جنگین جا خوفناڪ منهن نه ۔۔۔۔۔۔امن جون مرڪون گهرجن

جنگین جا خوفناڪ منهن نه ۔۔۔۔۔۔امن جون مرڪون گهرجن

طفيل مگسي
جنگ رتوچاڻ۔تباهي بربادي اهي لفظ اسان جي شعور ۾ گهر ڪري ويا آهن۔جيئن روزمره جا معمول۔ڪڏهن غزه ۾ باھ جي برسات وسي ٿي۔ڪڏهن يوڪرين ۾ گولين جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ڪڏهن ايران جي فضا ۾ جنگي جهازن جي ڳجگوڙ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي۔يعني اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ ساھ کڻي رهيا آهيون۔جتي زندگي جي قيمت ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿي رهي آهي ۽ موت جو ڪاروبار ڏينهون ڏيهن پکڙجي رهيو آهي ۽ مهانگو پڻ ٿي رهيو آهي۔جنگيون چو ٿين ٿيون؟چا اها مذهب جي جنگ آهي؟چا اها زمين جي ننڍڙي ثڪري جي جنگ آهي؟يا پوء اها صرف ڪجه طاقتور رياستن جي معاشي مفادن۔هٿيار ٺاهيندڙن ڪمپنين جي نفعي ۽ سامراجي طاقتن جي پکيڙ جي بک و لالچ جون نشانيون آهن۔انهن سوالن جا جواب ڳولا ڪندي اسان کي تاريخ جا ورق ورائڻا پون ٿا۔جتي جنگين جي شروعات انهن ئي قوتن ڪئي جيڪي پاڻ کي مهذب دنيا جون ٺيڪيدار سڏين ٿيون۔افريقا کان وٺي ڪري ايشيا تائين۔لاطيني امريڪا کان وٺي وچ اوڀر تائين۔جتي جتي سامراجي ديو ويو۔اتي پنهنجي طاقت جي ڏاڍ مڙسي تي انسان کي غلام بڻايائين۔وسيلن جي بيدرديء سان ڦرلٽ ڪئي ۽ پوء جڏهن انهن زمينن جي مالڪن آواز اٿاريو ته انهن تي دهشتگردي جو ليبل هڻي ڪري انهن جون وسنديون موهن جي دڙي ۾ تبديل ڪري چڏيائين۔برصغير جي ورهاست هجي يا فلسطين جو زخم۔عراق جي جنگ هجي يا افغانستان جي جنگ هجي۔انهن سڀني جي پٺيان جيڪڏهن ڪجھ آهي ته اهي سامراجي مفاد۔سرمائيداراڻين پاليسين جو تسلط ۽ هٿيارن جو نه ختم ٿيندڙ واپار۔اسان ڪڏهن سڪون سان ساھ کڻنداسين؟ اهو سوال شايد ڪنهن فلسطيني ماء جو آه ۾ لڪل هجي۔جيڪا پنهنجي جگر جي ٽڪر جي لاش کي چاتيء سان لائي سوچي ٿي ته نيٺ اها رت جي راند ڪڏهن ختم ٿيندي۔شايد ڪنهن يوڪريني بزرگ جي دل ۾ هجي جيڪو پپنهنجي مٽيٻ جي ڍير ۾ تبديل ٿيل گهر جي سامهون ويهي ڪري ماضيء کي ياد ڪري رهيو هجي يا پوء اهو سوال ڪنهن ايراني پيء جي اک ۾ هجي ۔جيڪو پنهنجي وٽ جي جنازي کي ڪلهو ڏئي رهيو هجي۔اسان هن دنيا ، تڏهن سڪون سان رهي سگهنداسين ۔جڏهن جنگ کي صرف جنگ جي ميدان ، ٿيڻ واري ويڙھ نه بلڪ هڪ منصوبابند سرامائيداراڻي ڏو ھ جي طور تي سڃاتو ويندو۔جڏهن اسان اهو مڃي وٺنداسين ته ڪنهن به انسان کي صرف ان لاء ماري چڏڻ ته هو ڪنهن ٻيئي قوم مذهب يا رنگ سان تعلق رکي ٿو۔هڪ ناقابل ڏوھ آهي۔جڏهن اسان اهو سمهجي وڻٺنداسين ته دنيا جا سمورا ٻارڙا هڪ جهڙا هوندا آهن۔انهن جو رت هڪ جهڙو ڳاڙهو هوندو آهي۔انهن جي مرڪ هڪجهڙي خوشبو رکندي آهي۔ليڪن ان کان اڳ اسان کي سچ جو سامهون ڪرڻو پوندو۔اسان کي اهو مڃڻو پوندو ته اڄ جي عالمي سياست اخلاقيات۔انسانيت يا انصاف تي باهي بلڪ طاقت جي توازن تيل جي قيمتن ۽ هٿيار ڄاهيندڙ ڪمپنين جي شيئرز تي مشتمل آهي۔امريڪا هجي يا روس۔چين هجي يا اسرائيل هر وڏي طاقت پنهنجن مفادن جي پورائي جي لاء انسانن کي مهرو بڻائي ٿي۔هڪ پاسي اهي امن جي ڳالھ ڪن ٿا۔ٻيئي پاسي اربين ڊالرز جا هٿيار وڪرو ڪن ٿا ۽ اسان جيڪي هن دنيا جا عام ماڻهو آهيون۔جيڪي هر ڏينهن زندگي جي لاء جدوجهد ڪريون ٿا۔ڪيستائين انهن جنگين جو ٻارڻ بڻبا رهنداسين؟ڪيستائين اسان جي جينوجوان فوجي ڀرتين ۾ پنهنجيون جانيون ڳھ رکي ڪنهن طاقتور جي مفادن جي جنگ وڙهندا؟ڪيستائين اسن جون عورتون رنڙ رهنديون؟ڪيستائين اسان جا ٻار يتيم ٿيندا رهندا؟ضرورت هن ڳالھ جي آهي ته اسان انهن قوتن کي وائکو ڪيون۔جيڪي جنگ کي ضرورت ۽ دفاع جو نالو ڏئي ڪري اصل حقيقت لڪائين ٿا۔اسان کي اهو سمجڻو پوندو ته ڪنهن قوم جي بقا ڪنهن سرحد جي حفاظت  يا ڪنهن عقيدي جي برتري جي نالي تي جڏهن انسانيت جو قتل عام ٿيئي ٿو ته اصل ۾ قاتل اهي  ئي آهن۔جيڪي دنيا جي معشيت ۽ سياست جي مرڪز ۾ ويٺا آهن۔چا اسان هڪ ٻيئي کي جيئڻ جو حق ڏئي سگهون ٿا ؟ها ڏئي سگهون ٿا۔جيڪڏهن اسان پنهنجن نفرتن کي  سڃاڻون انهن سازشن کي سمجهون جيڪي اسان کي پاڻ ۾ ويڙهائين ٿيون۔جيڪڏهن اسان اهو مءي وٺون ته مذب۔ٻولي۔رنگ ۽ قوميت انسان کي ورهائڻ جا هٿيار ٺاهيا ويا آهن۔جيڪڏهن اسان اهو ڄاڻي وٺون ته هر جنگ کان اڳ ڪوڙ گهڙيو ويندو آهي ۽ ميڊيا جي وسيلي فضا تيار ڪئي ويندي آهي ۽ پوء انسانن کي مارڻ جي لاء جائز بهانو گهڙيو ويندو آهي۔دنيا ۾ جيئڻ جو حق سڀني جو آهي۔ڪنهن فلسطيني جو رت ڪنهن يهودي کان گهٽ قيمتيت تي ناهي۔ڪنهن ايراني جو ڏک ڪنهن امريڪي ماء جي ڳوڙهن کان گهٽ ناهي۔ڪنهن افغاني ٻار جي بک ڪنهن يورپي ٻار جي بک جيتري ئي تڪليف واري آهي۔فرق صرف ايترو آهي ته هڪ تصوير ميڊيا تي اچي ٿي ۽ ٻيئي جو لاش ڍير هيٺان دفن ٿي وڃي ٿو۔اسان کي اهو ڏينهن آڻڻو پوندو جڏهن جنگ کي ناڪامي سمجهيو ويندو فتح نه۔جڏهن امن کي صرف ڳالهين۔سان نه بلڪ انصاف سان ڳنڍيو ويندو۔ اسان اها ويڙھ قلم سان وڙهڻي پوندي۔شعور سان علم سان ۔بيداري سان۔اسان کي پنهنجن نسلن کي ٻڌائڻو پوندو ته جنگيون انسانن جو مقدر ناهن بلڪ مفادن جون سازشون آهن۔اسان کي امن جيان چين جي ڀت جيان بيهي رهڻو پوندو۔چاهي اهو امن فلسطين ۾ هجي۔ايران ۾ هجي ۔ڀارت ۾ پاڪستان ۾ هجي يا ڪنهن افريقي ملڪ۾ ئي چو نه هجي۔دنيا سڪون جو گهر ڪڏهن بڻجي سگهي ٿي۔جيڪڏهن اسان چاهيون۔جيڪڏهن اسان اهي ڏينهن آڻڻ چاهيون جڏهن ٻارڙا اسڪول وڃن نه ڪي پناھ ڱاهن ۾ لڪن۔جڏهن ماء جي اکين ۾ خواب هجي ڳوڙهو نه۔جڏهن پيء جي ڪلهي تي پٽ جو لاش نه هجي بلڪ ان جو ٿيلهو هجي۔چا اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو؟شايد اچي۔جيڪڏهن اسان سوال سکي وٺون۔جيڪڏهن اسان سچ ڳالهائڻ سکي وٺون۔جيڪڏهن اسان انسان کي انسان سمجهڻ سکي وٺون۔جڏهن اسان جي قلم جو آواز سڀني ظلمن جي خلاف هڪ ٿي وڃي۔تڏهن شايد اهو ڏينهن ايندو ۽ ها اهو ڏينهن ضرور ايندو۔جڏهن اسان جنگ جي خلاف ۽ امن جي حق ۾ پنهنجي ساھ جي آخري تند تائين ڳالھ ڪنداسين۔لکنداسين۔انهيء خواب کي فيض صاحب نهايت خوبصورت ۽ خوشبودار لفظن ۾ پوئيو آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو