انصاف علي عباسي
7 اپريل 2012 تي سنڌ کان وڇڙي ويل سچي ليڊر بشير خان قريشي جي اڄ ٻارهين ورسي آهي ۽ سنڌ جي مختلف شهرن، واهڻن وستين ۾ سندس پرستار مختلف طريقن سان ياد ڪري خراج پيش ڪندا هوندا. افسوس اهو آهي ته سنڌ جي هن سچي عاشق جي مشڪوڪ حالتن ۾ ٿيل وفات جو معمو اڄ تائين حل ناهي ٿي سگهيو. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ اها ڳالهه نئين به ناهي ڇو ته ملڪ جي باني محمد علي جناح جي ايمبولينس کي تيل نه ملڻ، لياقت علي خان جي قتل ۽ فاطمه جناه جي ايوبي آمريت ۾ مشڪوڪ حالتن ۾ وفات جا معما به حل نه ٿي سگهيا ته بشير خان جي موت جو معاملو ڪٿان حل ٿئي؟
بشير خان سان منهنجي گهڻي گهاٽائي ته ڪو نه هئي پر هن سان ٿيل ملاقاتن جو ذڪر هن موقعي تي سنگت سان شيئر ڪريون ٿا. مونکي صحيح ياد ته ناهي پر مان سمجھان ٿو ته اھو ڪو 80ع وارو ڏھاڪو ھو، جو منھنجي ارشاد اڄڻ سان عليڪ سليڪ ٿي پوءِ ستت ئي 83ع ۾ ايم.آر.ڊي واري تحريڪ دوران جيل وڃڻو پيو. جتي ارشاد اڄڻ سان رسمي واسطي مان تعلق گھاٽي ياريءَ ۾ تبديل ٿي ويو.
هڪ ڏينهن شام جو ارشاد اڄڻ جي اوطاق تي ويٺو هئس ته ڏهاڪو کن ڪاليجي ڇوڪرن جو ٽولو اچي اوطاق تي نڪتو ۽ استاد گل اڄڻ جي پڇا ڪيائون، استاد گل جي اچڻ تائين سنگت سان تعارف ٿيو، نذير منگي، ظفر منگي ۽ امداد منگي وارن سان ته سڃاڻپ هئي پر سنگت ۾ جيڪو گھڻو سهڻو هيو ان جو نالو بشير قريشي پئي ٻڌايائون. استاد گل جي اچڻ تي ارشاد ۽ مان وڃي ڪنڊ ورتي سين ۽ پنهنجي ڪچهريءَ ۾ شروع ٿي وياسين. رات جي يارهين وڳي سنگت موڪلائڻ شروع ڪيو ارشاد به اوطاق جا اوکا، پوکا لاهي گھر روانو ٿيو، اوطاق ۾ وڃي بچياسين مان، بشير خان قريشي ۽ استاد گل اڄڻ، يارهين کان پوءِ اسان ٽنھي جي وري پاڻ ۾ ڪچهري شروع ٿي، جيڪا رات ٻين وڳي تائين هلي. اوڀاريون، لنهواريون ۽ سياسي مٿي ماريءَ کان پوءِ استاد گل اڄڻ کي پنھنجو هٿ ڏيکاريوسون ۽ پنهنجي قسمت پڇي سون؟ استاد گل اڄڻ جيڪو پنهنجي علائقي جو مشهور پامسٽ آهي، تنهن منهنجو هٿ ڏسي چيو ته “تنهنجي هٿ ۾ روحانيت جي لڪير وڏي آهي، تون تعويذ لکندين ۽ تنھنجي پنھنجي درگاھ ھوندي.” بشير خان قريشيءَ جو ھٿ ڏسي چيائين ته “تنهنجي هٿ ۾ دماغ جي لڪير وڏي آهي، تون هڪ طاقتور دماغ آهين، تون جهازَ اڏائيدين.” اها ڳالھ ٻنهي کي دل سان نه لڳي، ان ڪري چپ ڪري سمهي پياسين.
1990ع واري ڏهاڪي ۾ اسان جو پيارو ۽ بي سرو يار ساگر حنيف بڙدي (مرحوم) “سنڌ ساگر پارٽي” کي ڇڏي، جسقم ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ستت ئي جيل روانو ٿي ويو. جيل جي مهماني کان پوءِ هو بشير خان قريشي جو پيارو ماڻهو ٿي اڀريو. عقوبت خانن ۾ رهڻ سان روح جون اکيون کُلي پيون هئس، سيبتو ۽ نظرياتي طرح پختو ٿي چڪو هو. بشير خان قريشي جا احوال ائين پئي ٻڌايائين جيئن ڪنھن مندر جو وڏو پوڄاري پنهنجي مندر جي ڀگوان جي مقبوليت جا قصا پيو ٻڌائيندو آهي. حنيف ساگر بڙديءَ جي معرفت ھڪ دفعو ٻيھر بشير خان قريشي سان ملاقات ٿي، ان وقت ھو ڪاليج جو نوجوان شاگرد نه پر سنڌ جو ليڊر بشير خان قريشي ھو ۽ سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ سٺي جاءِ والاري چڪو هو. چڱا ڀلا پير، مير ۽ ڀوتار، بشير خان قريشيءَ کي پنهنجي لاءِ ڇانورو سمجهندا هئا. ان ملاقات ۾ استاد گل اڄڻ کي به ياد ڪيوسون، بشير خان قريشيءَ مون کان پڇا ڪئي ته وڏا تون تعويذ ته نه پيو لکين؟ مان چيو نه وڏا، تنهن تي پاڻ کلي چيائين ته مان به جهاز نه پيو اڏاريان. تنهن تي سنڌ جي سخنور رائيٽر فقير امداد علي ملاح چيو ته بشير خان اوھان پي.آءِ.اي يا پي.اي.ايف جا جهاز ته نٿا اڏاريا پر سنڌ جي هيسيل ۽ ڪمزور قومي ڪارڪنن کي پرواز جا گر سيکاري ڇڏيا اٿئي.
سن 2000ع تائين قومپرست تنظيمن جا اڳواڻ سنڌ جي علاقائي ۽ قبيلائي جهيڙن مان اهو چئي جان ڇڏائيندا هئا ته اهو ٻن ذاتين يا برادرين جو مسئلو آهي ۽ اسان جي جدوجهد سنڌي قوم لاءِ آهي. ليڪن بشير خان قريشيءَ جو ان معاملي بابت موقف سڀني کان مختلف هو ۽ هو قبيلائي جهيڙن کي سنڌ جو قومي نقصان سمجهندو هو. هو صرف سمجهڻ جي حد تائين محدود نه هو پر عملي طور جهيڙيندڙ ڌرين ۾ ٺاھ جي عملي ڪوشش ڪندو رھندو ھو. ان ڪوشش ۾ منٿ ميڙ قافلا، ٻانهون ٻڌڻ ۽ هيٺ ويهڻ تائين ۾ به عار محسوس نه ڪندو هو.
7 اپريل 2012ع تي بشير خان قريشي راھ رباني جو راهي ٿيو، بشير خان جون دوستن، عزيزن ۽ ڪارڪنن وٽ سندس لاءِ ڪئي حيثيتون هونديون، ليڪن منهنجي خيال ۾ بشير خان قريشي سنڌ جو هڪڙو ئي سياستدان هو، جيڪو انائن کان اڳتي هو، الله سائين شل مغفرت ڪري. قومي ليڊرن کي جيڪي انائن جي گھوڙن تان اڃان تائين ناھن لھي سگھيا ۽ سندن انائن جي چڪر ۾ سنڌ جي ڀينگ ٿي چڪي آهي.
(نوٽ، هي مضمون منهنجي اڃا تائين اڻ ڇپيل ڪتاب ’انصاف جي ڪٿا‘ جو حصو آهي پر ورسي جي نسبت سان روزاني سنڌيار وسيلي ونڊ ڪيو اٿم)










