دفاعي چيمپئن آسٽريليا کي انگلينڊ پاران بدترين شڪست

لنڊن(ڊيسڪ رپورٽ) ورلڊ ڪرڪٽ ڪپ جي ميزبان انگلينڊ ٻئي سيمي فائنل ۾ دفاعي چيمپئن آسٽريليا کي 8 وڪيٽن تان بدترين شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي، برمنگهم ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو کين راس نه آيو، انگلش بالرن آڏو آسٽريلوي بيٽسمين بيهي نه سگهيا، اوپنرز ڊيوڊ وارنر 9 رنز ۽ فنچ بنا کاتو کولڻ جي آئوٽ ٿي ويا، سمٿ پچ تي ڄمي بيٺو ۽ 85 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو، هينڊڪومب 4، ڪيري 46، ميڪسويل 22 رنز ۽ اسٽارڪ 29 رنز ٺاهيون. انگلينڊ جي بالر ووڪس ۽ عادل رشيد 3-3 وڪيٽون ورتيون، جوفر آرچر 2 ۽ ووڊ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. اهڙي ريت آسٽريلين ٽيم وڏين ڪوششن کانپوءِ 223 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. انگلينڊ جي اوپنرز بهترين ۽ جارحاڻي بيٽنگ ڪندي آسٽريلوي بالرن تي پريشر وڌو، جيڪو آخر تائين برقرار رهيو، جوني بئرسٽو 34 رنز ٺاهي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو، جيسن راءِ 65 بالن تي 85 رنز جي شاندار اننگز کيڏي پر بدقسمتي سان امپائر جي غلط فيصلي جو شڪار ٿي ويو، انهن کانپوءِ جو روٽ ۽ ڪپتان مورگن به جارحاڻو انداز جاري رکيو ۽ ميچ کٽي ورتي. جو روٽ 49 ۽ مورگن 41 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، انگلش ٽيم 33 هين اوور ۾ رڳو ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 224 رنز جو حدف ماڻيو ۽ اهڙي ريت دفاعي چئمپين آسٽريليا کي 8 وڪيٽن تان شڪست نصيب ٿي، آسٽريليا جي اسٽارڪ ۽ ڪُمنس هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. 8 اوورن ۾ رڳو 20 رنز ڏئي 3 وڪيٽون وٺندڙ انگلينڊ جي بالر ڪرس ووڪس کي مين آف دي ميچ ڏنو ويو. انگلينڊ ٻئي سيمي فائنل ۾ شاندار ڪاميابي سان فائنل ۾ پهچي ويو، آچر تي ورلڊڪپ 2019 جي فائنل ۾ نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيندو. فائنل ۾ پهتل ٻئي ٽيمون اڄ تائين ورلڊڪپ ناهي کٽيو. آسٽريليا پهريون دفعو سيمي فائنل ۾ هارايو آهي. انگلينڊ لاءِ انگريزي ۾ چوندا آهن ته مدر آف آل اينڊ ونر آف نن، يعني سڀني راندين جي ماءُ آهي پر کٽي هڪ به ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو