ليکڪ: جاويد سولنگي
دنيا ۾ موسمياتي تبديلين سبب سنڌ ۾ هر سال چوماسي جي برساتن دوران تباهي آڻيندڙ ٻوڏ اچي ٿي. انهن ٻوڏن سبب هزارين ماڻهو متاثر ٿين ٿا، گهر ٻڏي وڃن ٿا، فصل تباهه ٿي وڃن ٿا ۽ ماڻهن جي روزمره جي زندگي متاثر ٿئي ٿي. 2022 واري ٻوڏ جو اسان سماجي خدمتن جي بحالي ناھيو ڪري سگهيا ۽ مٿان وري ٻي ٻوڏ جي اچڻ جا آواز پيا ٻڌو. اهڙي صورتحال ۾ سماجي خدمتن جي بحالي جا قدم کڻڻ انتهائي ضروري ٿي وڃي ٿو.
سماجي خدمتن جي بحالي
ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پهريون قدم متاثر ماڻهن کي رهڻ لاءِ محفوظ جڳھ فراهم ڪرڻ آهي. عارضي پناهه گاهون، خيما ۽ عارضي گهر اڏڻ جو انتظام ڪرڻ لازمي آهي. ان کان علاوه، متاثر ماڻهن کي کاڌو، پاڻي ۽ دوائون فراهم ڪرڻ پڻ ضروري آهي. صحت جي سهولتن جا بهتر انتظام ڪرڻ ۽ ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ، جتي ڊاڪٽر ۽ نرسز جي موجودگي يقيني بڻائڻ پڻ اهم آهي.
تعليم جي سھولتن جي بحالي
ٻوڏن کان پوءِ تعليمي ادارن جي بحالي پڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. اسڪولن جي عمارتن کي ٻيهر تعمير ڪرڻ، تعليمي مواد مهيا ڪرڻ ۽ استادن کي تربيت ڏيڻ جا قدم کڻڻ گهرجن. ان کان علاوه، ٻارڙن کي نفسياتي مدد فراهم ڪرڻ به ضروري آهي، جيئن اهي انهي صدمه مان نڪري سگهن..
صحت جي سهولتن جي بحالي
ٻوڏن کان پوءِ صحت جي سهولتن جي بحالي هڪ وڏو چئلينج آهي. متاثر علائقن ۾ اسپتالن ۽ صحت مرڪزن کي ٻيهر تعمير ڪرڻ ۽ جديد طبي سهولتون مهيا ڪرڻ ضروري آهي. متاثرين کي صحت جي سهولتن تائين پهچائڻ ۽ وبائي بيمارين جي روڪٿام لاءِ حفاظتي اپاءَ وٺڻ گهرجن. اضافي طور تي، صحت جي عملي کي تربيت ڏيڻ ۽ صحت جي سهولتن جي نگراني ڪرڻ به اهم آهي.
انفراسٽرڪچر جي بحالي
ٻوڏ کانپوءِ پلن، رستن، نيڪال نظام ۽ پاڻي فراهمي جي اسڪيمز جي بحالي پڻ انتهائي اهم آهي. پلن ۽ رستن جي ٻيهر تعمير سان ماڻهن جي سفر ۽ سامان جي ترسيل ۾ سهولت ٿيندي. نيڪال نظام جي بهتري سان پاڻي جي نيڪالي آسان ٿيندي ۽ پاڻي جمع ٿيڻ جا مسئلا حل ٿيندا.
پاڻي فراهمي جي بحالي
پاڻي فراهمي جي اسڪيمز جي بحالي سان ماڻهن کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ ممڪن ٿيندو. اهو نه رڳو ماڻهن جي صحت لاءِ ضروري آهي، پر روزمره جي زندگيءَ لاءِ پڻ اهم آهي. پاڻي جي فراهمي جي منصوبن کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ مقامي ماڻهن کي انهن منصوبن ۾ شامل ڪرڻ سان بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.
امڪاني ٻوڏ جي تياري
موسمي تبديلين جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ منصوبابندي ۽ تياري انتهائي اهم آهي. سنڌ ۾ پاڻي جي نيڪالي لاءِ بهترين نظام جو قيام ۽ دريائن جي صفائي لازمي آهي. نئين ٽيڪنالاجي ۽ جديد اوزارن جي مدد سان ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪرڻ ۽ متاثر علائقن جي رهواسين کي اڳواٽ اطلاع ڏيڻ لاءِ نظام قائم ڪرڻ گهرجي.
ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وڻڪاري جي مهم شروع ڪرڻ پڻ ضروري آهي، جيئن ٻوڏ جي نتيجي ۾ زمين جي زرخيزيت بحال ٿي سگهي ۽ ماحوليات تي مثبت اثر پئجي سگهي. ان کان علاوھ، زرعي زمينن جي بچاءَ لاءِ نئين ٽيڪنيڪن جو استعمال ڪرڻ ۽ ڌرتيءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن..
ٻوڏ متاثر علائقن ۾ سماجي خدمتن، صحت جي سهولتن ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ موسمي تياري لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. حڪومت، غير سرڪاري تنظيمون، ۽ مقامي ماڻهن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جيئن هڪ مضبوط ۽ محفوظ مستقبل جو بنياد رکجي. موسمي تبديلين جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ منصوبابندي ۽ سماجي خدمتن جي بحاليءَ جي قدمن سان ئي اسان پنهنجي علائقن کي ٻيهر جيئڻ جهڙو بڻائي سگهون ٿا.
جاويد سولنگي
گڏاڻي جي قتل ۾ خالد لنڊ جا 2 پٽ ملوث آهي
ڪراچي(ويب ڊيسڪ)شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي پوليس کي ڏنل اقبالي بيان ۾ قتل جو ذميوار خالد خان لنڊ جي ٻن پٽن کي قرار ڏنو آهي. 164 هيٺ رڪارڊ ڪرايل بيان ۾ هن چيو آهي ته کيس تمام گهڻيو ڌمڪيون مليون آهن ته بيان نه ڏي، مان هڪ وقت ڊڄي ويو هئس پر صحافتي برادري مون سان گڏ آهي. هن چيو ته شهباز خان لنڊ ۽ نور محمد خان لنڊ منهنجي ڀاءُ جا قاتل آهن، هنن اڳ ۾ ڀاءُ جي رستا روڪ ڪري ڌمڪيون به ڏينون هيون. سندن بڇ ۽ موجودگي ۾ هنن جي گارڊز برڪت ۽ اصغر لنڊ نصرالله تي گوليون هلايون. جوابدارن کيس چيو ته تون خالد خان خلاف گهٽ وڌ ٿو ڳالهائين، تنهنجي اوقات ڇا آهي؟. هوڏانهن يعقوب گڏاڻي جي وڪيل چيو آهي ته جوابدار طاقتور آهن ۽ شاهدن کي به قتل جون ڌمڪيون ٿا ڏين، عدالت ۾ بيان رڪارڊ نه ڪرائڻ لاءِ شاهدن جي رستا روڪ به ڪئي ٿي وڃي. حڪومت شاهدن کي تحفظ فراهم ڪري.. jawaid1_solangi@yahoo.com










