66 ورهين جوڪرڪيٽر 38 سالن جي عورت سان ٻئي شادي لاءِ تيار

66 ورهين جوڪرڪيٽر 38 سالن جي عورت سان ٻئي شادي لاءِ تيار

ممبئي(اسپورٽس نيوز)اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ مشهور مبصر ارون لال ايندڙ مهيني ڪولڪتا ۾ 38 ورهين جي بل ساهه نالي عورت سان شادي ڪندو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ارون لال پنهنجي پراڻي دوست ساها سان 2 مئي تي ڪولڪتا ۾ شادي ڪري رهيو آهي جنهن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.رپورٽن مطابق ارون لال ان کان اڳ رينا سان شادي ڪئي هئي پر ٻنهي رضامندي سان الڳ ٿي ويا هئا.ڀارتي ميڊيا موجب ارون ۽ 38 ورهين جي ساها (جيڪو استاد پڻ آهي) پنهنجي پهرين زال سان دوستي ڪئي ۽ پوءِ گذريل مهيني هڪ خانگي تقريب ۾ مڱڻي ڪئي جنهن کانپوءِ شادي جو فيصلو ڪيو ويو.1955ع ۾ ڄائو، ارون لال 16 ٽيسٽ ۽ 13 ون ڊي ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو