه هجي نه ڪا بئراج…. بس چُپ ڪري ويهي مٽي کائو ، جڏهن درياهه جي ٻوڏ اچي ته اُنھي ۾ پنهنجا ڳوٺ زمينون ٻوڙائي پوءِ انهي ٻوڏ جي ڇڏيل ريج تي ڪڻڪ وغيره پوکيو ، پوءِ جيڪي پنج روپيا بچيا ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ چوي ٿو ته انگريز ته ڌاريا هئا سو انھن کي ڪهڙي خبر ھئي سنڌ جي ؟؟؟ برابر سائين، توھان صحيح چئو ٿا ، ڇو تہ انگريزن سڄي سنڌ جي ڪچي پڪي جهرجهنگ جي ھڪ ھڪ فوٽ جو سروي ڪري انهي جي زميني ليول پڙهي ماپ ڪري ھڪ هڪ ديهه جا نقشا ٺاهي اُنھن کي سروي نمبرن ۾ ورهائي انهيء وقت موجود ڳوٺ ، واهه، ڪڙِيا ، رستا ،پيچرا ،قبرستان، ڍنڍ ،ڍورا، ٻيلا، واري جا دڙا، جبل وغيره سڀ شيون ديھن جي نقشن ۾ ڏيکاريون. ائين انھن زميني ليول جي مدد سان واهن شاخن کي ڊزائين ڪيو. سو واقعي انگريز بيغیرتن کي سنڌ جي جاگرافي جي ڪا ﺧﺒﺮ ئي ڪا نه هئي. سو سنڌ جي سڄي خبر ته گھر ويٺي صرف ڊاڪٽرصاحب کي ئي آھي. حيرت تہ انھن ماڻهن تي ٿي رھي آھي جيڪي ڊاڪٽر صاحب جي اهڙين عجيب ڳالهين تي جهمريون پائي واهه سائين واهه جا ٺڪاءُ ھڻي رهيا آهن پر اهو نه ٿا سوچين ته هي همراه جيڪو ڪجهه چوي ٿو انهي جو نتيجو ڪيڏو ڀيانڪ نڪرندو…… اسان سنڌي به عجيب مخلوق آهيون. شل نه ڪو ماڻهو ڪجھ ابتيون سبتيون کٽيون مٺيون ڳالهيون ٻڌائي ٿورو تماشو ھڻي ، پوءِ بس ڳالهين کي بنا سوچڻ سمجهڻ جي انهي جي واهه واهه ۾ لڳي ويندا آهيون. ڪڏھن آغا وقار لاءِ پاڻي تي ٺاهيل گاڏي لاءِ نوبل پرائيز جا مطالبا ڪندا آهيون ته ڪڏهن وري ڊاڪٽر حسن عباس کي پنهنجومسيحا سمجهندا آهيون……
نوٽ:هي آرٽيڪل اسان کي سوشل ميڊيا تان موصول ٿيو،جيڪي سٺو لڳو انڪري ڏسندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو










