ٻوڏ متاثرن جي اهنجن جو علاج ڪير ڪندو؟

عبدالمجيد بروھي
پوري سنڌ سميت بلوچستان ۾ برسات جي تباھين ۽ انتظاميا جي نااھلي سبب جيڪا تباھي سنڌ ۾ ٿي ان تباھي کي صدين تائين ياد ڪيو ويندو اسان جا وڏڙا اھو چون ٿا تـ اسان پنھنجي حياتي ۾ اھڙيون برساتون نـ ڏٺيون ھيون ھي قيامت جا منظر ھيا بحرحال برساتن بعد جيڪا انتظامي نااھلي ڏسڻ ۾ آئي ان کي بـ ڪڏنھن وساري نٿو سگھجي برسات بعد سم شاخن جھڙي طريقي سان تباھي مچائي ان مان صاف ظاھر آھي تـ سم شاخن جي کاٽي ۽ شاخن ڪپرن جي مضبوطي لاء ھر سال ملندڙ ڪروڙين روپيا انتظاميا وارا سم شاخن جي کاٽي ڪرڻ بجاء پاڻ ڳڙڪائي وڃن ٿا عملو موجود ھجڻ باوجود سم شاخن جي نگراني ناھي ٿيندي انجي ڪري ھر ماڻھون پنھنجي مرضي سان سم شاخن جي اصل شڪل کي بگاڙڻ پنھنجو حق سمجھي وٺي ٿو اسان اڄ انتظاميا سان گڏ پاڻ کي بـ سم شاخن جي تباھي جا ذميدار سمجھون ٿا اسان اوھان ھلي سروي ڪري ڏسون ٿا پوء سڀ خبر پئجي ويندي تـ ڇو سم شاخن تباھي مچائي آھي اصل ۾ ھر ذميدار جنھن جي زمين جي ڀرسان ڪنھن بـ سم شاخ جو گذر ٿي ٿو اھو ان سم شاخ کي ذاتي جاگير سمجھي سم شاخ جي اڄي ڪپر کي ڪٽي ھڪ ننڍڙو ٻنو ماڻھون جي گذرڻ جيترو ڇڏي ٻئي سڄي ڪپر کي پنھنجي زمين ۾ ملائي برابر ڪندا آھن ان بعد ھي جيڪو ھشر ٿيو اھو اسان ۽ توھان سڀني جي سامھون آھي ھاڻي انھن سمورن سم شاخن جي ٻنھي ڪپرن کي انتظاميا مضبوط ڪري انھن جي نگراني پاڻ بـ ڪن پر اڄ ڪلھ ڳوٺ ۾ سوشل ورڪر موجود آھن انھن کي پڻ انھن سم شاخن جي نگراني ڪرڻ گھرجي جيڪڏنھن ڪو بـ آبادگار يا ھاري سم شاخن جي ڪپرن سان ھٿ چراند ڪري تـ ان کي فوري طور تي روڪيو وڃي منع ڪرڻ باوجود نـ رڪجي ان جي باري ۾ انتظاميا کي اطلاع ڪرڻ گھرجي ائين ڪرڻ سان سم شاخن جا بند محفوظ رھندا ۽ اسان جا ڪيترائي ڳوٺ ٻڏڻ کان بچي پوندا
برسات جي تباھي بعد اڪثر ماڻھون جن جا گھر ڪريا جن جي ڳوٺن ۾ پاڻي بيھجي ويو اھي ويچارا پنھنجا گھر ڇڏي شھر ڏانھن لڏي ويا ڪيترائي سفيد پوش ويچارا پنھنجن ٻچڙن سان گڏ ڳوٺن ۾ رھڻ سٺو سمجھيو ھاڻي جيڪي روڊ رستن ۽ سرڪاري عمارتن ۾ رھڻ لڳا انھن کي سرڪار سميت ٻين نجي ادارن سماجي اڳواڻن ادارن پاران کاڌ خوراڪ دوائون ٽينٽ ۽ ٻيو ڪجھ ڏيندا پيا اچن اھو سندن جو حق پڻ آھي انتظاميا سندن واھر ڪڏنھن ڪري ٿي ڪڏنھن کين کاڌ خوراڪ لاء احتجاج پڻ ڪرڻو پوي ٿو سرڪاري عمارتن ۾ رھندڙ ۽ ٽينٽ سٽيز ۾ رھندڙ برسات متاثر ھن وقت سک سان اتي ناھن ويٺا پر مجبور آھن اھي ڪيڏانھن وڃن سندن سڀ ڪجھ لڙھي ويو آھي سندن فصل تباھ ٿي ويا گھر ڪري پيا آھن انھن کي ھن وقت انتظاميا پاران سرڪاري عمارتن مان ڪڍي سندن علائقن يا ٽينٽ سٽيز ۾ رھائڻ جو اعلان ڪيو آھي جيڪي ويچارا ھن وقت بـ سندن ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل آھي اھي جيڪڏنھن نٿا وڃڻ چاھين تـ انھن کي وڏي عزت سان ٽينٽ لڳائي کين ٽينٽ سٽيز ۾ منتقل ڪيو وڃي ۽ جيڪي برسات متاثر پنھنجن ماڳن ڏانھن واپس وڃڻ چاھين ٿا تـ انتظاميا کي گھرجي تي في خاندان کي فردن جي حساب سان ٽينٽ ڏين انھن کي ٻين مھينن جو راشن ۽ ٿانو ڏنا وڃن انھن کي ڳوٺن تائين پھچائڻ جي لاء مفت ۾ ٽرانسپورٽ مھيا ڪيو وڃي انھن کي ڳوٺن ۾ پھچائڻ جي ذميداري انتظاميا کڻي
برسات متاثر جيڪي پنھنجن ڳوٺن ۾رھي پنھنجي ٻچڙن کي در پدر ٿيڻ کان بچائي اتي ڪکاوان گھر ٺاھي رھيل آھن انھن مان اڪثر وچولي طبقي جا آھن جن جو پڻ سب ڪجھ برسات ۾ تباھ ٿي چڪو آھي جن وٽ جيڪو بچيل ھيو انھن مان ٿورو ٿورو خرچ ڪري اھي پنھنجي خرچ تي پنھنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي رھيا آھن جن جا اھي بچيل پيسا بـ ھاڻي خرچ ٿي چڪا آھن اھو اسان اوھان چڱي ريت ڄاڻون ٿا تـ اھي سفيد پوش وچولي طبقي وارا وڏا خوددار ھوندا آھن اھي ڪڏنھن بـ ڪنھنجي آڏو ھٿ نـ ٽنگيندا پوء ڇو نـ اھي ۽ انھن جا ٻچڙا فاڪا ڪاٽي زندگي گذارين اڄ اھڙا سفيد پوش سخت مشڪل واري زندگي گذاري رھيا آھن ڇو تـ انھن کي ڪير وڃي ڪجھ نٿو ڏي ۽ ڪنھن جي آڏو اچي ھو راشن لاء لائين ۾ بيھي پوء راشن بيگ وٺڻ بعد فوٽو سيشن کان بـ ڊڄن ٿا انھن سفيد پوش ماڻھن جي زندگي اڄ وڏي مشڪل ۾ آھي انتظاميا توڙي نجي ادارا سندن جي مدد لاء بـ اڳتي اچن انھن جي درن تي راشن ۽ ٻيون روز استعال ٿيندڙ ضرورت واريون شيون رکي واپس موٽي وڃن اوھان کي اھڙا سفيد پوش برسات متاثرا ھر ڳوٺ ۾ نظر ايندا جيڪي چئوطرف پاڻي سندن ڳوٺن ۾ اچڻ باوجود اھي پنھنجن ڳوٺن مان ناھن نڪتا اھڙن جي مدد لاء اڳتي اچڻ گھرجي

پهنجو تبصرو موڪليو