تحرير: سيد مختيار علي
پاڻي جيڪو نه صرف انساني حيات لاءِ ضروري آهي پر زراعت جي شعبي لاءِ پڻ تمام گهڻو ضروري آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ صوبو زراعت جي شعبي سان مالا مال آهي جنھن جي معيشت جو گھڻو ڀاڱو زراعت آهي جنهن لاءِ پڻ پاڻي ھڪ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو.
ٻئي طرف وفاقي ۽ پنجاب حڪومت پاران گڏيل سھڪار سان زرعي شعبي ۾ ترقي لاءِ 6 ڪئنال ٺاهي گرين پاڪستان انيشئيٽو جي نالي سان ڪارپوريٽ فارنگ جو منصوبو جوڙيو آهي جنهن مطابق چولستان جي ھزارين ايڪڙ غير آباد زمين کي آباد ڪيو ويندو. جنهن تي پنجاب حڪومت جو موقف آهي ته هو پنهنجي حصي جي پاڻي مان اھو منصوبو جوڙي رهيا آهن جيڪو ھر صوبي جو حق آهي ته اھي پنهنجي پاڻي جي حصي کي ڪنهن به نئي منصوبي ۾ استعمال ڪري سگهن ٿا پر ڏٺو وڃي ته سنڌ ۽ پنجاب صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ جي شڪايت ٿيندي آهي پنجاب جا آبادگار پاڻي نه ملڻ جون شڪايتون ڪندا آهن ٻئي پاسي صوبي سنڌ جا آبادگار پڻ پاڻي جي کوٽ بابت احتجاج ڪندا رھندا آھن ته ان صورتحال ۾ ڳڻتي جوڳي ڳالھ اھا به آهي ته پنجاب صوبو چولستان منصوبي لاءِ ايترو پاڻي ڪٿا آڻيندا جڏهن ته پاڻي ملڪي ضرورت کان به گھٽ آهي. سنڌ حڪومت جو پڻ اھو موقف آهي ته 1991ع واري ٺاهه تحت سنڌ صوبي کي پاڻي فراهم نه پيو ڪيو وڃي اگر پنجاب حڪومت ان منصوبي لاءِ پنهنجي حصي جو پاڻي استعمال ڪرڻ چاھن ٿا ته ان کي واضع ڪيو وڃي ته اھي پنجاب جي ڪھڙي ضلعي يا جڳھ تان پاڻي ان منصوبي لاءِ استعمال ڪندا، سنڌ حڪومت جو اھو پڻ چوڻ آهي ته اھي وفاقي حڪومت کي سي سي آئي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ ڪافي دفعا لکيو ويو آهي ته جيئن سنڌ حڪومت پنهنجون شڪايتون اجلاس ۾ پيش ڪري سگهي پر تنهن هوندي به ھينئر تائين اجلاس نه ڪوٺايو ويو آهي ھينئر 06 ڪئنال ٺاهڻ وارو اعلان تمام گھڻي شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ سنڌ صوبي جي ماڻهن ۾ بيچيني پيدا ٿيندي پئي وڃي ۽ مختلف سياسي ۽ سماجي پارٽين جو ھڪڙو ئي موقف آهي ته وزيراعظم پاڪستان ان منصوبي تان دستبرداري جو اعلان ڪري ۽ منصوبي کي ختم ڪيو وڃي. ياد رهي ته ڪجهه وقت اڳ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ واري منصوبي کي پڻ سنڌ جو عوام رد ڪري ڇڏيو هو پر ھينئر چولستان منصوبي لاءِ 06 ڪئنالن ٺاهڻ واري عمل کي روڪڻ لاءِ پڻ سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي ۽ عوام جو ھڪ ئي موقف آهي ته ان منصوبي کي ختم ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته صوبي جون جيڪي زمينون آباد آهن ان لاءِ ئي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري ويندي آهي ته ان منصوبي جي تعمير سان سنڌ صوبي کي بنجر بڻايو پيو وڃي ۽ جيستائين وفاقي حڪومت اھو منصوبو ختم نه ڪندي تيستائين احتجاج جاري رکيو ويندو. جڏهن ته سنڌ صوبي ۾ حڪومت پاڪستان پيپلزپارٽي جي آهي جنهن پڻ واضع موقف اختيار ڪيو آهي ته صوبي جو عوام پاڪستان پيپلزپارٽي ان منصوبي کي رد ڪري ٿي.
وزيراعظم پاڪستان شھباز شريف جيڪو سموري ملڪ جو وزيراعظم آهي سندس سنڌ جي عوام جي غم و غصي جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ فوري طور تي سندن مطالبا تسليم ڪرڻ گهرجن ته جيئن صورتحال بھتري طرف اچي. تازو ئي وفاقي حڪومت جي عملدار پاران سنڌ حڪومت جي سينيئر صوبائي وزير سان پڻ معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي آهي جنهن مان اميد ڪري سگهجي ٿي ته عوام جي ڀرپور احتجاج کي نظر ۾ رکندي سندن مطالبو منظور ڪيو ويندو ۽ ان منصوبي کي ختم ڪيو ويندو.
ان سلسلي ۾ صوبائي اسيمبلي سنڌ پڻ قرارداد پيش ڪري چڪي آهي ته سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ وارو عمل غير قانوني ۽ غير آئيني آهي جيڪو ارسا ايڪٽ 1991ع جي خلاف ورزي آهي ان لاءِ ان منصوبي کي ختم ڪيو وڃي. جڏهن ته 15 فيبروري 2025ع تي ان منصوبي جو افتتاح ٿي چڪو آهي ٻئي پاسي وفاقي حڪومت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته اھو معاملو پھريان سي سي آئي مان پاس ڪرايو ويندو بعد ۾ ايڪنڪ ۾ آندو ويندو فلحال شروع ناهي ٿيو.
پر سنڌ جي عوام جو اھو ئي مطالبو آهي ته تڪراري ڪئنالن وارو منصوبو ھر صورت ۾ ختم ڪيو وڃي. انهيءَ منصوبي کي منسوخ ڪرائڻ لاءِ ٻٻرلوء بائي پاس تي وڪيل برادري طرفان ڪجهه ڏينهن کان ڌرڻو جاري آهي ۽ سندن اھو ئي موقف آهي ته جيستائين 06 ڪئنالن وارو منصوبو ختم ڪرڻ جو ڻوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويندو تيستائين اسان ڌرڻو ختم نه ڪنداسين ۽ ڌرڻي سبب پنجاب ڏانهن ويندڙ ھزارين گاڏيون رستي تي بيٺل آهن. ھينئر ڌرڻي جي حمايت ۾ مختلف مڪتب و فڪر جي ماڻهن، سول سوسائٽي، ڊاڪٽر، استاد ۽ لکن جي تعداد ۾ عوام شرڪت ڪن ٿا جتي ڌرڻي ۾ موجود ماڻهن لاءِ کاڌي پيتي جون شيون سنڌ جي ماڻهن پاران فراهم ڪيون پيون وڃن










