معاشي ڏيوالپڻو،سياسي عدم استحڪام ۽ مفادن جي ويڙهه

تحرير ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

ملڪ اندر جڏهن کان تبديلي سرڪار اقتدار ۾ آئي آهي، تنهن وقت کان ملڪي معيشت کي مستحڪم بنائڻ لاءِ ڪيتريون ئي دعوائون ٿينديون رهيون آهن، پر سواءِ زباني ڪلامي بيانن جي اهي اڄ تائين حقيقت جو روپ ڌاري ناهن سگهيون، اڄ به حڪمران چون ٿا ته پاڪستاني معيشت لاءِ سٺا ڏهاڙا اچڻ وارا آهن ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي ايندي، ساڳئي وقت اهو به چيو ٿو وڃي ته هيءَ پهرين حڪومت آهي، جيڪا مختلف مافيائن سان مهاڏو اٽڪائي رهي آهي، سٽي بازن، قبضاگيرن ۽ شگر مافيائن غريب عوام جي کيسن تي ڌاڙا هنيا، انهن جي معاشي طور ڪنگال بنائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، انهن جو گهيرو تنگ ڪرڻ جي حوالي سان به وڏيون دعوائون ٻُڌڻ لاءِ ملن ٿيون، پر حقيقت اها آهي ته اڄ تائين عوام کي ڪو رليف نه ملي سگهيو آهي، خبر ناهي ته حڪمرانن جي ڪهڙي نيت آهي!؟ آخر اهي ڪرڻ ڇا ٿا چاهين؟ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٽئين خطرناڪ لهر شدت اختيار ڪري چڪي آهي، ايندڙ ڏينهن ۾روزانو موت جي شرح ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي وئي آهي، صورتحال لاڪ ڊائون طرف ويندي ڏسجي پئي، اڳ ان عالمي وبا جي ڪري ملڪ ۾ جيڪا تباهي ٿي، لکين ماڻهو بي روزگار ٿي ويا، ڪيئي صنعتون بند ٿي ويون، ڪاروبار کي تمام گهڻو نقصان پهتو، ملڪ ۾ اڳ ئي غربت ۽ مفلسي ماڻهن جو ساهه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي، ويتر ان ۾ انتها درجي تائين اضافو ٿي ويو، رڳو ايترو ئي نه پر ملڪ تي قرضن جو بي پناهه اضافو ٿيڻ سميت سياسي طور تي عدم استحڪام معيشت کي ڏيوالپڻي تائين پهچايو آهي، جنهن ڪري هن وقت جتي ڪورونا وائرس جي ڪري معاشي سرگرميون تمام گهڻي حد تائين خراب ٿيڻ جا خدشا اظهاريا پيا وڃن ته ساڳئي وقت مستقبل جي معمارن جي تعليم به متاثر ٿي چڪي آهي، جيڪا اسڪول بند ٿيڻ سان اڃا وڌيڪ متاثر ٿيندي. ملڪ هن خوفناڪ ۽ ڀيانڪ مرحلي تي اچي بيٺو آهي پر افسوس ته نه حڪومت کي ڪو اونو آهي ۽ نه ئي مخالف ڌر جون جماعتون ڪو فڪر محسوس ڪن ٿيون، باقي هر معاملي کي سياست جي ور چاڙهي ڇڏڻ ته اسان وٽ هڪ روايت پيل آهي، ڪنهن هڪ حقيقي ۽ عوامي اشو کي حل ڪرڻ بجاءِ ان کي سياسي بنائڻ ته ڪو اسان جي سياستدان کان سکي، ان جو دنيا جي ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ اهڙو ڪو مثال نه ملندو، جهڙي طرح هتي اصل مسئلي کي حل ڪرڻ بجاءِ سياست ڪئي ٿي وڃي.ملڪ ۾ جڏهن به غير يقيني ۽ سياسي عدم استحڪام جي صورتحال پيدا ٿي آهي، ان سان عام ماڻهن جي زندگي ۽ معيشت سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي، ان ڪري جڏهن به اسان وٽ ڪا نئين حڪومت اقتدار ۾ ايندي آهي ته ان لاءِ پهريون خطرناڪ چئلينج معيشت کي سنڀالڻ وارو مرحلو هوندو آهي، جيڪڏهن ان ۾ اها ڪامياب وئي ته حڪومت گڊ گورننس سڏائڻ جي لائق سمجهي ويندي آهي ٻي صورت ۾ ان تي نالائقي، نااهلي ۽ اڻ تجربيڪار هجڻ جا اسٽيمپ لڳڻ شروع ٿي ويندا آهن، جهڙي طرح هن وقت مخالف ڌر وٽان اهي آواز اچن پيا ته موجوده حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو بلڪه ملڪ ۽ ان جي معيشت کي عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي، نتيجي ۾ نه صرف ملڪ جا قومي ادارا خانگايا پيا وڃن، انهن مان وڏي تعداد ۾ ملازمن جو برطرفيون ڪرڻ جا فيصلا ٿي رهيا آهن ته ساڳئي وقت بجلي، گئس ۽ پيٽروليم مصنوعات جي اگهن کي آسمان تائين پڄايو ويو آهي، نتيجي ۾ عام ماڻهو کاڌي خوراڪ سميت عام واهپي جي شين جي خريداري جي سگهه کان به وانجهيل ٿو ڏسجي. حڪمران کي ڪا ڳڻتي ناهي ته عوام مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جي چڪيءَ ۾ ڪهڙي طرح پيسجي چڪو آهي، هر آئي ڏينهن آءِ ايم ايف جا سخت کان سخت شرط مڃيندي عام ماڻهن تي ايترو ته بار وڌايو ويو آهي جو هو هاڻ وڌيڪ معاشي بار کڻڻ جي سگهه به نٿو رکي. معاشي سڌارن جي نالي تي حڪومت جي غير مقبول فيصلن ۽ کنيل اڻوڻندڙ قدمن عوام جي موجوده حڪومت سان لاڳاپيل اميدن تي پاڻي هاري ڇڏيو، خاص ڪري حڪمرانن جيڪي نوان ٽئڪس آڻي عوام تي معاشي بار وڌايو، ان ته ماڻهن جي چيلهه ئي ڀڃي ڇڏي، غريب ۽ وچولو طبقو، جيڪو پهرين ئي مشڪلاتن ۾ گهيريل هو، ويتر اهو تڙپي رهيو آهي، هاڻ ته عوام اهو آسرو به لاهي ڇڏيو آهي ته موجوده حڪومت مان ان کي ڪو رليف ملندو ۽ سندن معاشي زندگي بحال ٿيندي!ملڪ جي مجموعي صورتحال جو جائزو وٺڻ سان منهنجي مشاهدي ۾ آيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي سنجيدگي جو نه هجڻ، سياسي قيادت جي کوٽ، حڪومت طرفان مسلسل غلط فيصلن، غلط ترجيحن ۽ غيرمناسب پاليسين ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي، جيڪو هاڻ تارڻ ايترو سولو ناهي جو تازو وفاقي ڪابينا جي سطح تي وفاقي وزير حماد اظهر جي سربراهي ۾ جوڙيل نئين معاشي ٽيم ڪا بهتري آڻي سگهندي، پر حقيقت اها آهي ته ان تبديلي جي پٺيان به سياسي معاملا گردش ڪري رهيا آهن، جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو ته اسان وٽ اها روايت آهي ته هتي عوام جي حقيقي اشوز کي سياسي بنائي پاڻي ولوڙيو ويندو آهي، تهڙي ريت وفاقي ڪابينا ۾ ناڻي وزير جي تبديلي جا اصل ڪارڻ سياسي مفاد ۽ اهي ناڪاميون آهن، جن جي ڪري حڪومت کي اهڙو اسٽينڊ وٺڻو پيو. بهرحال، آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪري حڪومت پاڻ کي ان جي اڳيان سرخرو ته ڪري ڏيکاريو آهي پر سوال اهو آهي ته عوام تي جيڪو ظلم ۽ ستم ڪيو ويو آهي، ان ماڻهن کي جمهوري نظام تان به دل کڻائي ورتو آهي. حقيقت ۾ ملڪي سياست ۾ جنهن تيزي سان صورتحال مٽجي وڃي ٿي، ان جو دنيا ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي، پر ملڪ اندر هر روز ان جا نوان مثال ملڻ معمول بڻيل آهي، جيئن حڪومت خلاف مختلف جماعتن تي ٻڌل اتحاد پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ڪجهه وقت اڳي ته سرگرميون عروج تي هيون پر بعد ۾ جڏهن مفادن جي ڳالهه آئي ته مک جماعتون جيڪي ان اتحاد کي ليڊ ڪري رهيون هيون، سي هڪ ٻئي کان پاسيريون ٿيندي نظر آيون، تلخ ۽ شڪايتن ڀريا بيان ٻڌائين ٿا ته اسان وٽ اتحاد، تنظيم ۽ ايمان جي کوٽ آهي، قائد اعظم درست فرمايو هو ته جيستائين انهن ٽنهي شين تي عمل پيرا نه ٿبو، ملڪ نه معاشي طور مضبوط ۽ مستحڪم ٿي سگهندو ۽ نه ئي سياسي عدم استحڪام کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهندو، نتيجي ۾ ترقي ۽ خوشحالي وارو خواب هتي جي عوام لاءِ خواب ئي رهندو. تنهن ڪري خدارا هاڻ گهڻو ٿيو، حڪمران ۽ مخالف ڌر وارا ملڪ ۽ عوام کي پنهنجي انتشار، نفاق ۽ بي يقيني سبب پيدا ٿيل مشڪل صورتحال کي وڌيڪ ڀوڳڻ کان بچائين. ملڪ کي ٺهندي ستن ڏهاڪن کان به وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، جيڪي ملڪ اسان کان به اڳ ۾ دنيا جي نقشي تي وجود ۾ آيا هئا، سي ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون به طئي ڪري ويا آهن، جتي عوام خوشحالي ۽ خوشين ڀري زندگي گذاري رهيو آهي پر افسوس ته اسان وٽ صورتحال ان جي ابتڙ آهي، اهو سڀ ڪجهه صرف ۽ صرف ملڪ ۾ بي اعتمادي، انتشار ۽ نفاق جي ڪري ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن اڳتي به اهو سلسلو جاري رهيو آهي ته خدا نه ڪري پاڪستان مفادن جي جنگ ۾ گهيريل وچ اوڀر جهڙن ملڪن جهڙين حالتن ۾ گهيرجي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو