گل سيوھاڻي
امڪاني اليڪشن 2024 پي ايس 77 سيوھڻ شريف سنڌ جي ماڻھن لاء ھڪ مرڪزي نگاھ واري حيثيت رکي ٿو جنھن ۾ اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي ڀيٽ ۾ سياسي نوان چھرا ۽ نيون سياسي جماعتون ميدان ۾ لٿل آھن جن جو مقابلو 15 سال اقتدار ۾ رھڻ واري واحد سياسي جماعت جي ليڊر سيد مراد علي شاھ سان ھوندو جيڪو سنڌ جو ٻہ ڀيرا وڏو وزير رھيو آھي اڳوڻو وڏو وزير جنھن جو والد مرحوم سيد عبد اللہ شاھ بہ سنڌ جو وڏو وزير رھيو ھيو جنھن لاء چيو ويندو آھي تہ مرحوم سيد عبداللہ شاھ سنڌ جي تاريخ جو بھترين وڏو وزير ثابت ٿيو ھيو،مرحوم سيد عبداللہ شاھ جون ھونئن تہ کوڙ نت نيون پاليسيون رھيون ھيون مگر سندس ھڪڙي پاليسي اھيا بہ رھي ھئي تہ بس تڪ جي چند برادرين وارا وڏيرا پير مير شاھ سردار چڱا مڙس نوازيو جن وٽ ووٽ بئنڪ ھجي باقي عام ووٽر کي ڳڻپ ۾ ئي نہ آڻيو اھو اوھان کي مجبور ٿي پاڻھي ووٽ ڏيندو،سيد عبداللہ شاھ مرحوم جو چوڻ ھوندو ھيو وقت ڪھڙو بہ ھوندو ڪنھن جي بہ حق ۾ ھوندو اليڪشن اوھان انھن مخصوص نوازيل چند خاندانن جي معرفت کٽي ويندو،بلڪل ٺيڪ پنھنجي والد سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير رھندڙ سيد عبداللہ شاھ مرحوم جي ان فارمولي تي عمل ڪندي ماضي قريب ۾ سنڌ جو ٻہ ڀيرا وڏو وزير رھندڙ موصوف ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير بڻجڻ لاء پي ايس 77 سيوھڻ شريف تڪ تي چوٿون ڀيرو اليڪشن ۾ قسمت آزمائي ڪرڻ لاء ميدان ۾ لٿل آھي ھن ڀيري ماضيء جي ڀيٽ ۾ اليڪشن کٽڻ آسان نہ ھوندو،ڇو تہ پاڪستان جي 76 سالا تاريخ ۾ جيتري سجاڳي ھن ڀيري اليڪشن سال 2024 ۾ ڏسڻ ۾ پئي اچي اھا ھن کان اڳ ڪڏھين بہ ناھي ڏٺي،اڳي تہ صرف وڏيري ڀوتار جي چٺي ايندي ھئي ڳوٺن جا ڳوٺ ۽ برادرين جون برادريون پنھنجون عورتون ٻار ٻچا بنا نيرن جي گھران نڪري اچي پولنگ اسٽيشنن جي ڀر ۾ ويھي پنھنجي ووٽ ڏيئڻ جي واري جو انتظار ڪندا ھيا سو بہ بنا ڀت ۽ برياني جي پليٽ تي ڪٿي ڪٿي تہ کين ويھڻ لاء تنبو بہ ڪون ملندو ھيو ۽ پيئڻ لاء پاڻي بہ نہ ملندو ھيو پوء بہ خوشيء خوشيء ويھي ووٽ ڏئي شام جو پنھنجي پنھنجي گھرن ڏي موٽندا ھيا مگر ھن ڀيري وڏيرا ڀوتار ووٽرن کي پيرين پيا پون پنھنجا پٽڪا لاھي پيرن تي رکي ٻانھون ٻڌي ووٽ لاء منٿون پيا ڪن تنھن جي باوجود بہ ووٽر کين جھڙي طرح ست سريون ٻڌائيندي شڪايتن جا انمبار لڳائي سندن ڪن مھٽ ڪري پڇاڻون پيا ڪن اھو ھن کان اڳ ڪڏھين بہ ماضيء ۾ ڏسڻ ڪون آيو آھي،اھڙي صورتحال ۾ ھن واري اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير لاء اليڪشن کٽڻ ايترو آسان ڪون پيو لڳي ڇو تہ ھن ڀيري کوڙ سارا سوال سائين وڏي جي سامھون اٿيا آھن جن جا جواب موصوف سابقہ سنڌ جو وڏو وزير ڏيئڻ کان ڪاثر نظر پيو اچي اھي ڪھڙا سخت سوال آھن