لاهور(ويب ڊيسڪ)لنڪاشائر ڪائونٽي ڪرڪيٽ ڪلب رمضان المبارڪ دوران مسلمان برادري لاءِ خصوصي تقريب منعقد ڪئي، جنهن ۾ قومي ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي کي به دعوت ڏني وئي. لنڊن شائر ڪائونٽي پاران اولڊ ٽريفورڊ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ مسلمان برادري جي لاءِ افطار ڪئي وئي، افطار کان اڳ حسن علي نوجوان ڪرڪيٽرن سان گڏ پريڪٽس سيشن ۾ شرڪت ڪئي. حسن علي پريڪٽس سيشن ۾ حصو ورتو ۽ لنڪاشائر جي ٽن ڪلبن جي نوجوان رانديگرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. حسن علي لنڪا شائر جي مسلم ڪميونٽي سان گڏجي افطار ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ادا ڪئي. ان موقعي تي حسن علي چيو ته رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ مقامي مسلمان برادري کي شامل ڪرڻ لنڪشائر جو سٺو قدم آهي، لنڪاشائر وٽ ڪرڪيٽ لاءِ تمام گهڻو ٽيلنٽ موجود آهي ۽ مستقبل جا باصلاحيت رانديگر موجود آهن.










