سنڌ سان ويساهه گهاتيون، لانگ مارچ ۽ اصل منزل!

سنڌ سان ويساهه گهاتيون، لانگ مارچ ۽ اصل منزل!

ليکڪ  ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

معيشت ۽ سماج بنيادي طور تي ٻه اهڙا اهم جز آهن، جن جي ڪمزور هجڻ سان نه ملڪ ترقي ۽ خوشحالي ماڻي سگهندو آهي ۽ نه ئي عام ماڻهو غربت، مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تنگدستي مان نڪري سگهندو آهي، پنهنجي سماج کي ڏسون ته اهو ڪيئي مسئلن ۾ گهيريل نظر ايندو، ڪٿي نه ڪٿي انهن بحرانن ۽ مسئلن جو تعلق معيشت سان جُڙي ٿو، بدقسمتي سان معاشي استحڪام جي سماجي اثرن کي سمجهڻ جي هتي ڪوشش ئي ناهي ڪئي وئي، نه وري ملڪ ۾ سياسي پهلوئن کي ڏسڻ جي زحمت ڪئي ٿي وڃي، اصل ۾ سماج ته حڪومت جي ڪنهن ترجيح ۾ شامل ئي ناهي، نتيجي ۾ ماڻهن جا مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، جيڪي وڏن بحرانن ۾ تبديل ٿي ملڪ کي هر شعبي ۾ ڪمزور بڻائي رهيا آهن.

سماج ۾ گڏ رهڻ سان ماڻهو هڪٻئي جي حقن ۽ فرضن جا ذميوار هوندا آهن، پر جڏهن بحران وڌي وڃن ته اهو معاشرو انهن خوبين کان محروم هوندو آهي، اسان جو ملڪ پاڪستان به گذريل ڪافي عرصي کان اهڙي قسم جي محرومي ۾ مبتلا آهي، جيڪڏهن اسين اهو مڃڻ کان انڪار ڪريون ته اها وڏي ڪوتاهي ۽ لاپرواهي هوندي، اڄ تائين ملڪ ۾ ڪو حڪمران پنهنجي ڪيل واعدن تي قائم نه رهي سگهيو آهي ۽ نه ئي پنهنجي واعدن کي پورو ڪري سگهيو آهي، چونڊن جي موقعي تي ته هر ماڻهو کي سبز خواب ڏيکاريا ويندا آهن ۽ ڪيتريون ئي اميدون ڏيکاريون وينديون آهن، پر جڏهن اهي حڪمران اقتدار سنڀاليندا آهن ته مسئلا ۽ مجبوريون ٻُڌائيندي پنهنجي واعدن کي پاڙڻ کان ڄڻ ته انڪار ڪندا آهن.

موجوده حڪومت، جيڪا پنهنجي اقتدار جي چوٿين سال ۾ هلي رهي آهي، اها ڪارڪردگي جي لحاظ سان ته اسان جي سامهون آهي، وفاقي حڪمران جماعت گذريل عام چونڊن ۾ جيڪي واعدا ڪيا، اهي اڄ تائين پورا ٿيڻ جي ڪا اميد نٿي لڳي، اهي حالتون پاڪستاني عوام لاءِ ڪنهن وڏي جهٽڪي کان گهٽ ناهن، ڇوته ماڻهن کي اميد تبديلي آڻڻ جي ڏيکاري وئي هئي، پر جنهن تبديلي کي عوام منهن ڏئي رهيو آهي، اُها اِها تبديلي نه هئي، جنهن جا واعدا ۽ دلاسا ڏنا ويا هئا. بلڪه اهڙي قسم جي صورتحال سماج کي بي يقيني واري صورتحال جو شڪار بڻايو آهي، ان جو هڪ مثال اهو آهي ته اسان جي سماج ۾ وڌندڙ مهانگائي عوام جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن، معيشت جو تعلق صرف ڪمائڻ، خرچ ڪرڻ يا خريدڻ جي سگهه رکڻ ناهي هوندو، بلڪه سماجي توانائي ۽ جرئت به ان جي ڪري هوندي آهي. عوام خوشحال هجي ته سماج مطمئن ۽ قوت سان ڀرپور هوندو آهي، پر جيڪڏهن اهو مفلسي، اٽي، اجهي ۽ لٽي کان محروم هجي ته ان جا اثر ڪنهن مخصوص طبقي تائين محدود ناهن رهندا، ادارا ۽ سياسي جماعتون به ان بي يقيني ۽ عدم اعتماد جي ماحول مان متاثر ٿينديون آهن، پوءِ ان جو ردعمل مختلف طريقن سان ڏنو ويندو آهي، ڪير احتجاج ڪندو آهي ته ڪير بي اعتماد ٿي ويندو آهي، ڪير مايوس ٿي ويندو آهي ته ڪير ماضيءَ ۾ حڪمرانن جي ناڪامين جو سهارو وٺندو آهي، نتيجي ۾ سياسي ڇڪتاڻ سان گڏوگڏ لانگ مارچ جا سلسلا شروع ڪيا ويندا آهن ته گڏوگڏ ان هائوس تبديلي لاءِ عدم اعتماد جي تحريڪ آڻڻ لاءِ سرگرميون به شروع ڪيون وينديون آهن. جهڙي ريت اسان جي ملڪ ۾ هن وقت حالتون برپا ٿي چڪيون آهن، ان جي پٺيان اهي ئي ڪارڻ آهن، جن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي ته جڏهن معيشت ۽ سماجي شعبا ناڪام ٿيندا آهن ته بلڪل اهڙي ئي صورتحال جنم وٺندي آهي، جيئن هن وقت اسين ملڪ ۾ هڪ ئي وقت حڪومت ۽ مخالف ڌر طرفان هڪٻئي جي خلاف لانگ مارچ ٿيندي ڏسون پيا ته ساڳئي وقت پارليامينٽ ۾ وزيراعظم جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ لاءِ مخالف ڌر جون جماعتون متحرڪ آهن ته ٻئي پاسي حڪومت مخالف ڌر کي ناڪام بنائڻ لاءِ حڪمت عمليون جوڙڻ ۾ مصروفِ عمل نظر اچي پئي. بهرحال چوڻ جو مقصد ته عوام خوشحال هجي ته سماج مطمئن ۽ قوت سان ڀرپور هوندو آهي، مفلسي ۽ بيروزگاري وڌي وڃي ته معاشرو بي يقيني طرف وڌندو آهي، سوال اهو آهي ته اسان جا حڪمران آخر گذريل ستن ڏهاڪن کان ناڪام ڇو ٿي رهيا آهن، باوجود ان جي ته اسان جو ملڪ ڪيئي وسيلن سان مالامال آهي، پر اڄ تائين افسوس ته ملڪ جي منزل جو اسين تعين ئي نه ڪري سگهيا آهيون، حالت اها آهي جو هڪڙي حڪومت جو منهن اولهه طرف آهي ته ٻي حڪومت جو رُخ اوڀر طرف، هم آهنگي نه هجڻ ڪري ملڪ ڪمزور ٿيندو پيو  وڃي.

سوچڻ جي ڳالهه آهي ته مختلف وقتن تي جڏهن ڏکيون گهڙيون آيون آهن ته انهن جي شروعات سدائِين سنڌ مان ئي ٿيندي آهي، 12 مئي 2007ع تي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي لانگ مارچ جي تحريڪ ڪراچي مان شروع ڪئي وئي، تنهن وقت ڪراچي جي روڊن تي ٿيل رتوڇاڻ تاريخ جو ڪارو باب آهي، جڏهن محترمه بينظير ڀٽو جلاوطني ختم ڪري 18 آڪٽوبر تي ڏيهه پهتي ته ان کي به سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ لهڻ جي اجازت ملي، بعد ۾ هڪ منصوبي تحت ڪارساز سانحو ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي ڪارڪن شهيد ٿيا. ان کان علاوه جيڪي به وڏا وڏا سانحا يا واقعا ٿيا آهن، اهي سڀ سنڌ مان هٿرادو طور ڪرائي سنڌي ماڻهن کي رتوڇاڻ طرف ڌڪيو ويو آهي. هن ڀيري به هڪ طرف پيپلزپارٽي لانگ مارچ جو اعلان ڪيو ته ان کان هڪ ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ پاران گهوٽڪي وٽان لانگ مارچ جي شروعات ڪئي وئي، ڪنهن به اهو نه سوچيو ته هڪ ئي وقت ٻن مخالف ڌرين وٽان لانگ مارچ سان وڏو ٽڪراءَ ٿي سگهي ٿو، آخر سنڌ جا ماڻهو ڪيستائين اهڙن امتحانن مان گذرندا رهندا؟ بهرحال، هنن ڏکين گهڙين ۾ سنڌ جي قومپرست ڌرين کي سنڌ جي ماڻهن طرف وِکون وڌائڻ گهرجن ۽ سنڌ سان جيڪي ويساهه گهاتيون ٿي رهيون آهن، انهن خلاف اهي سڀ متحد ٿي هڪ سگهارو آواز اٿارين.

تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته رڳو اهي ئي ملڪ ۽ قومون ترقيون ڪنديون آهن، جيڪي متحد، منظم هجن، پر هتي ڪنهن جماعت جي حڪومت ڪجهه سالن لاءِ اچي ٿي پر قومي ۽ ملڪي تعمير ۽ ترقي جي منصوبن تي به سياست ڪئي ٿي وڃي، هاڻ ته اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ملڪ ۾ سياست ڪهڙي هجڻ گهرجي، ڪهڙي طرح اسين ملڪ ۽ قوم کي سماجي ڪمزورين مان نجات ڏياريون، ملڪي ادارن کي ڪيئن مستحڪم بڻايون، اها پهرين ذميداري ته قومي رهنمائن جي آهي، انهن کي قوم ۽ ملڪ جي مفادن کي اڳيان رکڻ گهرجي، کين ڇڪتاڻ واري سياست بجاءِ ماضي جي غلطين مان سبق پرائڻ گهرجي، عوام کي ڪوڙا سبز باغ ڏيکاري اعتماد حاصل ڪرڻ بجاءِ مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري قوم لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ڇوته ان سان سياسي جماعتن جي عوام ۾ ساک مضبوط بڻجندي، سماجي ۽ معاشي طور تي ملڪ مستحڪم ٿيندو ۽ اسين بحرانن کي بهتر انداز ۾ منهن ڏئي قوم کي مشڪلاتن مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهنداسين.

advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو