اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) عدالت سينيٽ چيئرمين جي چونڊ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سينيٽ چيئرمين جي چونڊ خلاف يوسف رضا گيلاني جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. وڪيل چيو ته صدر سينيٽر مظفر حسين شاهه کي اليڪشن ۾ پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته چيئرمين سينيٽ جي چونڊ ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڪابه شموليت ناهي؟ جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ چيو ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ اليڪشن ڪميشن جو ڪوبه ڪردار نه آهي.چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته پارليامينٽ جي اندروني ڪارروائي جي استحقاق جو آئين آرٽيڪل 69 مان ڪيئن نڪرندو. پارليامينٽ جي اندروني ڪارروائي عدالت ۾ چيلنج ڪري سگهجي ٿي.؟ فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته جيڪڏهن طريقيڪار ۾ ڪا بي ضابطگي هجي ته اها عدالت ۾ چيلنج نٿي ڪري سگهجي.رولز ۾ بيلٽ پيپر يا ووٽ بابت ڪجهه ناهي. رولز ان حوالي سان خاموش آهن. سيڪريٽري سينيٽ هدايت ڏني ته خاني جي اندر ڪٿي به مهر لڳائي سگهجي ٿي. هن چيو ته شيري رحمان سعيد غني ۽ مون حلفيه بيان عدالت ۾ ڏنو آهي ته سيڪريٽري سينيٽ خاني جي اندر ڪٿي به مهر لڳائڻ جو چيو هو ۽ سيڪريٽري سينيٽ جي چوڻ کان پوءِ اسان پنهنجي سينيٽرز کي ڪٿي به مهر لڳائڻ جو چيو.










