ليکڪ اي اي عباسي
پنهنجي ملڪ جي رنگيلي سياست ۾ سڀ ڪجهه جائز چوندڙ واقعي ڪڙو سچ چوندا آهن، هن ملڪ ۾ ڪنهن جي سياست جي ڪنهن کي به خبر نٿي پوي ته ڪلهه ڪنهن سان هيو ؟، اڄ ڪنهن سان آهي ۽ سڀاڻي ڪنهن سان هوندو ؟، ڇاڪاڻ ته شيخ رشيد، فواد چوڌري، فردوس عاشق اعواڻ، چوڌري برادران چوڌري شجاعت حسين، چوڌري پرويز الاهي، متحدهه قومي موومينٽ جي سياست سڀ جي سمجهه کان ٻاهر آهي اڪثر تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته انهن جي سياست اجتماعي سوچ بجاءِ پنهنجن عارضي ذاتي مفادن تائين محدود هوندي رهي آهي ۽ بدقسمتيءَ سان اهڙن سياستدانن جي اڳيان پٺيان هرهڪ حڪومت ڦرندي رهي ٿي ته جيڪر اهي جوڪر نما سياسي بت بڻيل پتلا اسان سان گڏ هجن ته اسان جو عدم اعتماد ۾ ووٽنگ ۾ نمبر گيم ۾ اسڪور مڪمل ٿي پوي نه ته پوءِ وزير اعظم ويو ته پوءِ سمجهو وڃي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت پنهنجي آخري پساهن ڏانهن سفر ڪرڻ لڳندي، خود داريءَ جون وڏيون دعوائون ڪندڙ ۽ ڪرپشن جا وڏا وڏا الزام لڳائيندڙ وزير اعظم عمران خان اسلام آباد جي جلسي کان پوءِ اڳوڻن سياستدانن تي بي انداز ڪرپشن جا الزامات لڳائيندي نه پئي ٿڪيو ته انهن سنڌ هائوس ۾ وڏي لوٽمار ڪئي آهي ۽ 25 ڪروڙ رپيا ڏيئي ماڻهو خريد ڪيا ويا آهن پر اها سياست ناهي پر بدترين دڪانداري ڪاروبار ۽ بزنس آهي، ٻئي ڏينهن تي جڏهن پي ٽي آءِ ڏٺو ته انهن جي نمبر گيم ۾ اهي اڻ پورا ۽ نامڪمل بيٺل آهن ۽انهن جون دعوائون نسورو ڪوڙ تي ٻڌل آهن ۽ اپوزيشن وارا واقعي اسڪور ۾ نمايان پوزيشن ۾ آيل آهن ته پوءِ وزير اعظم کي گهيري ننڊ ۾ سجاڳ ڪيو ويو ۽ خبردار ڪندي انهي کي آگاهه ويو ته تنهنجا ٽپڙ جلد عدم اعتماد ۾ گول ٿيڻ وارا آهن ۽ پنهنجي پوزيشن سنڀال بني گالا ۾ بوري بسترو لڳائڻ جي تياري وٺ، جنهن کان پوءِ هن ملڪ ۾ بدقسمتي سان شروع کان هلندڙ جوڙ توڙ واري سياست وزيراعظم کي رانگ نمبر ڏانهن گهلي وئي آهي ۽ هاڻي وزير اعظم عمران خان جيڪو اول کان آخر تائين بضد رهيو ته پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ڪنهن به صورت ۾ تبديل نه ٿيندو ۽ چوڌري برادران کي ڪنهن به وزيراعليٰ پنجاب نه بڻايو ويندو گڏوگڏ ئي ڇا به ٿي پوي پر ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچيءَ جيڪو ملڪ جو سڀ کن وڏو ڪاروباري حب انڊسٽريل ، بندر گاهه سميت ملڪ کي هلائيندڙ صوبي سنڌ مٿان ڪنهن به صورت ۾ متحدهه کي حاوي ناهي ڪرڻو پر يوٽرن سرڪار آخرڪار انهيءَ سياسي پيچرن تي هلندي آخر ۾ اهڙا فيصلا ڪرڻ پئي وڃي جنهن سان انهي جي حڪومت ته نه بچندي پر ويتر خوار ۽ خراب ٿي رهي آهي ڇاڪاڻ ته ق ليگ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پي ٽي آءِ جي ئي وفاقي وزير طارق بشير چيمه پنهنجي وفاقي وزارت واري عهدي تان استعيفا ڏيندي اها ڳالهه واضع ۽ چٽي ڪري ڇڏي ته مان بي اعتمادي رٿ ۾ وزير اعظم عمران خان خلاف ووٽ ڪندس، اهڙي طرح انهي ئي ڏهاڙي تي وزير اعظم عمران خان جي خصوصي صلاحڪار شاهه زين بگٽي به پنهنجي صلاحڪاري واري عهدي تان استعيفا ڏيندي چيو ته عمران خان پنهنجو ڪو به واعدو پورو نه ڪيو آهي ۽ بلوچستان جي مسئلن تي ڪن لاٽار ڪيون ويٺو آهي، تنهن ڪري اسان اپوزيشن سان گڏجي انهي خلاف عدم اعتماد جو ووٽ ڪنداسين.، پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت هاڻي سمجهي وئي آهي ته گهر ۾ لڳل ڌاڙي ۾ پنهنجا انهي ڪري ڦيري ويا اٿس جو انهي هڪ ته ملڪ ۾ عروج تي پهتل مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيو ۽ ڪرپشن جي راڪاس کي بند نه ڪري سگهيو ويتر وڌڻ لڳي، جنهن ڪري عام ماڻهو عوام جو رت چوسجڻ لڳو آهي، وزيراعظم جي بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان حالتون انتهائي گنڀر ترين ٿينديون پيون وڃن ۽ پي ٽي آءِ پنهنجي حڪومت کي بچائڻ لاءِ ڪهڙا به حربا استعمال ڪري پر هاڻي رڳو اپوزيشن جون ن ليگ، پ پ يا مولانا وارن جي مذهبي ۽ سياسي جماعتون نه پر خود عوام به هن عدم اعتماد واري تحريڪ ۾ ڄڻ ته شامل حال ٿي ويو آهي، پوري ملڪ جون نظرون هن وقت اسلام باد جي جوڙ توڙ واري سياسي ڦيري ڏانهن متوجهه آهن، ڪڏهن به، ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ڪن تجزيه نگارن جو اهو به چوڻ آهي ته متان ملڪ ۾ غير جمهوري ماحول ۽ سوچ وارا چڙهي پون ۽ لوٽمار ڪندڙ سڀني مافيائون سازشي عناصرن کي هڪ ئي روٽ تي ڪجههن وقت لاءِ هلائين ۽ سياسي رانديگرن کي ڪجهه وقت لاءِ ريسٽ آرام ڪرائڻ لاءِ وقفو ڏين. ملڪ ۾ سياسي ماحول جيڪو بڻايو ويو آهي انهي جي سموري ذميواري انهي تي عائد ٿئي ٿي جيڪو چڱو مڙس زوريءَ زبردستيءَ بڻائي ملڪ جو هيءُ حال ڪيو ويو آهي، ملڪي تاريخ ۾ وڏا وڏا آڙي ڪاپ آمر، ڊڪٽيٽر، غير جمهوري حربا آڻيندڙ ڪٽ پتليون آيون پر اهڙي تادي ڪڏهن به ملڪ سان ائين نه ٿي آهي جهڙي هاڻي پئي ٿئي جو ملڪ جو وزير اعظم ايڏي اهم ترين عهدي وارو ماڻهو اهڙا غير ذميدارانه ان مئچوئر بيان ڏيئي ملڪي ساک متاثر پيو ڪري، جنهن پنهنجي حڪومتي تقريبن پوڻا چار سال عرصي دوران ڪنهن به واعدي تي پورو نه لهڻ سبب پراوا ته پراوا پر انهي جا پنهنجا به بيزار ۽ تنگ ٿي ويا اٿس جو اهي بنا خوف خطر دليرانه انداز ۾ چئي رهيا آهن ته اسان عدم اعتماد ۾ وزير اعظم عمران خان خلاف ووٽ ڪنداسين اسان کي ڪنهن به لوڀ، لالچ ۽ ڌڙڪي دهمان ذريعي خاموش نٿو ڪري سگهجي. اسان جا حوصلا هماليه کان بلند آهن ۽ ڪنهن به لوڀ لالچ ۾ نٿا اچي سگهون ۽ عدم اعتماد جي تحريڪ يقينن “ گرتي هوئي ديوار ڪو ايڪ ڌڪا اور دو ” عوام کي انهي سان ڪو به سرو ڪار ناهي ته ڪير اچي ٿو ڪير وڃي ٿو عوام کي سستي بجلي، گيس، روزمرهه جي استعمال ۾ ايندڙ شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي گهرجي ۽ سنڌ جي عوام کي شديد ترين گرمين ۾ لوڊشيڊنگ جي عذاب مان نجات ڏياري وڃي ۽ جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت متحدهه کي سنڌ جا اختيار ڏيئي سنڌ جي معاشي تباهي ڪئي ته پوءِ تاريخ ۾ انهي جو سياهه لفظن ۾ ذڪر ڪيو ويندو.










