سيد زوار حسين شاه
جيڪڏهن ڪافي هزارين طالبان هوندي به هو سياست ڪن پيا جڏهن ته پهريان ائين بلڪل نه هيو ان ڪري مان عرض ڪندس ته جيڪڏهن ملڪ جي مفاد ۾ فيصلا ڪيا وڃن جنهن سان پاڪستان ۾ ترقي استحڪام به جنم وٺي ، هن وقت هي جديد دور آهي ، اظهار آزادي جو حق سڀنن کي پاڪستان جو آئين مهيا ڪري پيو ، ان تي عمل ٿيڻ گهرجي ، جيڪڏهن مان ڪپتان جناب عران خان جي ڳالهه ڪيان ته هو پگهريان کان ئي طاقت جي استعمال خلاف هيو سدائين هڪ ڳالهه ڪندو هيو ته طالبان هڪ حقيقت آهن ، جنهن کي مدي نظر رکي به فيصلا ڪرڻا پوندا جنهن سان پاڪستان جو قوي مفاد هجي ، جڏهن ته جمهوريت به اهو ڪجهه ئي سيکاري ٿي ، جڏهن ته هن وقت جي امپورٽيڊ حڪومت جنهن مٿان بيروني قوتن جي شيروارد سميت پاڪستان ۾ به مير جعفر جهڙو ڪردار ادا ڪندڙن مٿان خاص طور پاڪستان تحريڪ انصاف الزام مڙهي رهيو آهي ، سچ ڇا آهي جڏهن ڪپتان جي چوڻ موجب جڊيشنل انڪوائري جوڙي وڃي جيڪا صاف شفاف انڪوائري ڪندي جنهن کان بعد اهو تعين ٿيندو ته ڪپتان جو الزام سچو آهي يا ڪوڙو آهي ، برحال هن وقت اها ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ملڪ اندر نئين نئين حڪمت عملي جوڙي حڪومت هلائي پاڻ مٿان جيڪي به ڪرپشن جا الزام آهن اين آر او ٽو حاصل ڪيو وڃي جنهن ۾ حڪومت وقت پي ڊي ايم يج تمام وڏن باس جنهن ۾ آصف علي زرداري ، مولانا فضل الرحمان ، شهباز شريف ۽ بين جن جن مٿان به ڪرپشن جا الزم هيا اهي نيب قانون ۾ ترميم ڪري ختم ڪيا ويا آهن جنهن کان پوء صرف 11سو ارب روپين جو انهن تمام اڳواڻن انهن جي ساٿين فائدو حاصل ڪيو آهي جنهن خلاف به سپريم ڪورٽ آف پاڪستان بهترين ريمارڪس ڏنا آهن ۽ انهن جن جن کي هن نيب ترميم مان فائدو پهتو آهي ، انهن جي لسٽ گهرائي ورتي آهي جڏهن ته قومي سلامتي ڪميٽي چيو آهي ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان بابت حتمي فيصلو پارليامينٽ جي منظوري ۽ اتفاق راءِ سان ڪيو ويندو. پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سياسي ۽ فوجي قيادت شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي سلامتي جي ذميوار ادارن پاران ملڪ جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ملڪ کي درپيش اندروني ۽ بيروني خطرن ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي سلامتي جي ذميوار ادارن پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته حتمي فيصلو پاڪستان جي آئين جي روشني ۾ پارليامينٽ جي منظوري سان ڪيو ويندو، مستقبل جي لاءِ هدايتون ۽ اتفاق راءِ سان ڪيو ويندو. سياسي قيادت معاملي تي حڪمت عملي ۽ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس کي قومي ۽ عالمي سطح تي درپيش خطرن ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن ۽ پاڪستان-افغان سرحد تي انتظامي معاملن کان به آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ انتهائي ذميواراڻو ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو. بريفنگ ۾ چيو ويو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۽ قربانين کي دنيا تسليم ڪيو. پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي بي مثال قربانين جي ڪري سڄي ملڪ ۾ رياستي ڪارروايون، امن امان جي بحالي ۽ معمولات جي بحالي کي يقيني بڻايو ويو، اڄ پاڪستان جي ڪنهن به حصي ۾ منظم دهشتگردي جو ڪو به ڍانچو موجود ناهي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي تحريڪ طالبان پاڪستان سان ٿيل ڳالهين جي تفصيلن کان به آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهين جو اهو سلسلو شروع ٿيندڙ سمورن پس منظرن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ان دوران ٿيندڙ دورن تي به بريفنگ ڏني وئي. ٽي ٽي پي سان افغان حڪومت جي سهڪار سان ڳالهيون جاري آهن، سول ۽ فوجي نمائندن تي ٻڌل حڪومتي ڪميٽي پاڪستان جي آئين جي دائري ۾ رهي بحث ڪري رهي آهي، حتمي فيصلو پارليامينٽ پاڪستان جي آئين جي روشني ۾ ڪيو. اهو مستقبل لاءِ مهيا ڪيل هدايت ۽ اتفاق سان ڪيو ويندو. اجلاس ۾ چيو ويو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۽ قربانين کي دنيا تسليم ڪيو. پاڪستاني قوم ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي بي مثال قربانين جي ڪري سڄي ملڪ ۾ رياستي ڪارروايون، امن جي بحالي ۽ معمولات جي بحالي کي يقيني بڻايو ويو آهي، پاڪستان جي ڪنهن به حصي ۾ منظم دهشتگردي جو ڪو به نشان نه رهيو آهي. سياسي قيادت معاملي تي حڪمت عملي ۽ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهيون امن لاءِ ۽ آئين تحت ٿينديون. وزيراعظم هائوس ۾ پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو طئي ٿيو آهي ته ٽي ٽي پي سان ڳالهيون آئين تحت ٿينديون ۽ اهي ڳالهيون پارليامينٽ جي گائيڊ لائنز موجب ٿينديون. هن چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي ڪارروائي تي پارليامينٽ ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان جلد پارليامينٽ جو ان ڪئميرا اجلاس گهرايو ويندو. سندس چوڻ هو ته يوٽرن ماهر عمران خان کان پڇيو وڃي ته آمريڪي سازش جو بيانيو ڪاڏي ويو؟ عمران خان آئي ڏينهن شوشا ڇڏيندو آهي، نيب سڌارن کانپوءِ هاڻ 90 ڏينهن جو رمانڊ نه ٿيندو، 90 ڏينهن جو رمانڊ نه ٿيڻ جو فائدو هاڻ تحريڪ انصاف جي ماڻهن کي ٿيندو. راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان ٻڌائي شهباز شريف خلاف ڪهڙا 70 ڪيس آهن؟ عمران خان رٽائرڊ ججن کي احتساب عدالتن ۾ لڳائي پنهنجي انتقامي ڪارروائي پوري ڪرڻ چاهي، عمران خان تي بي اعتمادي ته سندس پنهنجي اتحادين ڪئي، جن ووٽ ذريعي عمران خان وزيراعظم بڻيو، انهن ووٽن ذريعي ئي شهباز شريف وزيراعظم بڻيو.
قومي سلامتي ڪميٽي پاڪستان جي بقا سلامتي لاء هاڻ اهم فيصلا ڪندي ، جڏهن ته ملڪ هن وقت به وڏي امتهان مان گذري رهيو آهي ، جڏهن ته پاڪستان اندر هن وقت به آئيني مسئلا درپيش اهن جنهن کي به مدي نظر رکڻو پوندو ، ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين پاران ڪيل اهم فيصلن تي به حڪومت وقت فيصلا ڪرڻ چاهي ٿي ، ان ڪري هن وقت پارليمنٽ جنهن ۾ اپوزيشن پاران تقريبن استعفائون ڏنل آهن ، شهباز شريف سڀ اهي فيصلا پاڻ ڪندو جيڪي ڪپتان جي دور حڪومت ۾ نه پيا ٿي سگهن ، برحال مان عرض ڪندس ته عوام مٿان رحم ڪيو وڃي ، جهڙي ريت عوام حڪومت وقت جي ڪيل فيصلن مان تاراج ٿيو آهي اهڙي تاريخ نه ٿي ملي ، عام ماڻهوڳن بک بدحالي سبب خودڪشيون ڪن پيا جڏهن ته حڪومت وقت وٽ عڳوام جي لاء في الحال ڪجهه نظر نه پيو اچي پر با خبر ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته سعودي عربيه ، آئي ايم ايف پاران پاڪستان جي لاء قرض ڏيڻ جا معاهده ٿي چڪا آهن ، جنهن کان پوء ڪجهه نه ڪجهه حڪومت وقت کي معاشي بنيادن تي هٿي ملي سگهي ٿي پر ڪپتان جا سياسي حملا بار بار حڪمت عملي تبديل ڪري حڪومت وقت کي اڳتي روڪڻ کان روڪي رهيو آهي ، ۽ نئين اليڪشن جو مطالبو ڪري رهيو آهي ، جڏهن ته حڪومت وقت جتي پهريان نيب قانون ۾ ترميم اليڪشن پراسس ، بيروني ملڪن ۾ رهندڙن پاڪستانين کانم ووٽ جو اختيار واپس وٺڻ مشين ذريعي ووت نه ڪرائڻ جهڙا فيصلا ورتا آهن مان سمجهان ٿو ته تحريڪ طالبان پاڪستان جنهن مٿان پابنديون مڙهيل آهن منهنجو پنهنجو زاتي تجزيو آهي ته جتي ٻين سياسي پارتين حڪومت وقت جي مدد ڪئي هنن به حڪومت وقت سان گڏ رهيا حمايت ڪئي جنهن کان پوء ان تنظيم تان پابنديون ختم ڪندا ، جڏهن ته اهرن فيصلن تي پاڪستان اندر امن امان بحال رکڻ م وڏي مدد ملندي ، پر هن وقت به ميان شهباز شريف ان جي ٽيم کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي برحال عوام ڪپتان سان گڏ نظر پيو اچي ، ملڪ اندر معاشي صورت حال انتهائي خراب آهي ، عوام مهنگائي جي ڪري بک مري رهيو آهي ، جيڪڏهن حڪومت وقت عوام جي لاء ڪو خاص پيڪيج متعارف نه ڪرايو ته پاڪستان اندر حالات سنگين ٿيندا ۽ خانه جنگي به ڇڙي سگهي ٿي ان ڪري جيڪي به فيصلا ڪيا وڃن سوچي سمجهي ڪيا وڃن جنهن ۾ آئين سميت پاڪستان کي ڪو نقصان نه پهچي پاڪستان سميت ڪيترن ئي ٻين اسلامي ملڪن ۾ ڪيتريون ئي طالبان ونگز اسلام جي نالي تي جهاد ڪن پيون ڪن کي ڪجهه ملڪن تسليم ڪيو ته ڪٿي انهن مٿان ڇابنديون پن مڙهيل آهي ، جڏهن ته پاڪستان ۾ سدائين جنهن جهري سوچ کي ان کي اها موٽ به ملي ۽ هن وقت تحريڪ طالبان پاڪستان ، پاڪستان جي ڪيترن ئي اهم شهرن ۾ سياسي سرگرميون به تيز ڪري ڇڏيو آهن جنهن کان بعد مان عرض ڪيان ته هو هڪ نئين حڪمت عملي اختيار ڪري رهيا آهن جنهن سان امن امان سميت پاڪستان جي بقا ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن پيا










