آسٽريليا جي آئرلينڊ کي 67 رنز تان شڪست

آسٽريليا جي آئرلينڊ کي 67 رنز تان شڪست

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ)ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ ميچ ۾ آسٽريليا آئرلينڊ کي 67 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. پريماداسا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 20 اوورن 6 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنز ٺاهيون.
ڪپتان ٽريوس هيڊ 6 رنز ٺاهي ٻئي اوور ۾ آئوٽ ٿي ويو پر سندس ساٿي اوپنر جوش انگلس جيڪو وڪٽ ڪيپر به آهي تنهن 37 رنز اسڪور ڪيون. ون ڊائون ڪيمرون گرين 21، ميٽ رنشا 37، مارڪس اسٽائنز 45 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. جڏهن ته ڪوپر ڪونلي 11 ۽ زيوير بارٽليٽ 11 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيا.
آئرلينڊ جو اوپنر پال اسٽرلنگ پهرين بال تي هڪ رن ٺاهي رٽائرڊ هرٽ ٿيو، ٻيو اوپنر راس اڊائر 12، لورڪان ٽڪر 24، جارج ڊاڪريل 41، گيرٿ ڊيلني 11 ۽ مارڪ اڊائر 12 رنسون ٺاهي سگهيا. 16.5 اوورن ۾ سڄي ٽيم 115 تي ڍير ٿي وئي.
اڄ جو ٻيو گروپ ميچ وينکيڊ اسٽيڊيم ممبئي۾ انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز ۾ کيڏيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو