جڳديش آھوجا
*آل پارٽيز ڪانفرنس اسلام آباد ۾ شريڪ 32 پارٽين اتفاق راءِ سان 8 جولاءِ 2024ع جي معاھدي کي غير آئيني قرار ڏئي، فوري طور ان تي عملدرآمد روڪڻ ۽ معاھدي کي منسوخ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
*تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي ميزباني ھيٺ سڏايل ڪانفرنس اتفاق راءِ سان اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل کي ارڙھين ترميم، صوبائي خودمختياري ۽ آئين جي روح جي منافي قرار ڏئي ان کي تحليل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
اي پي سي اتفاق راءِ سان ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سڄي ملڪ جي 48 لک ايڪڙ زمين (جنھن م 12 لک 60 ھزار ايڪڙ زمين سنڌ جي آھي) گرين پاڪستان انيشيٽو ڪمپني جي حوالي ڪرڻ جي منصوبي کي رد ڪندي مطالبو ڪيو تہ اھو سڄو منصوبو رد ڪري ھن وقت تائين جيڪي بہ زمينون ليز تي ڏنيون ورتيون ويون آھن، تن سڀني جي فوري طور ليز منسوخ ڪئي وڃي.
• سڄي ملڪ جي 32 پارٽين جي اي پي سي جنھن ۾ نامور شخصيتن بہ شرڪت ڪئي تنھن جي گڏيل پڌرنامي ۾ اتفاق راءِ سان اھو مطالبو بہ ڪيو ويو تہ ڪوبہ اھڙو نھري منصوبو جنھن سان لوئر رائپيرين، سنڌو درياءَ جي وھڪري ۽ انڊس ڊيلٽا جي متاثر ٿيڻ جو خدشو ھجي اھو قومي اتفاق راءِ کان سواءِ شروع نہ ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪو اھڙو منصوبو زير تعمير آھي تہ ان تي ڪم فوري طور روڪيو وڃي.
• 31 جولاءِ ۽ 1 آگسٽ 2025ع تي ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس اسلام آباد ۾ جبري گمشدگين، جبري مذھب جي تبديلي ۽ ڪارو ڪاري جي واقعن جي بہ مذمت ڪئي وئي ۽ ان جي روڪٿام جو مطالبو ڪيو ويو.
• اي پي سي 27 ھين آئيني ترميم ذريعي نئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گھٽائڻ جي منصوبي کي پاڪستان جي وجود تي ڪاري ضرب ھڻڻ جي مترادف قرار ڏنو.
*آل پارٽيز ڪانفرنس سڄي ملڪ ۾ عوام جي حقيقي مينڊيٽ جي بحالي سان گڏ، سنڌ، بلوچستان، ڪي پي، گلگت بلتستان جي مخصوص مسئلن تي بہ چٽو موقف رکيو.
*سنڌ ڪيس جي نمائندگي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ، عوامي تحريڪ جي صدر وسند ٿري، قومي عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، عوامي جمھوري پارٽي جي نور نبي راھوجو، جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري صفدر عباسي ۽ سينئر پارليامينٽيرين ظفر علي شاھ ڪئي.
• اي پي سي جو گڏيل پڌرنامو Charter of Demands سڀني شريڪ پارٽين جي نمائندن کان رايا وٺي مصطفي نواز کوکر ۽ محسن سيد مرتب ڪيو ۽ ساڻن گڏ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري جڳديش آهوجا سنڌ ايجنڊا جا سمورا نقطا اخري ڊرافٽ ۾ شامل ڪرايا.
اسان جنھن مقصد سان دوستن جي طعنن جا تير سھي بہ ملڪ گير اتحاد ٽي ٽي اي پي ۾ شامل ٿيڻ جو مشڪل فيصلو ڪيو ھو، ان سلسلي ۾ مان سمجھان ٿو تہ اڄ اسان قابل ذڪر ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
ان اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جو اسان جو مقصد فقط ھڪ ئي آھي تہ سنڌ جو ڪيس ملڪي سطح تائين نہ رڳو پيش ڪيو وڃي پر ان جي صداقت کي ملڪي سطح تي مڃتا ۽ اخلاقي حمايت بہ ملي، جنھن سلسلي ۾ اسان اڄ پھرين وڏي ڪاميابي ماڻي آهي.
سنڌ يونائيٽڊ پارٽيءَ جي صدر ۽ ٽي ٽي اي پي جي وائيس چيئرمين جي حيثيت ۾ سنڌ جي پارٽين ۽ نمايان شخصيتن کي دعوت ڏيڻ جي ذميواري کيس سونپي وئي ھئي. جن پارٽين ۽ شخصيتن ان سڏ کي مثبت موٽ ڏئي اسلام آباد ڪانفرنس ۾ سنڌ جو ڪيس پيش ڪرڻ ۾ پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو تن جي وڏي مھرباني ۽ جن تنقيدن جي بارش ڪئي تن جي بہ مھرباني.
*سنڌ يونائيٽڊ پارٽيءَ جو وفد پارٽي صدر سيد زين شاھ، جنرل سيڪريٽري جڳديش آهوجا، جوائنٽ سيڪريٽري اصغر قريشي، مرڪزي تنظيمي شعبي جي فتح خاصخيلي، سکر ڊويزن جي صدر بشير لنڊ ۽ ايس يو پي اسلام آباد جي گلشن لغاري تي مشتمل ھيو.