جيڪي سائين وڏي کان ھر ڪارنر گڏجاڻي ھر جلسي جلوس ۾ سائين وڏي جو پيڇو نہ پيا ڇڏين، اڄڪلھ جيڪو ڪم سوشل ميڊيا ڪري رھي آھي اھو بہ ان سمورن اميدوارن لاء ھڪڙي قسم جو آئيني وارو ڪردار ادا ڪري رھي آھي جي نہ تہ جھڙي طرح خريد ڪيل ميڊيا ٽيمون پنھنجي اميدوار جي پسند جي رپورٽنگ ڪري رھيون آھن اھڙو عمل بہ ماضيء ۾ ڪون ڏسبو ھيو،اھڙي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي جيڪڏھن ويڪائو ۽ ضمير فروش ميڊيا چئون تہ وڌاء نہ ٿيندو اھيا ويڪائو ۽ پيڊ ميڊہا سائين جن جي چونڊ مھم جو صرف ھڪڙو رخ پيش ڪري رھي آھي اھو اھيو آھي تہ سائين جن جا واليھانہ استقبال ٿين پيا سائين جن کي تڪ ۾ وڏي موٽ ملي پئي سائين جن کي ماڻھون وڏو مان ڏين پيا فلاڻي شموليت اختيار ڪئي فلاڻون رٺل پرچي ويو وغيرہ وغيرہ جڏھن تہ چونڊ مھم جو جيڪو ٻيو رخ آھي جيڪو اھيا پيڊ ميڊيا ڪون پئي ڏيکاري ۽ ٻڌائي سو اھيو آھي تہ پي ايس 77 سيوھڻ شريف تعلقي جون اڪثر برادريون سائين جن کان ڪارڪردگيء جي بنياد تي بلڪل خفا ٿي پڇاڻون ڪري رھيون آھن تہ سائين پنھنجي وڏ وزارت ۾ جن جن خاندانن ۽ برادرين کي اوھان نوازيو آھي انھن جو ووٽ بئنڪ تہ ٻڌايو ڇا آھي…؟
جنھن ۾ ناراض برادريون باقاعدہ نوازيل برادرين جا نالا وٺي شڪايتون ڪن پيون تہ سائين ھن ھن برادرين کي اوھان خوب نوازيو آھي جن وٽ گھر جي ووٽن کان وڌيڪ ووٽ بہ ڪونھن انھن جو ڪھڙو ووٽ بئنڪ آھي وغيرہ وغيرہ جن کي اوھان سڻڀيون سڻڀيون نوڪريون ڏنيون آھن جن جي ملاقات لاء اوھان ھنن کي پروٽوڪول ڏنو ھيو ۽ انھن کي سرڪاري مراعتن سان نوازيو آھي وغيرہ وغيرہ جڏھن تہ وڏو ووٽ بينڪ رکندڙ برادريون جنھن ۾ ملاح برادري،ماڇي برادري،لاکا برادري لاشاري برادري،اوٺا برادري ۽ ٻيون برادريون شامل آھن جن کي گريڊ ھڪ کان چار گريڊ جي پٽيوالي چوڪيداري مالھيء جي نوڪريء کان بہ محروم رکيو ويو ھيو رڳي ايترو نہ انھن برادرين جي گھرن کي کاٽ لڳا ڌاڙا لڳا انھن جون چوريون ٿيون انھن جي زمينن ۽ پٽ پلاٽن تي قبضا ٿيا مگر پوليس انھن جو فرياد بہ داخل ڪرڻ لاء تيار نہ ھئي اھو ان ڪري تہ ڏوھاري سائين جن جي آشيرواد ھيٺ ھيا اھيو ئي سبب آھي انھن متاثر برادرين پنھنجي پنھنجي نيڪ مردن کي چڱ مڙسيء جون پڳون ٻڌرائي پنھنجا اختيار پنھنجي ان چڱن مڙسن حوالي ڪيا آھن جنھن ۾ فيصلو ڪيو ويو آھي تہ 15 سال اقتدار ۾ رھڻ واري سياسي جماعت کي ووٽ ناھي ڪرڻون ھڪڙو تہ اھيو وڏو سبب آھي جو پي ايس 77 سيوھڻ شريف تي ان 15 سال اقتدار ۾ رھڻ واري سياسي جماعت جو اميدوار اڳوڻون وڏو وزير ناراض برادرين جي منھن سڳل رويي ۽ سخت پڇاڻون ڪرڻ جي ڪري سخت پريشان آھي ٻيو وڏو سبب اھيو بہ آھي تہ ھن ڀيري اڪثريتي برادرين جا اميدوار بہ سندس مقابلي ۾ بيٺل آھن جنھن ۾ سولنگي ملاح برادريء جو گڏيل حمايتي پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار سردار فاروق احمد سولنگي صاحب آھي جيڪو چڱو خاصو ووٽ بئنڪ رکي ٿو ۽ کيس ڪارنر گڏجاڻين ۽ جلسن جلوسن ۾ وڏي پذيرائي بہ ملي پئي انکان علاوہ جي ايم سيد جو پوٽو سيد منير حيدر شاھ جيڪو پڻ ٻن تڪن قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبليء جي تڪ تان ھڪ ئي وقت ۾ اليڪشن وڙھي رھيو آھي جيڪو جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙھي رھيو آھي جيڪو پڻ ھڪ نئون مگر مضبوط اميدوار آھي اسان جي ذريعن جو چوڻ آھي تہ ھن ڀيري 15 سال اقتدار ۾ رھڻ واري سياسي جماعت کان ھڪڙي وڏي غلطي اھيا بہ ٿي آھي تہ ھن پنھنجي سابقہ قومي اسيمبليء جي ميمبر سردار سڪندر راھپوٽو جي جاء تي ڪوھستان جي راجا کي ٽڪيٽ ڏئي ميدان ۾ لاٿو آھي جنھن تي سندس پارٽيء جو جيڪو ووٽر آھي جيڪو سردار سڪندر راھپوٽو جو ھمدرد آھي اھو سخت ناراض آھي اھو چوي پيو تہ ھو ڪوھستان جي راجا کي نٿا سڃاڻن جيڪي کيس سڃاڻن ٿا اھي وري سندس شوخ طبعيت کان سخت نالا آھن ۽ چون پيا تہ ھو انکي ڪٿي ڳوليندا،ھن کي تہ پنھنجي علائقي وارا بہ پسند نٿا ڪن اھي بہ شڪايتون ڪن ٿا تہ ڪوھستان جو راجا ملڻ لاء تيار ڪونھي سو سيوھڻ شريف وارن سان ڪھڙو سلوڪ ڪندو اھيوئي سبب ھوندو جيڪي سردار سڪندر راھپوٽو جا ووٽر سپورٽر ھوندا اھي ڪوھستان جي راجا جي نہ سپورٽ ڪندا نہ کيس ووٽ ڪندا ھتي ٻيو ائين بہ ٿي سگھي ٿو تہ ڪٿي شاھ شاھ جي حمايت ڪري ھڪٻئي کي ھمدرديء جو ووٽ ڏياري،ان حساب سان جيڪو قومي اسيمبليء سيٽ تي جي ڊي اي جو اميدوار آھي اھو اقتداري جماعت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط ڏسڻ ۾ پيو اچي ٽيون جيڪو وڏو سبب اقتداري سياسي جماعت کي پي ايس 77 سيوھڻ شريف مان ووٽ نہ ملڻ جو آھي اھو آھي سال 2010 ۽ سال 2022 واريون ماھا ھٿرادو ٻوڏون جنھن ۾ پورو سيوھڻ شريف تعلقو سخت متاثر ٿيو ھيو ان دوران 15 سال اقتدار ۾ رھڻ واري سياسي جماعت ۽ تڪ جي وڏي وزير سندن ٽڪي جي مدد نہ ڪئي ھئي ۽ بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو ھيو ان جي جاء تي پنھنجي ان مخصوص برادرين جي وڏيرن ۽ چڱن مڙسن معرفت اھي سموريون ٻوڏ متاثرين واريون مراعتون ۽ امدادون فراھم ڪيون اھي متاثر ووٽر بہ پنھنجو انتقام ھن ڀيري ھن اليڪشن ۾ وٺڻ لاء ڀرپور تياري ڪيو ويٺا آھن ھن ڀيري پي ٽي آئي،تحريڪ لبيڪ،مسلم ليگ نواز،جماعت اسلامي، جي ڊي اي ۽ آذاد اميدوارن جي جيڪا کيپ پي ايس 77 سيوھڻ شريف ۽ اين اي 226 ڄامشورو تي چونڊ وڙھي رھي آھي اھي سموريون سياسي جماعتون جيڪو ووٽ کڻنديون اھو ووٽ بہ ان 15 سال اقتدار ۾ رھڻ واري سياسي جماعت پيپلز پارٽيء جو کڻنديون جيڪو وڏو نقصان بہ ان 15 سال اقتدار ۾ رھڻ واري سياسي جماعت پيپلز پارٽيء کي ٿيندو ان مان لڳي ائين ٿو تہ تہ ٺاڪر تو گيو……










