ڪاڇي ۾ گيسٽرو جا هاڃا ۽ صحت کاتي جا سکڻا بيان !!!

محمد اسماعيل لانگاھ
ڪاڇي ۾ برساتن بعد جيتريون خوشحاليون اچن ٿيون ۽ ايترا ڏُکن جا پهاڙ به ماروئڙن مٿان پون ٿا هن وقت ڪاڇو برسات بعد وري بيمارين کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن بيماري ڪيترن ئي معصوم ٻارن جو زندگيون ڳڙڪائڻ شروع ڪري ڏنيون آهي ۽ صحت جو ڪاڇي ۾ ھونئن ڪو عمل دخل ڪونهي ڇو جو ڪير چوڻ ۽ ڪُڇڻ وارو ڪونهي هتي صرف سرڪار ۽ ڪامورن جي مرضي هلندي رهي ۽ عوام کي ننڌڻڪو ڪيو ويندو رهيو آهي, تازي برسات ۽ ٻوڏ ۾ سنڌ سرڪار ۽ صحت کاتي جي من مستي ۽ عوام جي مجبوري ظاهري طرح سامهون اچي وئي آهي ته هتي عوام سان خاص طور صحت جي حوالي سان ڪيترو ظلم ٿيندو رهيو آهي
برسات ان کانپوء ٻوڏ جي تباهڪارين بعد ڪاڇي واسين مٿان وري گسٽرو بيماري جي مصيبت ڪر کنيو آهي, صحت کاتو هونئن ئي ڪاڇي ۾ غيرفعال بڻيل آهي جنهن جي ڪابه ڪاڇي ۾ اطمينان بخش ڪارڪردگي ورهين کان وٺي ناهي رهي ته مٿان وري ڪاڇي ۾ برساتن صحت کاتي جا سمورا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن ته جنهن کاتي کي بجيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ پئسو ملندو رهي ٿو انجي ڪارڪردگي پهرين ڇا هوندي جنهن برسات ۾ متاثر ٿيل علائقن جي رهواسين ۽ گيسٽرو بيماري جي روڪٿام لاء ڪهڙا تڪڙا اُپاءُ وٺي سگهي ٿو برسات متاثر علائقن جي وزٽ تي آيل وزير اعلي سنڌ ته پنهنجي دوري کي ڦوٽو سيشن ڪري موٽي ويو پر سندن دادو ضلعي انتظاميه ۽ ڊي ايڇ او دادو کي صحت جي حوالي سان ڪيل هدايتن بعد ڪاڇي واسين لاء لڳايل طبعي ڪئمپ مان انهن کيي ڪيترو فائدو پهچايو ويو ڪُجھ ڪلاڪن لاء جوهي ايف پي بند وٽ ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي عالمي ادارن کي ٻُڌايو ويو ته دادو ضلعي انتظاميه ۽ صحت کاتي ڪاڇي واسين کي درپيش تڪليفن جو ازخود ڪيترو ازالو ڪيو پر نااهلي جي به ڪا حد هوندي آهي ۽ ڪئمپ ان مهل لڳائي وئي جڏھن سڄو ڪاڇو گاج ندي جي ٻوڏ ۾ ٻُڏي رهيو هو جتان ماڻھن جو نڪرڻ ئي محال هو ڇا انهن ماڻھن جو ميڊيڪل ڪئمپ تي اچڻ ممڪن هو؟
صحت کاتي ۽ ڊي سي دادو ۽ ڊي ايڇ او دادو ڊرامائي انداز ۾ پنهنجي بجيٽ وڌائڻ لاء جيڪا ڪئمپ لڳائي ڪاڇي جي هڪ به مريض کي وئڪسين نه ڪئي وئي ۽ سموريون دوائون ۽ عملو جتان آيو هو باعزت انهن ساڳين هنڌن تي واپس موٽي ويو هميشه ٿيندو به ايئن آهي ته برساتن پوڻ جي هفتي ٻه کانپوء جڏھن زمين پنهنجي گرمائش ڪڍندي آهي پوء گهرن توڙي گهٽين ۾ نيڪال جو ناقص نظام هئڻ سبب بيٺل گندي پاڻي ۾ وڏي پئماني تي مکيون ۽ مڇر پيدا ٿين ٿا جيڪي انسانن لاء بيمارين جو باعث بڻجن ٿا ۽ هن وقت ٿي به ايئن ئي رهيو آهي ۽ صحت کاتي وٽ انهن انسان لاء هاڃيڪار جيتن کي مارڻ لاء اسپري موجود هوندا آهن جيڪي هرگز نٿا ڪرايا وڃن ۽ خاص طرح گيسٽرو بيماري جو اثر معصوم ٻارن ۾ آهي جيڪي پنهنجي صحت کان باخبر هجن ٿا مک ۽ مڇر انهن تي پنهنجو اثر ڇڏين ٿا تازين رپورٽن مطابق گيسٽرو وبا ڏھ کان وڌيڪ ٻارن جو حياتيون ڳڙڪائي وئي آهي ٻوڏ کان پوء عارضي طور ڪاڇي جي بحال ٿيل رستن بعد ماڻھن دادو ضلعي جي خانگي اسپتالن جو رُخ ڪيو آهي جتي ٽريٽمينٽ لاء ڊاڪٽر حضرات پاران ڳرين فين جي وصولي باوجود صحيح نموني بيماري تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيا آهن جڏھن ته سرڪاري اسپتالون صرف عملدارن جي حاضري ريڪارڊ چيڪ ڪرڻ لاء ڄڻ کوليون ويون هجن, سنڌ جي پسمانده علائقي ڪاڇي سان هميشه ڪلور ڪيا ويندا رهيا آهن هن وسيع علائقي جي شهرن ۾ جيڪي آر ايڇ سيز قائم ٿيل آهن انهن ۾ مقرر ٿيل عملدارن جي ڪابه خبر نه آهي ته اهي ڪٿي ڊيوٽي ڪري رهيا آهن جڏھن صحت گهر ريڪارڊ ۾ کليل به هجن ڇا انهن کي ماهوار دوائون نه ملنديون هونديون سوچڻ جي ڳالھ آھي صحت ڪاڇي واسين جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي خاص طور برساتن دوران ٽي چار حياتيون موت جي منهن ان ئي سبب ور چڙھيون ته انهن کي علاج لاء وارثن شهرن تائين پهچائڻ جون ڪوششون ڪيون پر وقت سر نه پهچي سگهڻ ڪري هو وچ رستي تي ئي موت جي منهن هليا ويا اهڙا کوڙ سارا واقعا رونما ٿيندا رهيا آهن پر مجال آ جو صحت کاتي ٻڙڪ ٻاهر ڪئي هجي
هن وقت گيسٽرو سبب ڪاڇي ۾ سنگين صورتحال پيدا ٿي وئي آهي هر نئون ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن معصوم جي حياتي ڳڙڪائي رهي آهي اهڙي افسوسناڪ حالتن ۾ سنڌ حڪومت, صحت کاتي , ڊي ايڇ او دادو سميت تمام ذميوار اختيارين ڪي به جوڳا بندوبست نه ڪيا آهن بس خالي سکڻن بيانن ۽ ميڊيا تي پاڻ کي شو ڪيو پيو وڃي ضرورت هن وقت عملي قدم کڻڻ ۽ بيماري کي ضابطي ۾ آڻڻ جي آهي جيڪڏھن غفلت جو مظاهرو ڪيو ويو ته گسيٽرو بي قابو ٿي سگهي ٿي وزير اعلي سنڌ ڊي جي هليٿ سنڌ سميت وفاقي حڪومت کي گهرجي ته ڪاڇي ۾ قائم آر ايڇ سيز کي فوري طور فعال بڻائي عملو مقرر ڪري ۽ سندن دوائون ميسر ڪري علائقي جي مريضن جو علاج پنهنجي ئي علائقي جي اسپتالن ۾ ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو هن وقت برساتن جي هلندڙ سلسلي دوران رستا بند ٿيڻ معمول آهي براء ڪرم ڪاڇي جي اسپتالن کي اهي سموريون سهولتون ڏنيون وڃن جتي انهن جي هن وقت اشد ضرورت آهي

پهنجو تبصرو موڪليو