ليکڪ اي اي عباسي
پاڪستان جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ ريڊ زون وارا علائقا ايوان صدر، پرائم منسٽر هائوس، سپريم ڪورٽ آف پڪستان جي بلڊنگ،پارليامينٽ هائوس ، چئني صوبن جي وزيرن جي رهائشي جڳهه سان گڏ ئي منسٽر ڪالوني، پي ٽي وي نشرياتي اداري جي اهم بلڊنگ، ريڊيو پاڪستان جي هيڊ ڪوارٽر بلڊنگ، بلوچستان هائوس، ڪي پي ڪي هائوس، پنجاب هائوس ۽ سنڌ هائوس سميت ٻيون اهي اهم جڳهيون آهن جتي سيڪيورٽيءَ جا سخت ترين انتظامات هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ملڪي ادارن جا اهم ترين ۽ مکيه هائوسز، بلڊنگس، دفتر آفيسون انهيءَ ايريا ۾ موجود آهن، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته ڪو پکي بغير سڪيورٽي انتظاميه جي اجازت جي پر به نٿو هڻي سگهي، اتي هيءُ پاڪستان تحريڪ انصاف جا بدنا لوٽا ، ڏنڊا، لٺيون ، غير مهذب پڻي جي غير مناسب ۽ غير آئيني غير قانوني تاريخ ڪيئن ورجائي وئي ؟، پي ٽي آءِ سرڪار جي دعويٰ رهي آهي ته اسان ساڍا ٽي سال حڪومتي دور ۾ بهترين ۽ لاجواب ڪم ڪرايا آهن جنهن جو ڪو به مثال نٿو ملي سگهي، جيڪڏهن واقعي موجودهه تبديلي سرڪار پنهنجي دعويٰ مطابق بهترين ۽ مثالي ڪم ڪرايا آهن ته پوءِ انهن کي آئين جي پوائنٽ 94 ۽ 54 کان ڪنهن به طرح خوفزدهه نه ٿيڻ گهرجي ۽ هيءُ جيڪي سنڌ هائوس تي هلان حملي آور لوٽن جي ريهرسل ڪرائي وئي آهي اها پي ٽي آءِ جي پراڻي ڊرامي جي هڪ سين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته انهن پهريان به 126 ڏينهن پارليامينٽ هائوس جي سامهون اتي ڊرامي بازي ڪندي پاڪستان ٽيليويزن ملڪ جي اعليٰ نشرياتي اداري تي حملو ڪري پنهنجي غير مهذب هجڻ جو کليل ثبوت ڏنو هيو، هاڻي سوال هيءُ آهي ته آخر ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا تبديلي سرڪار کي اپوزيشن جي عدم اعتماد جي ووٽنگ کان وائڙائپ جو شڪار ڪري ننگو ڪري وڌو آهي، لازمي طرح آهي هيءَ حڪومت عوام کي سڪون، اطمينان، سهولتون ڏيڻ بجاءِ ويتر مسئلن جا انبار کڙا ڪيا ويا آهن ۽ عوام شديد مشڪلاتن، تڪليفن، مصيبتن، اهنجن ۾ مبتلا مهانگائيءَ جي راڪاس ۽ ڪرپشن جي عروج سبب پهچي چڪو آهي ڪا به تبديلي نه آئي سواءِ ماڻهن جي شديد وڌندڙ پريشانين جي واڌ کانسواءِ ڪجهه به نه ٿي سگهيو آهي، اهڙي ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن حڪومت نه آئي جيڪا قهر جي بي حسي جو مظاهرو ڪندي، بيروزگارن لاءِ نوڪرين جا دروازا بند، غريب ماڻهن لاءِ ٽيڪسن مٿان ٽيڪس لڳائڻ ، سستائپ ڪرڻ بجاءِ روزمرهه جي استعمال وارين شين تي ايتري ٽيڪس لڳائي وي آهي جو روزانو سنڌ ۾ خاص ڪري شين جا اگهه قيمتون چوٽ چڙهيل آهن، اٽو، گيهه، تيل، داليون ، سبزيون، گوشت، مرغي، گاڏين ۾ چڙهڻ وقت سوارين جا ڪرايا ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ جو پڙاڏو ڏين ٿا، غريب ماڻهو مفلسي تنگدستي ۽ افلاس جي ويتر ور چڙهي ويا آهن، هن الوٽ رانديگر کي الائي ڪنهن ڪرڪٽ ۾ ڪپتان ڪري بيهاريو هيو جيڪڏهن هن کي ڪنهن ڪپتان ڪيو هيو ته انهي ٽيم جا ٻيا رانديگر مري ويا يا کپي ويا جن اهي رڙيون واويلا به نه ڪيون ته هيءُ ملڪ جو اهم ترين عهدو وزير اعظم شپ جي لائق ناهي بلڪ هيءُ ڪنهن آفيس ۾ ننڍڙي پوسٽ ڪلارڪ جي لائق به ناهي ڇاڪاڻ ته هن کي ڪاغذ ترتيب ڏيڻ به نه ايندا ۽ هي اهي ڪاغذ سنڀالي به نه سگهندو، مار پوي انهن سياهه بتن کي جن هن بد روح کي معتبر ڪري ملڪ جي اهم ترين عهدي تي تاڦي ويهاريو ويو آهي، عدم اعتماد جي آواز بعد هيءُ هاڻي بتال ٿي ڪري وڏا جلسي ڪري پاڻ کي وڏو ليڊر سڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته ليڊرشپ لاءِ ضروري آهي ته هو عوام جي سک سهولتن لاءِ پهريان پهريان قدم کڻي، جيئن ملڪ ۾ وڏي ۾ وڏو بحران هن وقت بجلي ۽ گيس جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ جو آهي انهي جي خاتمي لاءِ هن تبديلي حڪومت ساڍن ٽن سالن ۾ ڪهڙا عملي اپاءَ ورتا آهن ؟، سنڌ ۾ گيس ۽ بجلي جي شديد لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي عوام کي ڪي به بنيادي ضرورتون ميسر ناهن، بک ۽ بيروزگاري سبب نوجوان بدقسمتي سان خود ڪشيون ڪري رهيا آهن ، ملڪ ۾ جيڪا ڳاٽي ٽوڙ هٿرادو مهانگائي ڪئي وئي آهي انهي تي ڪو به ڪنٽرول ناهي جيڪو عمرهه شريف 80 يا 90 هزار رپيا ۾ ٿيندو هيو اهو هاڻي تبديلي سرڪار جي نحوست سبب اڍائي لک رپيا ٿي ويو آهي، جتي گوشت ساڍا ٽي سئو يا چار سئو ڪلو هيو اتي هاڻي 600 رپيا ڪلو ڪيو ويو آهي، مرغي جيڪا ٻه يا وڌ ۾ وڌ اڍائي س.و ڪلو هئي اها هاڻي ساڍا چار سئو ڪلو ورتي وئي آهي، مهانگائي پنهنجي جاءِ تي ايتري وڌي آهي جنهن جو ملڪي تاريخ ۾ ڪو به مثال نٿو ملي سگهي، عدم اعتماد اپوزيشن جو آئيني ۽ قانوني حق آهي ، جيڪڏهن اهڙين حالتن ۾ سلطان راهي اسٽائيل هڻندڙ وزيراعظم جيڪو منهنجي خلاف ووٽ ڪندو ته مان انهي کي ائين ڪندس جون ڌمڪيون ڏيندڙ حقيقت ۾ پنهنجي اقتدار کسجڻ تي وائڙو ٿي ڪري هنڀوڇي هڻي رهيو آهي، عوام جڏهن ڏٺو ته هيءُ ملڪ جو خير خواهه ناهي بلڪ هيءُ پنهنجي حوس پرستي ۾ مست بڻجي عوام جو رت چوسڻ جي پريڪٽيس ڪري ويتر معاشي ملڪي بحران آڻي رهيو آهي ۽ قرض مٿان قرض ملڪ ڏي ڏيوالپڻ ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي انهي لاءِ هاڻي هن لولي لنگڙي حڪومت جي خاتمي لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نعري “ گرتي هوئي ديوار ڪو ايڪ ڌڪا اور دو ” تحت مثالي ۽ تاريخ ساز موجودهه حڪومت خلاف تحريڪ ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته انهن مستي ۾ جيڪا سنڌ هائوس مٿان هلان ڪئي وئي آهي انهي جو انهن کي جواب ملڻ گهرجي. تنهن لاءِ اپوزيشن پنهنجي اتحاد ذريعي غير مهذب پڻي جي روايتن جي مالڪ لولي لنگڙي ۽ ٺلهي بي سرو سامان خوفزده ۽ وائڙائپ جو شڪار حڪومت کي الوداع ڪرڻ لاءِ ٻيو ته ٺهيو پر خود چوڌري برادران به موڪلائي ڇڏيو آهي باقي هڪ اڌ فواد، شيدا ٽلي جي آسري هيءَ حڪومت ڄڻ ته پاڻ ئي موڪلائي چڪي آهي جنهن لاءِ هاڻي صرف عدم اعتماد جي اظهار راءِ جو باقي انتظار آهي، پي ٽي آءِ جا خود قسم جا 24 ايم اين اي پاڻ کي نجات ڏياريندي اعليٰ انسانيت جي ظرف جو مظاهرو ڪري جهڙي طرح ميدان ملهائڻ لاءِ ااڳتي آيا آهن اهڙي طرح ئي هاڻي جيڪا به حڪومت يا پارٽي عوام دشمن ڪم ڪري انهيءَ کي ائين ننگو ڪري بيزاريءَ جو مظاهرو ڪيو وڃي ته جيئن ايندڙ حڪومت عوام جي رت چوسيندڙ نه بلڪ عوام دوست ۽ مخلص قيادت حڪومت سامهون اچي سگهي، ڪنهن به اهڙي لوڀ لالچ واري حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان بهتر آهي ته هڪ خود دار عوام دوست قيادت سان ٻانهن ٻيلي ٿي ڪري مهانگائي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن ته اها پوري 22 ڪروڙ عوام جي سوڀ ۽ ڪاميابي ليکي ويندي.










