قاضي عبدالوحيد
پنهنجي سماج ۾ موجودهه حالتن ۾ جيڪا هر طرف پريشان ڪن ڪيفيت ڇانيل آهي، انهيءَ جو سڌو سنئون تعلق ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ سان آهي، حڪمران آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي پڇ لوڏي هر فرمائش پوري ڪري پوري ملڪ جي 22 ڪروڙ کان وڌيڪ عوام کي هڪ ئي پئٽرول جي وڌندڙ قيمتن جي بم ڌماڪي سان غرق ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، وڏي نڪ جي پڪائيءَ سان موجودهه مڪس آچار حڪومت جنهن ۾ پيپلز پارٽي، نواز ليگ، جمعيت علماءَ اسلام فضل الرحمان، متحدهه قومي موومينٽ ( ايم ڪيو ايم ) شامل آهن، انهيءَ مڪس آچار گورنمينٽ روز بروز پئٽرول جون نام نهاد هٿ ٺوڪيون قيمتون وڌائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ گڏوگڏ ئي وري انڌي ٻوڙي ۽ گونگي فرمائيش ڪندڙ آءِ ايم ايف سرڪاري ملازمن جون سالياني بجيٽ ۾ پگهارون نه وڌائڻ جي ڳالهه ڪري ويتر پاڻ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته آءِ ايم ايف نه صرف عوام دشمن آهي پر اها آءِ ايم ايف بيماري ملازم دشمن به آهي، اهڙين حالتن ۾ جتي هر طبقي جو ماڻهو ذهني پريشاني جي ور چڙهيل آهي اتي يقينن سرڪاري ملازم به هن سسٽم جو حصو آهي اهو پڻ انتهائي پريشان ڪن حالتن ۾ وقت گذارڻ تي مجبور آهي، سنڌ جي پرائمري استادن سان هر حڪومت ماٽيلي ماءُ وارو برتاءُ ڪندي رهي آهي، جڏهن پنجاب، خيبرپختونخوا، بلوچستان، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ٻيو ته ٺهيو پر پراڻا قبائلي علائقن وارا استاد به سرڪاري گريڊ، انڪريمينٽون، مراعتون ، سهولتون کڻندا رهن ٿا پر بدقسمتيءَ سان سنڌ جي استاد کي انهيءَ پوري سروس اسٽريڪلچر ۾ مسلسل سالن جا سال نظر انداز ڪيو وڃي ٿو، جنهن کان پوءِ سموري سنڌ جا استاد پنهنجي نمائندهه تنظيم آل سنڌ پ ٽ الف جي پليٽ فارم جي سڏ تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿين ٿا، 7 جون واري لڳندڙ پريرس ڪلب آڏو احتجاجي استادن واري ڌرڻي ۾ شايد اڳ ۾ ايترو تعداد نه آيو هجي جو هر طرف استاد ئي استاد هيا، صدر، ايمپريس مارڪيٽ، ايم اي جناح روڊ، گلشن اقبال، ڪلفٽن، ڊفينس معنيٰ ته هر پاسي استادن جا قافلا نظر اچي رهيا هئا ۽ ڪراچيءَ جي هوٽلن تي رهائش آرام ڪرڻ لاءِ ڪمرا نه ملي رهيا هئا. جنهن ڪري استادن بليڪ تي ڪمرا وڏن ڪراين سان وٺي فريش ٿيا ۽ 7 جون تي وري ڪراچيءَ ۾ گرمي به وڏي زورن تي هئي ۽ گرميءَ جي شدت سبب پگهر ۾ ٻڏل استاد وڏا رومال کڻي پگهر به سڪائيندا رهيا ۽ احتجاج ۾ شريڪ ٿي پنهنجن جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ نعرا به هڻندا رهيا، احتجاجي ڌرڻي ۾ آل سنڌ پ ٽ الف جو اڳوڻو مرڪزي صدر انتظار ڇلگري، موجودهه صدر غلام رسول مهر، شڪور شارنگ، غلام اڪبر خواجه ۽ ٻيا شامل هيا. جڏهن ته پ ٽ الف جو سابق مرڪزي صدر سائين حاجي شفيع محمد سٺيو، سڪندر علي جتوئي، عبدالجبار کوسو، عارف قريشي ۽ ٻيا پنهنجين پنهنجين ذميوارين سان گڏ تاريخي احتجاجي ڌرڻي ۾ مصروف عمل نظر آيا، اهڙي ماحول ۾ جڏهن ڪراچي پريس ڪلب ۽ هر طرف استاد ئي استاد نظر آيا ته اندازو ڪيو جنهن لاءِ سنڌ حڪومت وڏي تعداد ۾ پوليس، ڪمانڊوز، رينجرس، وڏي تعداد ۾ شيل، واٽر ڪينن، ايس ايس پيز ۽ ڊي سي وغيرهه يعني مڪمل تياريءَ ۾ حڪومت سنڌ پنهنجا بندوبست ڪري آئي هئي ته اڄ سنڌ جي ايڏي وڏي تعداد کي هٿين