اتر سنڌ سميت سڄي سنڌ امن گهري ٿي

اتر سنڌ سميت سڄي سنڌ امن گهري ٿي

وفا ولي محمد ڦل

ڪراڃي کان ڪشمور، خيرپور کان سکر، گهوٽڪي کان لاڙڪاڻي، جيڪب آباد  نوشهروفيروز ڪراچي تائين وڌندڙ بدامني، ڌاڙيل راڄ، هٿياربند گروهن جي آزادانه حرڪتن، پوليس تي قاتلانا حملن، اغوا براءِ تاوان، عورتن تي تشدد، شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائم، ڏوهن جي منظم نيٽ ورڪ ۽ سياسي پٺڀرائي سنڌ کي خطري جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي، ڪشمور ۾ ايس ايڇ او سڪندر پنهور جنهن بهادري ۽پنهنجي  پٽي جي سچائي خاطر دشمنن رهزنن کي للڪاريو هو ان جي بدلي ۾   نوجوان پٽ مزمل پنهور ۽ سندس ڀائيٽي گل حسن پنهور جي شهادت سنڌ جي دل کي سخت ڇيهو رسايو، انهن دلير نوجوانن جو رت اهو سوال پڇي رهيو آهي ته آخر ڪڏهن تائين ڌاڙيل راڄ ۽ ڏوهارين جا مضبوط مورچا قائم رهندا، ڪهڙي وقت رياست پنهنجو اصل اختيار استعمال ڪندي، ۽ ڪڏهن سنڌ مان خوف، دهشت ۽ ڏوهن جو راڄ ختم ٿيندو، ساڳئي وقت ڪراچي جهڙي ميگا سٽي ۾ عورت جو بي دردي، وحشيانا ۽ دل ڏاريندڙ قتل اهو ظاهر ڪري چڪو آهي ته سنڌ ۾ ڏوهن جو ڦهلاءُ رڳو ڪچن تائين محدود نه رهيو آهي بلڪه هاڻي بندوقن، بدمعاشين ۽ ظلم جي ڌماڪو خيز لهر هر شهر، هر گهٽي ۽ هر گهر تي اثرانداز ٿيندي پئي وڃي، سنڌ جا ضلعا هڪ ٻئي کان وڌيڪ خطرناڪ صورتحال جو شڪار آهن، سکر ۾ رات جو چوري، ڦرين، گھرن ۾ گهڙي، هٿيارن سان لوٽ مار عام ٿي چڪا آهن، خيرپور ۾ وڏيرا شاهي ۽ سردارن جا بااثر ماڻهو پنهنجن گارڊن ۽ نجي لشڪرن ذريعي حڪمراني قائم ڪري بيٺا آهن، گهوٽڪي ۾ هندستاني بارڊر لڳڻ سبب هٿيار، منشيات ۽ ڏوهارين جي آمدرفت اڃا تيز آهي، اوٻاوڙو، خانپور، پنوعاقل ۽ ڪچي جا وڏا علائقا انتهائي منظم ڏوهاري گينگن جا ڳڙھ بڻجي چڪا آهن، لاڙڪاڻي ۾ رتوديرو، وارهه ۽ ڪنب تائين ڏوهارين جي بي خوف حرڪتون وڌي رهيون آهن، جڏهن ته جيڪب آباد ۾ هٿيارن جي اسمگلنگ، ڏوهارين جا محفوظ پناهه گاھ، ۽ سرحدي تعاون ڏوهن جي دنيا کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ڪراچي ۾ عورت جو تازو قتل، روزانو ڦرين، دڪاندارن تي حملا، پوليس اهلڪارن جي شهادتون ۽ هٿياربند گينگن جي موجودگي اهو ظاهر ڪري رهي آهي ته سنڌ جو سڀ کان وڏو شهر به خطري کان خالي ناهي، پر هن سڄي صورتحال ۾ سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته ڌاڙيل ۽ ڏوهاري اڪيلا ڪم نٿا ڪن، انهن جي پٺيان وڏيرن، سردارن، بااثر ماڻهن، سياستدانن ۽ بعض ڀل-ڀل سسٽمن جي لڪيل پٺڀرائي شامل آهي، ڪچي ۾ وستي وارا ڪيترائي سردار پنهنجي علائقن کي رياست کان وڌيڪ پنهنجي ذاتي حڪومت سمجهن ٿا، ڏوهارين کي پناهه ڏين ٿا، مغوين جي بدلي ۾ ڳالهيون ڪرائين ٿا، هٿيارن جي ترسيل، نوجوانن کي اغوا ڪرڻ ۽ پوليس تي حملا ڪرائڻ ۾ خاموش يا سڌي مدد ڏين ٿا، انهن بااثر ماڻهن جي پٺڀرائي ختم نه ڪئي وئي ته ڪچي مان ڌاڙيلن جو راڄ بلڪل به ختم ٿيڻ وارو ناهي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد ۾ ڪيترائي وڏيرا وڏا وڏا ڏوهارين کي پنهنجا ’مهمان‘ بڻائي رکندا آهن، انهن کي فيصلا ڪرائيندا آهن، انهن کي تحفظ ڏيندا آهن، جڏهن ته حڪومت ۽ رياستي ادارا سياسي دٻاء سبب ڪيترائي قدم کڻڻ کان پري رهندا آهن، ان ڪري ڌاڙيلن جو خاتمو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن سردارن، وڏيرن ۽ سياسي پٺڀرائي ڪندڙ ماڻهن خلاف بغير خوف، بنا مصلحت ۽ بنا ڪنهن دير جي آپريشن ڪيو وڃي، ڇو ته ڏوهاري صرف هٿيار رکڻ سبب طاقتور ناهن، پر انهن کي طاقت ملي ٿي انهن وڏيرن کان جيڪي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري ڏوهاري آزاد ڪن ٿا، پوليس کي ڪمزور ڪن ٿا، ۽ قانون کي هڪ مذاق بڻائي ڇڏين ٿا، سنڌ ۾ بدامني جو بنيادي سبب صرف هٿيار ناهن پر اهو بااثر نيٽ ورڪ آهي جيڪو ڏوهارين کي تحفظ فراهم ڪندو رهيو آهي، ڪچي ۾ ڪيو وڃي ٿو ته آپريشن صرف ڪجهه ڏينهن جاري رهي ٿو، پر جڏهن سياسي دٻاءُ اچي ٿو ته فورن روڪيو وڃي ٿو، اهڙي عمل سان ڏوهاري ٻيهر طاقتور ٿين ٿا، تنهن ڪري ڌاڙيل راڄ جو مڪمل خاتمو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن رياست ڪچي ۾ مستقل ۽ مڪمل آپريشن ڪري، سردارن جي پٺڀرائي ختم ڪري، ڏوهارين کي پناهه ڏيندڙ وڏيرن کي گرفتار ڪري، سندن جاگيرن کي نگراني هيٺ آڻي، ۽ انهن جي هٿياربند لشڪر ختم ڪرائي، جيڪڏهن رياست سچي نيت سان صرف هڪ ڀيرو مڪمل 100 سيڪڙو آپريشن ڪري ته ڪچي جي ڌاڙيلن جا مورچا 7 ڏينهن ۾ ختم ٿي سگهن ٿا، اهڙو ئي واقعو لاڙڪاڻي ۾ به ٿيو آهي !!!جڏهن سياسي قوتون پنهنجي مفادن کان مٿي ٿي سنڌ جي امن لاءِ گڏ ٿين، جڏهن سردار پنهنجي انا ۽ جاگيرداري سوچ کي پاسي رکي رياست جي عملداري کي مڃين، جيڪڏهن اڄ هي وڏيرا ۽ سردار ڏوهارين جي مدد بند ڪري ڇڏين ته سنڌ مان اڌ ڏوهه 30 ڏينهن ۾ ختم ٿي وڃن، پر افسوس جو ڪچي جا ڌاڙيل صرف بندوق وارا ڏوهاري ناهن، پرانهن جي پٺيان وڏيون سياستون ۽ وڏن ماڻهن جا تحفظ جا دائرا موجود آهن، جن کي ٽوڙڻ بنا سنڌ ۾ امن ممڪن ناهي، سکر، خيرپور، گهوٽڪي، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني جو وڏو ڪارڻ به اهو ئي آهي ته ڏوهارين کي رياستي سطح تي ڪافي عرصو برداشت ڪيو ويو، پوليس جي شهيدن جو رت ضايع ڪيو ويو، ۽ ڏوهارين کي ڳجهي سرپرستي ملي رهي آهي، مزمل پنهور ۽ گل حسن پنهور جي شهادت رڳو هڪ واقعي جو نالو ناهي بلڪه سنڌ جي بي حسي تي هڪ وڏو سوال آهي، جيڪڏهن هاڻي به رياست نه جاڳي ته ايندڙ نسلن جي حفاظت ناممڪن ٿي ويندي، تنهن ڪري هن وقت سڀ کان وڏو ڪم اهو آهي ته ڪچي ۾ مڪمل، سخت، فيصلاڪ ۽ بنا سياسي مصلحتن وارو آپريشن ڪيو وڃي، سردارن ۽ وڏيرن جي پٺڀرائي کي مڪمل طور ختم ڪيو وڃي، ڏوهارين جا مالي ذريعا، هٿيارن جون ترسيلون، ۽ سياسي سرپرستي جا سڀ رستا بند ڪيا وڃن، ته ئي سنڌ مان خوف، دهشت، ڌاڙيل راڄ، عورتن جو قتل، پوليس تي حملا، ۽ بدامني جو سلسلو ختم ٿي سگهندو، ٻي صورت ۾ سنڌ جو امن، سنڌ جا شهر، سنڌ جا ڳوٺ ۽ سنڌ جو مستقبل مسلسل خطري ۾ رهندو، ۽ روز نوان جنازا سنڌ جي زمين کي رت سان سرخ ڪندا رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو