لاهور (ويبڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) قومي ڪرڪيٽر بابر اعظم تي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڏنڊ هنيو آهي. آءِ سي سي موجب، بابر اعظم سريلنڪا خلاف ٽئين ون ڊي ۾ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي.آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته بابر اعظم تي ليول ون جي ڀڃڪڙي تي سندس ميچ فيس جو 10 سيڪڙو جرمانو لڳايو ويو آهي، جڏهن ته بابر اعظم جي نظم و ضبط جي رڪارڊ ۾ هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ پڻ شامل ڪيو ويو آهي. بابر اعظم 21 هين اوور ۾ آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ بيٽ اسٽمپ کي ڌڪ هنيو، بابر اعظم ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي جو اعتراف ڪيو آهي.