خالي موٽائڻو آهي ته انهي وقت پ ٽ الف جي مرڪزي قيادت سابق مرڪزي صدر انتظار ڇلگري، موجودهه صدر غلام رسول مهر، جنرل سيڪريٽري غازي خان جمالي، ماليات سيڪريٽري شڪور شارنگ ۽ ٻين کي پنهنجي تنظيمي هلچل تحت پنهنجي وسيع تر حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ها ۽ سڄيءَ سنڌ مان گهرايل هزارين استادن جي جائز مطالبن لاءِ اڳتي وڌڻ کپي ها ۽ پ ٽ الف قيادت کي پنهنجن استادن سان ڪيل واعدي موجب وزير اعليٰ هائوس سامهون هر صورت ۾ جائز مطالبن جي نوٽيفڪيشن نڪرڻ تائين احتجاج ڪرڻ گهرجي ها. جنهن تي احتجاجي ڌرڻي ۾ شريڪ استاد برادريءَ جي اڪثر استادن جو چوڻ هيو ته پ ٽ الف جي قيادت حڪمت عملي کان خالي سوچ رکندڙ آهي يا وري سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه، سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري جي مذاڪرات ڪميٽيءَ ۾ ايڏي آفرون ٿيون جو شدت گرميءَ ۾ هزارين استادن جي پري پري کان ڪهي آيل قافلن جي پ ٽ الف قيادت کي ڪا اهميت نظر نه آئي، چمڪ دمڪ جي دنيا ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ استادن جي جذبات سان ڪير کيڏيو آهي انهيءَ کي باشعور استاد طبقو بهتر سمجهي سگهي ٿو، پ ٽ الف جي سابق مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو جي نالي تي سرمد چانگ سوشل ميڊيا تي پوسٽ هلائي آهي ته حاجي شفيع مون کي بطور نمائندو ڳالهين لاء موڪليو، جڏهن ته حاجي شفيع بار بار واضح ڪري چڪو آهي ته اسان پ ٽ الف جي خاطر استادن جي حقن خاطر غلام رسول مهر پاران هلايل تحريڪ جي غير مشروط حمايت ڪئي آهي نوجوانن جي ڪميٽي ڳالهين ۾ اڳ ۾ ئي موجود هئي اهڙي عمل ۾ حاجي شفيع جي نالي کي استعمال ڪري سياست ڪرڻ انتهائي غلط عمل آهي حاجي شفيع بطور نمائندو حڪومت سان ڳالهين لاء نه ڪنهن کي نامزد ڪيو نه ئي ڪنهن کي اختيار ڏنو ته هو ڳالهيون ڪري جيڪڏهن حاجي شفيع ڳالهين لاء نمائندي طور موڪلي ته سڪندر علي جتوئي يا عبدالجبار کوسو يا ٻي ڪنهن کي موڪلي ها جيئن ته ٽيچرس ڪو آرڊينيشن ڪاميٽي جي پنهنجي ڳالهين جي ڪميٽي موجود هئي جنهن جي پ ٽ الف قيادت سان ڳالهيون ٿيون اتي هنن هڪ معاهدي تحت 2 ممبر ڳالهين لاء ڏنا ان ۾ حاجي شفيع يا سندس سٿ جي ڪا به مرضي يا منشا شامل نه هئي هنن پنهنجو موقف پاڻ رکيو هاڻي جيڪڏهن ڪو دعويدار ٿئي ته آئون حاجي شفيع جي نمائندي طور حڪومت سان ڳالهين لاء ويو آهيان اهو نسورو ڪوڙ هوندو باقي تحريڪ ۾ ڳالهيون ٿيون ڇا مليو ڇا نه مليو اها تحريڪ هلائيندڙن جي مٿان ذميواري آهي، جيڪڏهن حڪومتي ڳالهه کي ٿوري وقت لاءِ تسليم به ڪري وٺجي ته پوءِ 9 مهينا اڳ انهن کي بار بار ياداشت ناما ڏنا ويا پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو اهي ڳالهيون عام استاد سان گڏ مرڪزي قيادت خود پاڻ چوي ٿي ته پوءِ انهن حڪومتي ڌر جي واعدي تي ڪهڙو اعتبار ڪري سگهجي ٿو؟، هاڻي ڏسجي ته جيڪڏهن واقعي حڪومت سنڌ استادن جي جائز مطالبن جي مسئلن کي حل ڪرن لڪاءِ سنجيده آهي ۽ استاد برادريءَ کي ٻين صوبن جيان اپگريڊيشن، سن ڪوٽا، تعليمي انڪريمينٽون، ڪنوئيس الائوينس مهانگائيءَ مطابق، هائوس رينٽ موجودهه ڊالر ۽ پئٽرول جي قيمتن مطابق ڏيڻ سميت ٻيا مطالبا مڃي انهن جو سنڌ بجيٽ بعد عملي طرح نوٽيفڪيشن ذريعي اعلان ڪري ٿي ته واهه واهه نه ته سڀ ڪو سمجهندو ته لولي پاپ ۾ رکندڙ ٻيا نه پر پنهنجا ئي هئا.










