رات جي راند ۽ حڪومتي رٽ

تحرير ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

اُتر سنڌ جي ضلعن گهوٽڪي جيڪب آباد شڪارپور سميت مڙني علائقن ۾ جيتوڻيڪ اِها ڳالهه ته عام طور تي چَئي ويندي آهي ته اُتي قبائلي جهيڙن سبب اُتان جي ڌرين توڙي جو عام رهواسين جو هر وقت ساهه مُٺ ۾ رهي ٿو، حقيقي طور ته اِها ڳالهه ڏاڍي صاف ۽ چِٽي آهي ته جڏهن مختلف برادرين جي ڌرين جا 4 کان 6 خون هڪ ئي جاءِ تي ڪيا وڃن ٿا ته ضرور اُها گهڙي به ڏکائتي هوندي، هر انسان پنهنجي دل ۾ درد ته رکي ٿو پر گڏوگڏ انهن مڙني ضلعن جي ماڻهن ۾ هڪ اِحساس، ڀائيچارو ۽ سماجي محبتون به ڪنهن تعاون جون محتاج نه هونديون آهن. سنڌ جي انهن ضلعن سميت اتر جي ٻين علائقن ۾ جتي جهيڙا ٿيڻ کانپوءِ اُتان جي نيڪ مردن ۽ چڱن مڙسن جيڪي مختلف برادرين سان تعلق رکن ٿا، سي نه رڳو جهيڙي جي نقصان ٿيڻ کانپوءِ ڌرين وٽ ٺاهه لاءِ وڃڻ ۾ ڪا ڪسر نٿا ڇڏين پر انهي جهيڙي دوران ئي پنهنجو سر تري تي رکي مداخلت به ڪن ٿا ته جيئن ٿيندڙ جهيڙن ۾ وڌيڪ نقصان نه ٿي سگهي. انهن ضلعن سميت ٻين مڙني علائقن ۾ قبائلي جهيڙا ته يقينن ٿيندا پيا اچن، گڏوگڏ انهي بدبودار فسادي وبا کي ختم ڪرڻ لاءِ جتي اڄ سوڌو مختلف سياسي، سماجي ۽ مذهبي پارٽيون پنهنجي ذاتي خرچن تي ڪوششون ڪن ٿيون پر اِهڙي وبا کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ارڏي پُٽن بشير خان قريشي ۽ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو به پنهنجو قرض لاهي ويا، جن سنڌ جي ثپوتن مختلف علائقن ۾ جتي جتي اهڙي ناسور وبا پکڙجي وئي آهي ته اُتي گهر گهر وڃي هنن امن جو پيغام ڏنو پر وقت جي رفتار سان جتي جکراڻي- ڀيا، چاچڙ- سبزوئي جهڙا خوني جهيڙا ته ٺاپر ۾ اچي ويا پر اڄ ته خبر ئي نه ٿي پوي ته ٽڪي، ٽڪي جي ڳالهين تان پنج پنج ڳڀرو جوان گولين جو کاڄ بڻجي رهيا آهن، مڃون ٿا ته گهوٽڪي اندر جڏهن شائشته عالماڻي بلخ شير مهر نالي نوجوان سان شادي ڪئي جيڪا مائٽن جي رضامندي نه هئي تنهن خلاف اگر ڪو جهيڙو ڀڙڪي اٿيو هو ته ان وقت به اهو تمام وڏو اشو پيدا ٿيو هو. مون شروعاتي سٽن ۾ قبائلي جهيڙن جو ذڪر ڪيو آهي پر قبائلي جهيڙن کان وڌيڪ اڄ ڪالهه جيڪي جهيڙا، تڪرار، نفرتون ٿي رهيون آهن انهن کي هرگز قبائلي جهيڙن جو نالو نٿو ڏئي سگهجي. تازو شڪارپور ضلعي جي مدئجي ڀرسان امروٽ شريف ويجهو جيڪا هڪ تاريخي درگاهه ساڻن گڏوگڏ درسگاهه به آهي جنهن تي روشني وجهبي ته پوري ڪالم جو موضوع ئي تبديل ٿي ويندو. بهرحال، انهي علائقي ۾ سالن کان آباد رهندڙ جوڻيجا ۽ دل برادري جن بابت ماضي ۾ ته ڪڏهن اهڙو جهيڙو ڪونه ڪيو ويو آهي جيڪو تازو هنياءُ ڏاريندڙ واقعو پيش آيو آهي، حيرت آهي ته ڇا 5 هزار جو موبائل فون ۽ ان تان 5 ماڻهن جا خون ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ڪيا ويا آهن، جن ۾ عورتون به لپيٽ ۾ آيون آهن. غيرت انسان جي زندگي جي مک فطري عمل آهي پر ان جي نالي تي قتل ٿين، قبائلي جهيڙا وڌندا وڃن ته اها غيرت نه پر جنونيت چئبي، ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته هي آخر ڪهڙا جذبات ۽ غيرت جا نالا آهن جو ننڍين ننڍين ڳالهين کان هڪڙي علائقي ۾ رهي پنهنجو پاڻ کي عذاب جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو پيو وڃي، اسان جا سٻاجهڙا ماڻهو شايد اهوئي سمجهن ٿا ته اهڙن ڪڌن عملن کانپوءِ شايد ماڻهو اسان کي سٺي نظر سان ڏسندا هوندا يا اِن لاءِ ڪا تعريف جوڳي زبان استعمال ٿيندي هوندي پر ائين هرگز ڪونه آهي. بلڪه اهڙن عملن پٺيان تمام شرمناڪ سوال ڪيا وڃن ٿا ته آخر هي ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي 5 هزارن جي موبائل فون تان 5 خون ڪري ٿا ڇڏين، آهي ڪو انهن کي سمجهائڻ وارو، حالانڪه آئون هتي هڪ ٻي ڳالهه جي وضاحت به ضروري ٿو سمجهان ته انهن مڙني علائقن جي ماڻهن ۾ جتي ٻيون کوڙ ساريون خوبيون ۽ خاميون آهن پر گڏوگڏ مدئجي جا اڪثر ماڻهو ديني ۽ دنيوي تعليم سان به مالا مال آهن، پر هن واقعي کانپوءِ جيڪا باهه ڀڙڪي اُٿي ۽ ٽڪي جي ڳالهه پٺيان جڏهن 5 لاش کنيا ويا، جن ۾ 3 نوجوان جوڻيجا ۽ ٻه نوجوان دل برادري سان تعلق رکن ٿا، سي پنهنجا عزيز قريب ته کٽائي ويا پر 5 هزار جي موبائل فون جي تڪرار بعد جيڪا ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ڪئي وئي، سان انتهائي افسوسناڪ آهي. چيو پيو وڃي ته واقعي کان گهڻي دير بعد پوليس پهتي، تيستائين ملوث جوابدار به فرار ٿي چُڪا هئا، پوءِ صاحب وڏا پوليس اٽالا وٺي سرزمين تي پهچي ٿو، سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”نانگ ويو نڪري هاڻي پٽي کي پيا پٽيون“ جهيڙيندڙ اُهي ماڻهو ته ڪارروائي ڪري فرار ٿي چُڪا هئا پوءِ پوليس جو هونئن روايتي ڪارنامو اهوئي هوندو آهي ته گهرن ۾ داخل ٿي ڏاڍي ڀڃڊاهه ڪرڻ، چوپايو مال ڪاهڻ ۽ خاص طور انهن ڏک ۾ ورتل عورتن کي گرفتار ڪرڻ ۽ جوابدارن جي نه ملڻ کانپوءِ عيوضي ماڻهن کي پڪڙي لاڪپ ڪرڻ، باقي اصل جوابدارن تائين پهچڻ ته پوليس جي وس جي ڳالهه ئي ڪونه آهي، شڪارپور ضلعو هونئن به اڄ ڪالهه بدامني جي ور چڙهيل آهي، عورتاڻي آواز تي ماڻهن کي اغوا ڪرڻ ۾ هي ضلعو سرفهرست آهي، جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته انهي ضلعي اندر ڪچي ۾ مختلف ڏوهارين جن ۾ جاگيراڻي، تيغاڻي، معرفاڻي جيڪي اهڙين ڪارروائين ۾ ملوث آهن تن