توهين مذهب ڪيس: شيخ رشيد ۽ سندس ڀائٽيو شيخ راشد بري
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ۽ سندس ڀائٽيو شيخ راشد توهين مذهب ڪيس مان بري ٿي ويا. اٽڪ جي جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد عارف توهين مذهب ڪيس ۾ شيخ رشيد سندس ڀائٽي شيخ راشد کي بري ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو.