برسات متاثرين جي واهر ڪير ڪندو ؟ !!!.

برسات متاثرين جي واهر ڪير ڪندو ؟ !!!.

شاهد راڄپر
گذريل رات کان سنڌ اندر وسندڙ برسات سبب جيڪا تباهي ٿي آهي اها ڪنهن کان بہ ڳجهي نہ آهي ۽ هن قيامت نمہ صورتحال کان کان حڪمران ، سياستدان ، ڪامورا لاتعلق بڻيل آهن ۽ عوام سندن لاپرواهي سبب ڀوڳي رهيو آھي هي وقت اسان لاء لمحہ فڪريہ آھي ڇاڪاڻ ته ھڪ پاسي حڪومت اعلان ٿي ڪري عوام کي ريليف ڏينداسين 50000 ، 50000 هزار في گهر جيڪو برسات سبب متاثر ٿيو آھي ان کي ڏينداسين بحرحال ڏٺو وڃي تہ جن جن جا گهر ڪري پيا آھن ديوارون ۽ ڇتيون ڪري پيون آھن ڇا انهن جو هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۾ 50000هزار روپين مان گهر ٺهي سگهندو ؟؟ يا ان پنجاھ ھزار مان ڪا هڪ پاسي جي ديوار ٺهي سگهي سگهندي!!!! نہ بلڪل نہ پر اهو آھي اٽي ۾ لوڻ برابر انهن جي مدد ٿي سگهي ٿي پر اهي بہ ملندي نظر نہ پيا اچن ،! ڇا ڪاڻ تہ حڪومت جيڪي پئسہ ڪامورن هٿان موڪليندي انهن ۾ اهي شريف زاده بہ تہ حصيدار بڻبا ڇاڪاڻ تہ هتي جي ڪرپٽ ڪامورن کي تہ شايد ماء اها ستي پياري ڇڏي هئي تہ اگر الله اوهان کي طاقت يا ڪو بهتر عهدو يا ڪو اهڙو رستو عطا ڪري جنهن ۾ غريبن کي اوهان هٿان ڪجھ ڏيڻ جو موقعو اچي تہ ٻچا !!!! اهو قطعي انهن کي ايمانداري سان پورو نہ ڏجو نہ تہ اوهان کي ٿڃ ۽ ستي نہ بخشينندس ۽ اهو ئي سبب آھي جو جڏهن پوسٽ آفيس ذريعي غريب يتيمن ۽ بيواهن کي عشر زڪوات جو فنڊ ملندو هئو تہ اهي ايڏا تہ ايماندار هوندا هئا جو پنجاھ غريب يتيمن ۽ بيواهن کي عشر زڪوات جي فنڊ مان ٽن ماڻهن کي فنڊ ڏيندا هئا ۽ ٻيا ظاهر ئي نہ ڪندا هئا ۽ ڪاغذن ۾ جعلي آڱوٺا ۽ صحيحون ڪري هڙپ ڪري ڇڏيندا هئا وري نئون دور آيو ٽيڪنيڪل سسٽم سان بينظير انڪم سپورٽ بهترين پروگرام طور متعارف ٿيو ۽ هر ڪارڊ ھولڊر کي ڪوڊ مليو جيئن فنڊ مستحق کي ملي پر ڪرپٽ ڪامورن ۽ لالچي ايجنٽن ان کي بہ نہ بخشيو ۽ ان مان بہ اي ٽي ايم مان پئسہ ڪڍڻ شرط ڪٽوتي ڪري پوء مستحق کي ڏنا پئي ويا وري سرڪار ٽيون طريقو ظاهر ڪيو جنهن مطابق ميسيج ۽ پرچي جيئن مستحق کي ميسيج پهچي کڻي ايزي پئسہ شاپ سميت ٻين شاپس تان وٺي ۽ ان شاپ ڪيپر کي في مستحق جا پئسہ ڪڍڻ تي حڪومت پاران الڳ ڪميشن سندس اڪائونٽ م موڪلي پئي وڃي پر هنن شاپ ڪيپرن کي تہ ستي ئي ڪا الڳ پيل آ جو حڪومت کان تہ ڪميشن وٺن پيا پر مستحقن جي بہ چڱي کل لاهين پيا ۽ 500 کان هزار وري پندرهن سئو هاڻي تہ ٻن هزارن تائين بيواهن غريب ۽ يتيمن جو کائي پيا وڃن ۽ بي حيائي جي ايڏي حد اگر ڪا عورت چوين ابا ائين نه ڪريو پورا پئسه ڏيو ته هي اشراف چون امان ڪهڙو تنهنجي گهران ٿا وڃن حڪومت جا پئسه آھن اسان محنت ٿا ڪريو بس اهي ئي اسان کي بچن ٿا جيڪو حلال ڪري پنهنجي ٻچن کي کارايون ٿا ۽ ڪن ڪن اٻوجھ عورت جا پئسہ موڙي مڇي ڳڙڪائي پيا ڇڏين تہ تنهنجا پئسه ڪون آيا آھن جڏهن اها مستحق عورت ٻئي هنڌ پئسه ڪڍرائڻ وڃي اهو وري اهو چئي موٽائي ڇڏين تہ اوهان پئسه ڪڍرائي چڪا آھيو ۽ ٻڌي شاپ ڪيپرن جي ايڏي جو مجال ڪو ان جو نالو ٻڌائين تہ ڪنهن پئسه ڪڍيا هڪ عورت جا نوشھروفيروز ۾ ڊوائيس هولڊر پئسه ڪڍيا ۽ عورت کي ٻئي ڊوائيس هولڊر چيو امان توهان تہ پئسہ ٺري ميرواه مان ڪڍرايا آھن ۽ اها عورت ڪڏهن نوشھروفيروز کان ٻاهر نڪتل ئي ڪانه هئي جو پئي منهن مٿو پٽي تہ ٺري ميرواه منهنجو آڱوٺو ڪير کڻي ويو ۽ هڪ شاپ ڪيپر ڊوائيس تي ايڏي ترقي ڪئي جو هڪ قسط آئي تہ جي ايل آئي ڪرولا ڪار ورتائين ٻي قسط ۾ جڳھ ۽ ٽين قسط ۾ ڪئبن مان هڪ مشھور چوڪ تي ٺهيل تيار ٿيل دوڪان خريد ڪري ويو ڇو تہ يتيمن ۽ بيواهن جو مال مال غنيمت آھي هي ڳالھ لکڻ جو مطلب تہ جنهن کي به ٿورو موقعو ملي ٿو اهو حرامپائي مان ڪونه ٿو مڙي ۽ `بھتی گنگا سے ہاتهہ دہو لیتا ہے ´
گذريل رات کان جيڪا تازي بارش پئي آھي ان ۾ ڪنهن به سياستدان سميت ڪنهن بہ ذميوار ڌر يا سماجي تنظيم تحرڪ ۾ تہ نہ آئي آ پر سندن چپن تي تالا لڳلي ويا آهن ۽ ڪنهن کي ڪنهن جي بہ تڪليف نظر نہ پئي اچي جڏهن تہ ڪير بہ هن وقت تائين ميدان عمل ۾ ظاهر نٿيا آھن، گذريل برساتي اسڪيل سنڌ، بلوچستان، ۽ پنجاب جي سرائيڪي پٽي ۾ وڏي تباهي مچائي ڇڏي هئي هزارين ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا جيڪي اڃان سوڌو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن جڏهن تہ سندن واهر لاء سرڪار ۽ صحت کاتي سميت ڪنهن به ڪاموري سار نه لڌي آھي نه ئي ڪن چونڊيل اميدوارن توڙي سماجي تنظيمن اڃا اهي اهنج ختم ئي ناهن ٿيا ته هن لڳاتار بارش ته لڱ ئي ڪانڊرائي ڇڏيا آھن
غريب آبادگارن جا فصل، اناج، چوپايو مال توڙيبزرگ ۽ عرتون ، معصوم ٻارڙا برساتي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ ۽ پاڻي جي اٻاٽ ۽ بارش جي پاڻي ۾ گندو نالين جو پاڻي مڪس ٿيڻ ۽ مڇرن سبب مليريا ڊائيريا، پيٽ جو سور ، ڪالرا، دستن منهن ڪڍيو آھي جڏهن تہ غريبن جا اجها اجڙي رهيا آھن ڄڻ تہ سنڌ واسين جو سڪون ۽ خوشيون انهن برساتن ۽ نين ۾ لڙهي ويون آهن ڏٺو وڃي تہ تازو پيل برسات جيڪا گذريل رات کان جاري آھي تنهن تہ ضلع نوشھروفيروز جي يوسين کاهي ممن ، يوسي مولهڻ، دليپوٽا، مڏ عليم سميت ضلع ۾ تباهي مچائي ڇڏي آھي ۽ ڳوٺ الهڏتو راڄپر، الهرکيو راڄپر، پيرپانڌي، هني واهڻ، سميت يوسي کاهي ممن جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ برساتن جي تباھ ڪارين سبب محمد فضل راڄپر، نورمحمد راڄپر، محمد فاروق، زوهيب، محمد الياس، ياسين۔ عبدالحميد راڄپر، الهڏتو ،محمد حسن ، نديم، ڌڱاڻو راڄپر، سانوڻ سولنگي، هوت سولنگي، جاويد سولنگي سميت ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آھن ۽ ڪيترن ئي گهرن جون ڇتيون ۽ چئوديوارون ڪري پيون آھن جنهن سبب سندن زندگي اجيرڻ بڻجي وئي آھي ۽ ڪيترن ئي ڏينهن کان بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ تازي بارش سبب مڇرن ۽ جيتن ۽ مکين ۾ اضافو ٿي ويو آھي ۽ مليريا گيسٽرو پيٽ جو سور ۽ دستن سميت ڪيترن ئي موذي مرضن کي ماروئڙا منهن ڏئي رهيا آھن ۽ جانور پڻ بيماري سبب لوڙي رهيا آھن جڏهن ته ڪيترائي ڍور ڍڳا ، ٻاڪرو مال بيماري سبب مري چڪو آھي جڏهن ته ڪافي ڏينهن کان بارشن باجود ڳوٺن ۾ ڪوبه چونڊيل نماندو ، ضلع انتظاميا ڊي سي پاران ڪي به امدادي ڪاروايون ڪونه ڪيون ويون آھن
پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ صحت کاتي ۽ لائيو اسٽاڪ وارا ننڊ مان نه اٿيا آھن مٿي جيڪو لکيو آھي تہ حڪومتي دعوائن تي عمل پيرا ٿيندو الائي نه ۽ وزير اعظم پاران اعلانيل رقم برسات متاثرين تائين پهچندي الائي نه اهي سڀ ڳالهيون عوام جي سوالن ۾ آھن پر ڪميشن مافيا خلاف به حڪومت کي سخت قدم کڻڻ گهرجن يا ڪجھ ڪميشن مافيا کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي جيڪي مجبورن جي مدد لاء آيل رقم مان به نٿا مڙن ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته جڏهن حڪومت کي موسميات کاتي پاران اڳ الرٽ جاري ڪيو وڃي ٿو ته انتظاميا کي پهرين کان ئي تيار رهڻ گهرجي ۽ هر امدادي ڪم هنگامي بنيادن تي ڪرڻ گهرجي جيئن ماروئڙن کي وڌيڪ تڪليف ۽ پريشاني کان بچائي سگهجي باقي سڪون تہ شايد قبر ۾ ئي ملندو

پهنجو تبصرو موڪليو