بابت مختلف وقتن تي آپريشن به ڪيا ويا پر اصل ڏوهارين تائين پهچڻ ۾ ناڪام رهيا. سنڌ جي تاريخي ضلعي شڪارپور جنهن ۾ ڪچي جي علائقن جو حال ته ڳڻتي جوڳو هونئن ئي آهي پر گڏوگڏ هي اُهو شڪارپور ضلعي جي مدئجي جو پڪي وارو علائقو آهي جتي هڪ هزار روپين ۾ هڪ ماڻهو جو قتل ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته مقتول ثناءُ الله دل، عبدالوهاب دل، رسول بخش، اصغر ۽ صدرالدين جوڻيجو جي گهرن جا چُلها ٻرندا به هوندا يا اُجهامي چُڪا هوندا، خبر ناهي ته انهن جي گهروارين، امڙين ۽ پتڪڙن ٻارن جو ڇا ٿيو هوندو، ڪير آهي اڄ جيڪو سنڀار لهي هنن يتيمن ۽ بيواهن جي!؟ معاشري ۾ اڄ اِها وڃي حالت رهي آهي جو نه پيءَ کي اولاد جي سڃاڻ آهي نه وري اولاد کي ڪنهن ماءُ ۽ پيءَ جي سڃاڻ رهي آهي، هر طرف هڏ کي هڏ ٿو ڪٽي ۽ رت کي رَت ٿي چوسي، هن مهذب معاشري جا ماڻهو ڪنهن موبائل فون جهڙي ٽڪي جي ڳالهه تان الائي ڇو خاندانن جا خاندان انا جو مسئلو بنائي خونريزي ڪرڻ تي تيار ٿا ٿيو وڃن، جيتوڻيڪ ٻنهي ڌرين طرفان ڪيس ته داخل ٿي چڪا آهن ۽ پوليس به اهڙي واقعي کانپوءِ ٻڌ ڇوڙ کي ڪمائي جو ذريعو بنائي ورتو آهي پر ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته جيستائين ٻنهي ڌرين جي ڪيسن ۾ ملوث اصل جوابدار نه پڪڙيا ويندا تيستائين اِها خوني جهيڙي جي راند ختم نه ٿيندي.ڪنڌڪوٽ مان به اها خبر شايع ٿي آهي ته رات جي وقت چئن چورن هڪ گهر مان ڳئون چورائي وڃي رهيا هئا ته اڳيان چورن کي سنڌو درياهه پار ڪرڻو پئجي ويو، سنڌو درياهه جي ٿڌي پاڻي مان جڏهن چار چور چوري کي وڃي رهيا هُئا ته سنڌو درياهه به غريب جي چورايل ڳئون ڏسي پنهنجي جوش ۾ اچي ويو ۽ چار ئي چور ٿڌي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچڻ بعد موت جي منهن ۾ هليا ويا، ڪيڏي نه بي حسي جي ڳالهه آهي جو هڪ جانور جي چوري پٺيان چار چار ماڻهو زندگين تان هٿ کڻي ٿا وڃن، ساڳي وقت آئون سنڌ جي ٻين ضلعن بدين، نوشهروفيرز سميت ڪهڙي ڪنڊ جو ذڪر ڪريان جتي سموسن، ڪيلن جي درجن تان هڪ ٻئي سان جهيڙا ڪري مٿا ئي ڦاڙيا ٿا وڃن، ڪجهه وقت پهرين بدين ضلعي جي تلهار ۾ سموسا پڪوڙا وڪڻڻ تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو هو، جنهن دوران درجنين ماڻهو رتورت ٿي ويا، ان ساڳئي ئي هفتي ۾ نوشهروفيروز اندر ڪيلن جي درجن تان جهيڙو ٿيو ته ڌريون جديد هٿيار کڻي اُڀيون ٿي ويون، اندازو نه هو ته اڄ جي سونهاري سنڌ جا ماڻهو ايڏي خونريزي برپا ڪندا، اهڙي حالت ڏسي افسوس ٿئي ٿو ته خبر ناهي ته الائي جي ڪڏهن اسان جي ماڻهن مان اِها انا واري هوڏ ختم ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو