رشتن ۾ محبت جو احساس!

رشتن ۾ محبت جو احساس!

ليکڪ اظھر لاشاري
محبت ڪيڏو نه خوبصورت وڻندڙ احساس آهي، ڪائنات جي مالڪ رشتن ناتن جون ڳنڍيون ڇو ڏنيون؟ ان لاء ته جيئن اسين ايڪي ٻڌي سان رهون, هڪ ٻئي سان جڙيل رهون,هڪ ٻئي جو ڏڍ ٿيون ,ٻانهن ٻيلي ٿيون, ساٿي بڻجي رهون ,ڇڙ وڇڙ ٿي اڪيلا نه ٿي وڃون , رشتا ته هوندا ئي محبتون ونڊڻ ورهائڻ لاء آهن ,ان ۾ ڇا عورت ڇا مرد ڇا ننڍو ڇا وڏو, رشتن جون ڳنڍيون خوشين کي پيدا ڪرڻ لاء ڏيندا آهيون ,پر افسوس جو اسان ڪڏهن به رشتن جي اهميتن کي سمجهي ناهيون سگهيا اسان رشتا ناتا فقط سماجي رسمن ڪارڻ جوڙي رکيا آهن معاشري ۾ عزت ڪارڻ جوڙي رکيا آهن , محبتون عزتون ته اسان جي تعلقن ۾ باقي وڃي بچيون آهن. گهڻي ڀاڱي سمجهوتا ڪيا ويا آهن , جنهن جو وڏو سبب خود پرستي آهي, اسان فقط پاڻ لاء سوچڻ جا عادي آهيون ,ٻين مان محبت عزت جون اميدون ته رکندا آهيون پر پاڻ ڪنهن جي اميدن تي پورا لهي ناهيون سگهندا .
اسان کي وڻندو آهي ته ڪو اسان جو خيال رکي,ڪنهن کي اسان جو فڪر هجي, ڪنهنجي دل اسان جي درد تي ڏکي پئي ,ڪو اسان کي اداس ويڳاڻو ڏسي ته پاڻ اداس ويڳاڻو ٿي وڃي , ڪو اسان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ,ڪو اهو سڀ سمجهي جيڪو اسان اظهاري ناهيون سگهندا ، ڪو اسان کان روز صبح شام منجهد پڇي .ڪيئن آهيو؟ ڇا پيا ڪريو؟ڪٿي آهيو؟ڇا کاڌو اٿؤ؟ڇا پهريو اٿؤ؟ڇا ٿا ڪرڻ چاهيو؟
ڇا نٿا ڪرڻ چاهيو؟ڇا ڪري آيا آهيو؟ڇا ڪري نه سگهندئو؟ پنهنجو خيال رکو, هي کائو ,هي پهريو , هيڏانهن وڃو , ڇا گهرجي اوهان کي, اسان لاء ڪو ڪم هجي ته ٻڌايو, اسان اوهان سان گڏ آهيون, اسين اوهان کان پري ناهيو،
هي ننڍڙا ننڍڙا جملا روزمره جي زندگي ۾ روز ٻڌندا آهيون بظاهر ته هي روايتي لفظ آهن. پر سمجهڻ سوچڻ وارن لاء ان جي ڪاميابي جون ڏاڪڻ آهن ، پر تڏهن جڏهن اهو سڀ ٻڌڻ جي اميد سان گڏ چوڻ جي سگھ به رکون. اسان جو ٿورڙو ڌيان ، اسان جي ٿورڙي محبت اسان جي ٿورڙي نوڙت اسان جي ٿورڙي عاجزي اسان جي پنهنجن جون زندگيون بدلائي سگهي ٿي .جفاڪشين جو دور آهي اسان ڏينهو ڏينهن پنهنجن کان پري ٿي رهيا آهيون، اسان کي اهو به معلوم ناهي نه اسين ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، ته اسان سان گڏ هڪ گهر ۾ رهندڙ اسان جا ڀاتي ڪيئن جي رهيا آهن انهن جون اندروني ڪيفيتون ڪهڙيون آهن , هو اسان مان ڪهڙيون اميدون رکن ٿا هو اسان کي ڇا چوڻ چاهن ٿا جيڪو چئي نٿا سگهن. هو جيئن ڏسجن ٿا يا جيئن ٻڌائن ٿا ايئن ئي آهن يا هنن جي اندر جي ڪا ٻئي ڪيفيت آهي؟!
, هو پريشان ته ناهن؟ هو اندر ئي اندر ۾ ٽٽل بيزار خفا ته ناهن، هو پنهنجو پاڻ سان وڙهي ته ناهن رهيا ؟ اسان جي سماجي زميوارين سان گڏ انهن جي اندر جهاڪڻ ۽ انهن کي محبتون ڏيڻ دوست بڻجڻ به اسان جون اخلاقي زميواريون آهن .پنهنجي اولاد پنهنجي گهر ڀاتين جون ضرورتون انهن جي پالنا ته جانور پکي جيت جڙو به ڪندو آهي , پر انسان هجڻ جو اهو فرق آهي ته هو انسانيت ۽ اخلاقيات کي زنده رکي , اسان جو ڌيان اسان جي محبت اسان جي پنهنجن کي اسان جي ويجهو وٺي اچي ٿي. انهن کي ڪامياب قابل ۽ مظبوط بڻائي ٿي , ان کان اڳ اسان پنهنجن جي محرومين کي سمجهڻ جي ڪوشش نٿا ڪريون جيسين هو اندران اندرا برف جيان ڳري ختم ٿي ٿا وڃن ۽ پوء جڏهن پنهنجي خوبصورت زندگي جو گل پاڻ پٽي اڇلائي ٿا ڇڏن تڏهن اسين موٽي ٿا اچون پر پوء سواء افسوس پڇتاء جي ٻيو ڪجھ ناهي بچندو اسان وٽ نه ئي پنهنجي وڍي جو ويڄ ڪو طبيب !

پهنجو تبصرو موڪليو