سرمائيداريت جو بنيادي فلسفو ڇا آھي؟

سرمائيداريت جو بنيادي فلسفو ڇا آھي؟

طفيل مگسي
سرمائيداري نظام (Capitalism)هڪ اهڙي مڪروه راند آھي.جنهن ۾ فرد کي سندس سمورين خواهشين جي پٺيان گهوڙي جيان ڊوڙايو ويندو آھي جي هٿ صرف ايترو هٿ ايندو آھي ته جنهن کي استعمال ۾ آڻي ڪري هو ٻيهر ڊوڙ ۾ شامل ٿي سگهي ۽ اهو تسلسل نسل در نسل هلندو رهي ٿو ۽ اهوئي سبب آھي ته امير جي دولت وڌندي وڃي ٿي ۽ غريب نسل در نسل غربت جي چڪڻ ۾ چڪبو وڃي ٿو.مائيڪرو اڪنامڪس.ميڪرو اڪنامڪس.مانيٽري اهي سڀ بعد جون ڳالهيون آھن.سرمائيداري نظام جي پٺيان پهرين نظرياتي.فڪري ۽ فلسفياڻو بحث آھي.جنهن ۾ پنج اهم سوال آھن.سرمائيداريت وارن انهن پنجن سوالن جا جواب ڏجن ٿا.جيڪي هن ريت آھن.
سوال(1)-ڪنزيومر ڇا خريد ڪري يعني ڊيمانڊ ڇا آھي؟اهو هن کي ڪير ٻڌائيندو؟يعني ڊيمانڊ جي مقرري ڪير ڪندو؟
جواب-انسان جي ضرورت.
سوال(2)-فلاڻي شيء بندي جي ضرورت آھي…اها هن کي ڪير ٻڌائيندو؟
جواب- سندس عقل.
سوال(3)-ڳقل ۾ اها ڳاله ڪير وجهندو ته فلاڻي شيء جي هن کي ضرورت آھي؟
جواب.هن جو نفس يعني هن جي خواهش.
سوال(4)-اهو فيصلو ڪير ڪندو ته فلاڻي خواهش جائز آھي يا ناجائز.حلال آھي يا حرام آھي.
انهن سوالن جو جواب هڪ ٻيئي اهم سوال جي جواب ۾ لڪل آھي ۽ اهو هينئن آھي.
سوال(5)- خير وشر جي مقرري ڪير ڪندو.انساني عقل(خواهش.نفس)يا خدا؟
جواب-سرمائيداري نظام(Capitalism ) ۾ ان جو جواب سواء ھن جي ڪجه ناهي ته انساني عقل پاڻ ئي فيصلو ڪندو ته هن جي لاء ڇا خير آھي ۽ ڇا شر آھي.ڇا سٺو آھي يا ڇا خراب آھي؟.ان ڪري انساني عقل نفس جي خواهش جي روين ۾ فيصلو ڪندو ته فلاڻي شيء ھن جي لاء خير آھي ان ڪري هو انهيء جي ڊيمانڊ ڪندو ۽ اها هن جي لاء قانو ني جائز هوندي.ان باري ۾ خدائي مذھب جو ڪو اختيار ناهي.سرمائدداري نظام ۾ انسان“انسان پنهنجي خواهش جو بندو آھي“اسلام هتان کان ئي الڳ ٿي وڃي ٿو.ڇاڪاڻ ته اسلام جي پيراڊائيم ۾ خير و شر جي مقرري خدا تعالي ڪري ٿو.انساني خواهش جي حلال و حرام جو فيصلو خدا ڪري ٿو.جيتوڻيڪ جائز خواهش ۾ به اسلام نفس جي خواهش جي مخالفت جي تربيت ڏيئي ٿو.جڏھن ته اسلام ۾ انسان خدائي حڪمن جو پابند آھي.
هاڻي اڳٿي واري اڪنامڪس جو بحث ان کانپوء شروع ٿيئي ٿو.
What is produce
How much to produce
سرمائيداري نظام( Capitalism ) جا حامي سمجهن ٿا ته اڪنامڪس شروع ئي انهن سوالن کان ٿيئي ٿي.جناب؛انهن کان اڳ وارا يا مٿي وارا سوال جواب مقرر ڪن ٿا ته معاشيات ڪيئن هلندي؟دنيا جو جيڪو به ملڪ کڻي وٺو نج طور تي سرمائيدار ملڪ .
(1)-هتان کان اسان کي جنسي (Sex satisfaction)جي لاء سيڪس ٽولز جي خواهش ٿي ته سيڪس ٽولز سٺا قرار ڏنا ويا. ڊيمانڊ پيدا ٿي.ڊيمانڊ پوري ڪرڻ جي لاء سڀلاء فوس چرپر ڪئي ۽ سيڪس ٽولز جي باقاعفي انڊسٽري قائم ٿي.جنهن کي قانوني سبب به ملي ويو..،اهو آھي سرمائيدار نظام(Capitalism).
(2)-هتي هوموسيڪس (لونڊي بازي) يعني هم.جنس پرستي جي خواهش ماڻھن کي پيدا ٿي ته ان کي قانوني سبب ڏنو ويو بلڪ هن وقت ته گڏيل قومن جو ادارو سمورن ملڪن کان ان کي سبب ڏيڻ جو مطالبو به ڪري رهيو آھي.ڇاڪاڻ ته اها انسان جي آزادي ۽ حق جي ڳاله تصور ڪئي وئي آھي جيڪو( Capitalism )جي ڇٽيء هيٺان ئي وڌيو ويجهيو.
(3)-هتي شراب.بورڪ جي ڊيمانڊ ٿي.سپلاء فورس وائين ۽ بورڪ انڊسٽري قائم ڪري ڇڏي اهو نظريو آھي سرمائيداريء نظام(Capitalism )جو.
(4)-سرمائيداري نظام(Capitalism)ئي آھي جيڪو اخلاقي سطح جي هر غليظ شيء ۽ ھر حرام شيء کي پرو ڊيڪشن قرار ڏيئي ٿو ۽ مارڪيٽ تائين آڻي ٿو.ڇوته انهن سببن جي پٺيان (نفس جي خواهش) جو حڪم ٿيو آھي.
(5)-هر انسان پنهنجي خواهش ۾ آزاد آھي ۽ اهو بنياد ئي آھي ان نظام جي ڪتابن ۾ شراب.بورڪ برگر.جهڙا مثال عام آھن.حالانڪ عيسائيت ۽ يهوديت جهڙن مذھبن ۾ به اهي سڀ شيون حرام آھن.ان جي باوجود (Capitalism) ۾ اهو سڀ ٿي رهيو آھي.ڇو؟.ڇوته ( Capitalism) ۾ مذھب جي مداخلت جي اجازت ئي ناهي.(Capitalism)چئي ٿو ته مذھب ڪير ٿيندو آھي.اهو فيصلو ڪرڻ وارو مان ڇا ڪريان ۽ ڇا نه ڪريان ؟ان قسم جو فيصلو فرد پاڻ ڪندو.
سرمائيداري نظام(Capitalism)جي سلطنت جا ٽي بنيادي ستون آھن.
(1) لبرل ازم يعني مذھب جو ڪو ڪردار ناهي.
(2)- هيومن ازم يعني انسان پنهنجي سٺي بري جو پاڻ فيصلو ڪري سگهي ٿو.
(3)جهموريت
انهن ٽنهيء ٿنڀن کانسواء جيڪڏھن ڪا به قوم(Capitalism) تي هلندي ته ان جا ميووا حاصل نه ڪري سگهندي.اهوئي سبب آھي ته اسلامي ملڪ ان نظام تي عمل ڪندي ناڪام آھن.ڇاڪاڻ ته اهو نظام اسلامي بنيادي عقيدن جي خلاف آھي.مسلمان به رهان ۽ وياج به کاوان ڪيئن ممڪن آھي؟مسلمان به رهان.مگر حڪم پنهنجي نفس جي خواهش جو مڃيان اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو.؟
جيڪڏھن ڪنهن کي اختلاف آھي ته جناب؛اوهان پنهنجي تصوراتي (Capitalism)جي روشني ۾ مٿي بيان ڪيل پنجن سوالن جا جواب پنهنجي ذھن ۾ سوچيو ۽ انهن تي ويچار ڪيو.جنهن نظام جا اوهان خواب ڏسي رهيا آھيو اهو يا ته( Capitalism)ئي ناهي يا پوء اوهان کي پتو ئي ناهي ته (Capitalism )ڇا آھي؟مائيڪرو.ميڪرو.مانيٽري اچي وڃڻ جو مطلب اهو ناهي ته اوهان(Capitalism )سمجهي ويا.جي لاء فادر آف اڪنامڪس ايڊم سمٿ.ڊيوڊ ريڪاڊو ۽ انهن جي پيء جان لاڪ کي پڙھو ته ان نظام معشيت قائم ڪرڻ جي پٺيان ڪهڙا عقيدا هئا؟ پوء آن کانپوء ڇوته سرمائيداريت جو تعارف ڪرائڻ کان اڳ معاشري کي فڪري طور تي تيار ڪيو ويو.ان پهرين فڪر کي سمجهيو(Capitalism)اهوئي آھي.باقي جنهن ۾ اوهان آھيو اهو صرف فريب ئي مشتمل آھي ؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو