روڊ حادثن ۾ قيمتي جانين جو نقصان، ذميوار ڪير۔؟

ليکڪ خاصخيلي لطيف راولاڻي
سنڌ ۾ گذريل ھڪ ٻن سالن کان مسلسل روڊ حادثن جي ڪري خاندان جا خاندان ۽ ھڪ ئي گھر جا ڀاتي اجل جو شڪار ٿين پيا۔جيڪي حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آھن ۔انھي اھم مسئلي طرف ڪنھن جو به ڌيان ڪونھي ته اھي حادثا ڇو ٿا ٿين ۽ انھن کي روڪڻ لاء ڪي حفاظتي تدابير اختيار ڪيا وڃن جئين روز جو معمول بڻيل حادثن کي ٻنجواچي سگھي خاص طور تي حڪومتي لاڳاپيل ادارا ۽ ھاء وي اٿارٽي انھن ڏوھن ۾ برابر جا شريڪ آھن جو ڪراچي کان ڪشمور تائين ۽ ڪراچي کان ڪمون شھيد تائين روڊ کي ويڪرو ڪيو وڃي ۽ روڊ جي ٻنھي پاسن کان ناجائز قبضا ۽ حددخليون ختم ڪيون وڃن جن جي ڪري رستو تنگ ٿيو وڃي ۽ سامھون ايندڙ گاڏي کي مناسب رستو نه ملڻ جي ڪري ھو مخالف سمت کان ايندڙ گاڏي سان آساني سان ٽڪرائجي ويندي آھي نتيجي جي طور تي حادثو پيش ايندو آھي ۽ سوين انساني بيگناه قيمتي جانيون ضايع ٿيو وڃن اھڙا تمام گھڻا واقعا رونما ٿيا آھن پر حڪومتي انتظاميه ۽ ادارا خاموش تماشائي آھن ۔جيستائين روڊ پڪا ڪونه ٿا ڪيا وڃن ۽ رستن جي ٻنھي پاسي حد دخليون ھٽايون ڪونه ٿيون وڃن ته اھڙا حادٽا ٿيندا رھندا ۽ سياستدان ڪامورا عذرخواھي ۾ مصروف ٿي ويندا ڇو جو انھن جي لاء ايندڙ اليڪشن جي لاء راه ھموار ٿي ويندي آھي ۔ھنن ڪامورن ۽ وزيرن جو ته ٻيو ڪو ڪم نه ھوندو آھي اھو ئي اھم ڪم ھوندو آھي جنھن جي اھي ذميواري پوري ڪن ٿا ۔پورا پنج سال ھنن کي صرف اھو ئي ڪم ڪرڻو ھوندو آھي ۔باقي ترقياتي ڪم ته ايندڙ حڪومت جي حوالي ھوندا آھن ۔اڳي ته ٻڌندا ھئاسين ۽ اڪثر ڏٺو به ويو آھي ته ڊرائيور جي ٿوري لاپرواھي ۽نااھلي جي ڪري حادثو پيش آيو ۽ قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون پر ھاڻي ائين گھٽ ٿو ٿئي ۔سڄو ڏوه حڪومتي مشينري ۽ ورڪس ڊارٽمنٽ جنھن جي ذمي ھي ترقياتي ڪم رکيل ھوندو آھي ۔ان کي ئي پورو ڪرڻو ھوندو آھي پر اھا حڪومتي مشينري به مافيا جي ور چڙھي وئي آھي ۔ڪرپشن ته ملڪ کي اڏوھي وانگر کائي رھي آھي ڪو به ادارو اھڙو ڪونھي جو انھي موذي مرض کان بچيل ھجي ۔تازو برسات جي ڪري ته ويتر سڀ روڊ رستا تباه وبرباد ٿي ويا انھن کي درست ڪير ڪندو ۔ٽرانسپورٽ کي ته صرف رستو گھرجي پوء اھي ڪٽ ۽ کڏا کوٻا نه ڏسندا ويندا پيا ڪاھيندا جتي وڃي بريڪ لڳي يا وري ڪو وڏو حادٽو ٿئي ۔برساتن ۾ ملير ندي جتان باقاعده رستو ٺھيل ھو ۔گاڏيون به گذرنديون ھيون جنھن جو نالو ايم نائن رکيو ويو آھي پر ان کي پڪو ۽ پل نه ٺاھڻ جي صورت ۾ ندي ۾ حد کان زياده پاڻي اچڻ جي ڪري گذرندڙ ڪار بي قابو ٿي ڪري پاڻي جي لھرن جي حوالي ٿي وئي نتيجي جي طورتي ھڪ ئي خاندان جا پنج ڀاتي ٻڏي مري ويا جن جا لاش ٻن ٽن ڏينھن کان پوء مليا آھن ۔ھاڻي ٿيندڙ حادٽو جنھن ۾ به ھڪ ئي خاندان جا ويھ ڀاتي حياتي وڃائي ويٺا اھو به تازو برساتن جي ڪري رستو خراب ۽ زبون حالت ۾ ھو ان ڪري ئي اھو حادثو پيش آيو ۔ان جي ڪير به ذميواري قبول ڪرڻ لاء تيار ڪونھي ته اھو ڪنھن جو ڏوه ھو ڪنھن جي غير ذميواري جي ڪري اھو حادثو پيش آيو۔۔اسان جا ادارا خاموش آھن ۔ڪنھن شاعر سچ ئي چيو آھي ۔انڌي دنيا ٻوڙي ڌرتي گونگو آڪاس ۔۔گيٿ رنا ساز ڀڳو پر ڪنھن نه ٻڌو آواز ۔۔۔ھتي به ساڳئي صورتحال آهيlatifravlani@gmail.com .

پهنجو تبصرو موڪليو