سريلنڪا عمان کي 105 رنسن جي وڏي مارجن تان هارائي ڇڏيو

سريلنڪا عمان کي 105 رنسن جي وڏي مارجن تان هارائي ڇڏيو

پاليڪيلي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا عمان کي 105 رنسن سان شڪست ڏئي ڇڏي. پاليڪيلي اسٽڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ عمان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو، پهريان بيٽنگ ڪندي سريلنڪا مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 225 رنسون ٺاهيو ۽ کٽڻ لاءِ 226 رنسن جو هدف ڏنو . سريلنڪا جي ڪوشل مينڊس 61، پوَن رٿنائڪي 60 ۽ ڪپتان داشن شاناڪا 20 بالن تي پنج ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 50 رنسن جي اننگز کيڏي. عمان جي ٽيم سريلنڪا جي 226 رنسن جي ٽارگيٽ پٺيان ڊوڙندي 9 وڪيٽن جي نقصان تي مقرر 20 اوورن ۾ 120 رنسون ٺاهي سگهي . واضح رهي ته ٻئي ٽيمون ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي ٻي ميچ کيڏي رهيون هيون جنهن ۾سريلنڪا کي لڳاتار ٻي فتح ۽ عمان ٻي شڪست ملي. سريلنڪا پهرين ميچ ۾ آئرلينڊ کي 20 رنسن تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته زمبابوي عمان کي 8 وڪيٽن سان هرايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو