بلاول پٺاڻ
سنڌ ڌرتي جي هنج مان صوفين درويشن، عظيم شخصيتن سميت شاعرن ۽ ليکڪن جنم ورتو آهي، جنهن ۾ سچل، ڀٽائي، اياز، سرويچ، ابراهيم منشي، عبدالواحد آريسر جهڙا انيڪ شاعر ۽ ليکڪ شامل آهن انهن مان عوامي شاعر مرتظا شاہ ڏاڏاهي به هڪ آهي، مرتظا شاہ ڏاڏاهي لاڙ جي ضلعي بدين جي ٽنڊي باگي جيڪو هن وقت تعلقي جو درجو رکندڙ آهي. ٽنڊوباگو جي ڳوٺ “ڏاڏاه” ۾ 26 نومبر 1939ع ۾ سيد امام ﷲ شاه جي گهر ۾ جنم ورتو جنهن ڪري ڏاڏاهي تخلص پيو. سندس تعلق بنيادي طور ڪاظمي سيدن سان هو. بعد ۾ ٽنڊو الهيار شهر ۾ رهائش پذير ٿيو هو. سيد مرتظا شاہ ڏاڏاهي 16 سالن ۾ شاعري جي شروعات ڪئي هن شاعري ۾ خان محمد خان غني کان رهنمائي حاصل ڪئي. پاڻ ننڍ پڻ کان ڏاڍو ذهين ۽ هوشيار هو، هن پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماڻهن جي ڏکن، دردن ۽ اهنجن کي سمجهو ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪرڻ لڳو، سندس شاعري جا 8 ڪتاب ڇپيل آهن، جنهن ۾ مان ذرو تون ماهتاب، نه هن پاسي نه هن پاسي، ڏاڏاهي جا؛ ڏوهه هزار ٿورا نه ٿورا، چڱو ٿيو اوهان کي به وسري وياسين، سهڻا سرها گل، زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين ۽ آئون لوهه تون پارس شامل آهن. سيد مرتظا شاہ ڏاڏاهي پريس ڪلب ٽنڊوالهيار جي باني ميمبرن مان هو، هن پنهنجي جواني ۾ صحافت به ڪئي، هو بزم مرتظا، وتايو فقير يادگار ڪميٽي ۽ ڏاڏاهي ادبي تنظيم سميت ٻين ڪيترين ئي علمي توڙي ادبي تنظيمن سان لاڳاپيل رهيو کيس حسن ڪارڪردگي جي صدارتي ايوارڊ سميت سهڻي ميهار گولڊ ميڊل، نئين زندگي گولڊن جوبلي ايوارڊ قلندر لعل شهباز ايوارڊ ۽ سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم سميت ٻيا انيڪ ايوارڊ پڻ مليا مرتظا شاہ ڏاڏاهي پنهنجي والد کان سنڌي اردو انگريزي ۽ فارسي زبانن جي تعليم حاصل ڪئي. سيد مرتظا شاہ ڏاڏاهي جي شاعري 200 راڳين ڳائي کيس جهر جهنگ ۽ واهڻ وستي پکيڙي ڇڏيو. جنهن ۾ ناليوارا راڳي غلام قادر لنجواڻي، محمد قاسم اوٺي، سرمد سنڌي، عابده پروين، انور حسين وسطڙو، ڍول فقير سميت ٻيا ڪافي فنڪار شامل آهن جنهن ڪري به کيس عوامي شاعر سڏيو وڃي ٿو. هن ڪافي غزل گيت وائي، بيت، قطعي، حمد، نعت، منقبت ۽ مناجات جهڙين صنفن تي خوب طبع آزمائي ڪئي. هو ڪافي جي صنف جو بادشاھ شاعر سڏيو ويندو هو. سندس شاعري ۾ فطرت جي حسن سان گڏ عوامي رنگ به شامل آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي عوامي رنگ کي سموئي ڪومل احساسن جي آبياري ڪئي آهي. اڄ سندس ٻي ورسي نه ڄاڻ ته ڪير ملهائيندو پر مختلف فنڪارن طرفان سندس ڳايل گيت اتر کان وٺي لاڙ ٿر تائين ماڻهن جي دلين ۾ محفوظ آهن.










