ايران ۾ انسانيت جو قتل

خاصخيلي لطيف راولاڻي
اڄوڪي دنيا جيترو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ترقي ڪئي انسان چنڊ تان به چڪر ھڻي آيو مصنوعي تارا به ٺاھيا ويا آھن ماڻھن کي مشين ٺاھي ڪم ورتو وڃي ٿو ته اتي سماجي ۽ معاشري طور تي تمام پوئتي وڃي پيو انساني قدر ۽ رشتا ختم ٿيندا پيا وڃن يورپ ۽ امريڪا جي سماجي حالٿن جو ڪيترن ئي مورخن ۽ سياحن پنھنجي سفرنامن ۾ اتي جي سماجي ڍانچي ۽ معاشري جي بگڙيل صورتحال تي تفصيل سان لکيو آھي ته اتي اخلاقي قدر پنھنجي حيثيت وڃائي چڪا آھن ۔اخلاق ۽ ڪردار نالي ڪا شي باقي نه رھي آھي ۔جنھن انساني سماج ۾ اخلاقي قدر گم ٿي وڃن ته اھو انساني سماج نه رھندو آھي اتي وحشت ۽ انساني حقن جي پائمالي ٿيندي رھندي آھي خاص طور تي سماج ۾ ان سلسلي ۾ مردن کان وڌيڪ عورتن تي زيادتيون ٿينديون رھيون آھن ۽ عورت سدائين ان عتاب جو شڪار رھي آھي پوء اھو معاشرو ۽ سماج ايشيا جو ھجي يا يورپ جو ٻنھي ھنڌن تي ساڳئي صورتحال آھي ۔واضح رھي ته ان اھم مسئلن تي گڏيل قومن جي اداري ۽ ٻين عالمي سطح تي عورتن جي حقن جي باري قانون به پاس ڪيا ويا آھن ته عورٿ کي مرد جي برابر سمجھيو وڃي ۔اسلام به عورت جي بنيادي حقن جي ڳالھ ڪري ٿو ۔٨ مارچ تي پوري دنيا ۾ عورتن جي حقن جو ڏينھن پڻ ملھايو وڃي ٿو ۔پر ان ھوندي به پوري دنيا ۾ عورتن تي تشدد ظلم بربريت جاري آھي ۔خاص طور تي ايشيا کنڊ ۾ جتي ملائيت ۽ مذھبي ڪٽر پڻي عروج تي آھي اھڙن ملڪن ۾عورتن سان ناانصافي عروج تي آھي ۔دنيا ۾ ٻين ازمن سان گڏ ڪجھ ملڪن ۾ ملا ازم تمام گھڻو وڌي ويو ۽ ان جا ٿمام گھڻا اثر اسلامي ملڪن ۾ آھن ۔جيڪي سدائين اھڙا بي بنياد دقيانوسي قانون پاس ڪندا رھندا آھن ۔جنھن جا اثر صدين تائين ھن معاشري جو ناسور بڻجي ويندا آھن ۔تازو ايران ۾ عورٿ کي اسڪارف نه پائڻ تان پوليس تشدد ڪري بيدردي سان ماري ڇڏيو ۔جيڪو عورٿ جو نه پر انسانيت جو قتل آھي ايران جي پوليس ۽ حڪومت جي ان عمل خلاف پوري دنيا جي ملڪن ۾ ان وحشيانه عمل تي احتجاجي مظاھرا به ڪيا ويا آھن ۔اھو عمل جيڪو ايران ۾ اڳ به ٿيندو ھو ۔۽ اسان جي پاڙيسري ملڪ افغانستان جٿي مڪمل طور تي طالبان ملا ازم جي حڪومت قائم آھي اتي پڻ اھڙا انسانيت سوز واقعا رونما ٿيندا رھن ٿا ۔پاڪستان ۾ ايران جي انھي انسانيٿ جي لتاڙ تي کاٻي ڌر جي انارڪسٽن جي تنظيم گل محمد منگي ۽ وليم جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب تي احتجاجي مظاھرو ڪري پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ته مظلوم قومون ھڪ آھن ۔دنيا ۾ جتي به انساني حقن جي لتاڙ ٿئي ته ان جي خلاف آواز بلند ڪيو وڃي ۔ڏاھن جو به چوڻ آھي ته ظلم کي برداشت ڪرڻ وارو ۽ ان جي خلاف آواز بلند نه ڪرڻ وارو به ظالم آھي ۔انساني حقن واريون تنظيمون به ايران جي ان وحشيانه عمل خلاف سراپا احتجاج آھن ۔موجوده سماجي ڍانچي ۾ انصاف گھرڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ وارو پھاڪو آھي ۔پر وري به دنيا ۾ سماجي ناانصافين خلاف جدوجھد جاري آھي

پهنجو تبصرو موڪليو