بينظيرھاري ڪارڊ ھڪ انقلابي قدم

بينظيرھاري ڪارڊ ھڪ انقلابي قدم

عبدالمجيدبروھي
پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران 2022 جي ٻوڏ ۾ پنھنجي سنڌ وسي ماروئڙن جا گھر ۽ انھن جو سمورو فصل ٻوڏ جي پاڻي برساتي پاڻي ۾ تباھ ٿيڻ بعد بلاول ڀٽو زرداري پاران پنھنجي سنڌ واسين جي بحالي ۽ انھن کي باحففاظت ۽ عزت سان سندن گھرن ڏانھن واپسي لاء جي ڪوششون ان وقت ڪيون ويون ھيون اھي سڀني جي سامھون آھن سواء انھن جي جيڪي صبح و شام صرف ۽ صرف پ پ پ جي مٿان بلاجواز جي تنقيد ڪن ٿا انھن کي ان وقت بلاول ڀٽو جون ڪيل ڪوششون نظر نـ آيون ھيون جڏنھن بنا ڪڻھن سياسي فرق جي سڀني برسات متاثرين لاء پوري دنيا ۾ وڃي انھن عالمي ليول جي اين جي اوز کي قائل ڪري اھو سڀني کي سنڌ جي ھر ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ وٺي آيو ھيو جيڪي برسات متاثرين کي بروقت پيسن سميت ھڪ مھيني جو راشن انھن جي ڳوٺن ۾ وڃي ڏيندا رھيا جيڪي 6 قسطن ۾ برسات متاثرين کي راشن ۽ پيسا ڏيندا رھيا انھن ۾ ھيومن اپيل سميت ٻيون عالمي فلاحي ادارا ھيا جيڪي اڄ بـ اوھان وڃي برسات متاثرين کان پڇا ڪندئو تـ اوھان کي چوندا تـ اھي ھر ڳوٺاڻي جي مدد بنا ڪنھن سياسي فرق جي ڪندا ھيا ان دوران پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران پنھنجا گھر تباھ ٿيل ڏسي پريشان حال سنڌ واسين سان اھو واعدو ڪيو ھيو تـ اوھان جي مشڪلاتن کان آء واقف آھيان انشاء اللـ اوھان سڀني جا گھر اسين اوھان کي پڪا ٺاھي ڏينداسين انـبعد ھن پاڪ فوج جي مدد سان پوري سنڌ ۾ برسات سبب تباھ ٿيل گھرن جي سروي ڪرائي ھئي جنھن ۾ ويھ لک کان مٿي گھر تباھ ٿيل ڏيکاريا جن ان ڪجھ گھٽ نقصان وارا گھر ھيا ڪجھ مڪمل ڪريل گھر جنھن بعد پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت کي حڪم ڪيو تـ جيڪي بـ گھر سروي دوران نقصان ٿيل ڏيکاريا ويا آھن سمورن گھرن کي ٺاھڻ لاء پيسا جاري ڪيا وڃن جنھن بعد ويھ لک کان مٿي گھر ٺاھڻ لاء پيسا جاري ڪيا ويا جن مان گھر ٺاھي ڏيڻ وارو سلسلو اڄ بـ ڄاري آھي گھرن لاء ٽي لک روپيا ڏنا پيا وڃن ان بعد سولر پکو سولر پليٽ سولر لائيٽ ۽ اسپيشل سولر چارجر بيٽري سميت ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي جنھن لاء سنڌ بئنڪ ۾ فارم جمع ڪرائي اھي شيون وٺي سگھجن ٿيون ان بعد سمورن ٺھيل گھرن ۾ واشرومز ٺاھڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو ويو آھي انھن برسات ۽ ٻوڏ متاثرين جو زمينون پڻ تباھ ٿيون ھيون ان وقت اھو اعلان ڪيو ويو ھيو تـ سڀني آبادگارن کي بنا ڪنھن فرق جي سندن زمينن ۾ پوکيل فصل جو معاوضو ڏنو ويندو سنڌ حڪومت پنھنجي قائد پنھنجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪيل واعدي کي پايا تڪميل تائين پھچائڻ لاء بينظير ھاري ڪارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ان بعد سمورن روينيو ۽ ايگريڪلچر جي عملدارن کي اھو حڪم ڪيو ويو تـ اھي آبادگارن کان سندن زمينن جو ستون فارم وٺي جمع ڪن ۽ ڊيٽا ڪليڪٽ ڪري مٿي موڪلين جنھن بعد اھو سلسلو شروع ڪيو ويو ۽ ڪالھ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ان انقلابي ھاري آبادگار جي مدد لاء شروع ڪيل بينظير ھاري ڪارڊ جو افتتاح ڪري ھارين ۾ بينظير ھاري ڪارڊ ورھايا ان ھاري ڪارڊ جي مدد سان ھارين کي سندن فصل جي پوکائي لاء ٻڄ يوريا ڀاڻ ڊي اي پي ڀاڻ ۽ زرعي دوائون خريد ڪرڻ لاء ھر سال معاوضو ڏنو ويندو جنھن سان ھارين ۽ آبادگارن جي مشڪلاتن ۾ ڪجھ گھٽتائي اچي ويندي واضع رھي تـ جيڪي گھر ٺھن پيا ان جي مانيٽرنگ سروي لاء سنڌ حڪومت پاران مختلف فلاحي ادارن سان معاھدا ڪيا آھن جنھن سان انھن ادارن پاران ھزارين سنڌ جا ملازم ڀرتي ڪيا ويا آھن جنھن سان سنڌ واسين جا گھر ٺھڻ سان گڏ بيروزگارن کي روزگار سان پڻ لڳايو ويو آھي ھن وقت ھر ڳوٺ شھر ۾ سنڌ حڪومت پاران جارر ڪيل بينظير ھاري ڪارڊ ۽ بينظير ھائوسنگ اسڪيم جا ڪم تيزي سان جاري آھن ان کي چئبو آھي عوام جي خدمت جو جذبو

پهنجو تبصرو موڪليو