تلور ڊپلو ميسي به ناڪام

تلور ڊپلو ميسي به ناڪام

تحرير الله وسايوخان گهوٽو

هن ڀيري تلور ڊپلو ميسي به نه ڪامياب ٿي سگهي حڪومت جي ماڻهن خود وڃي سعودي سفارتخاني ۾ شڪار جا پرمٽ پهچايا ڇاڪاڻ ته سعودي ولي عهد مهمد بن سلمان ۽ نه ان جي خاندان جا ماڻهون جيڪي گورنر آهن سي هن ڀيري شڪار تي اچڻا هئا انهن جي لاءِ حڪومت پاڪستان پرمٽ جاري ڪيا هئا جيڪي حڪومت جي ماڻهن خود وڃي سعودي سفارتخاني پهچايا پر شهزادا اڃا تائين شڪار ڪرڻ لاءِ ناهن آ يا  ۽ نه اڄڻ جو ٻڌايو آهي ان جو ڪارڻ وفاقي وزير شاه محمود قريشي جي بيان کان پوءِ پاڪستان ۽ سعوديه جي تعلقاتن ۾ ڪشيدگي ٿي آهي. سعودي شهزادا ته شڪار ڪرڻ لاءِ نه آيا پر يو اي ايِ جو يارنهن رڪني وفد پنجگور جي علائقي ۾ شڪار ڪرڻ لاءِ پهتو آهي ان کان پهريان به شهزادن جي شڪار لاءِ پرمٽ جاري ٿيندا رهيا هئا پاڪستان ۾ ڇا طريقيڪار آهي عمران خان جڏهن اپوزيشن ۾ هو ان وقت ته مخالفت ڪندو هو ۽ چوندو هو ته ان ناياب پکين جي نسل خطري ۾ آهي پکين جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي ان جي شڪار ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهر جي هن چيو هو ته  تلور ڊپلوميسي اسان جي فارين پاليسي جو پلر نه هجڻ گهرجي ليڪن هاڻي عمران خان جي حڪومت خود انهن کي تلور جي شڪار جا پر مٽ ڏيئي رهي آهي پر سعودي ولي عهد اڃان تائين شڪار لاءِ اچڻ تي رازي ناهي ٿيو. بحرين قطر ۽ يو اي اي جا وفد شڪار لاءِ پهچي ويا آهن تلو ر پکي سردي جي موسم ۾ سينٽرل ايشيا کان هجرت ڪري پاڪستان جي ريگستاني علائقن ۾ ايندا آهن جنهن ۾  پنجاب جو علائقو چولستان ديرا غازي خان هجي يا سنڌ جا جيڪي سحرائي علائقا هجن بلوچستان جو چاغي ضلعي   پنجگور نوشڪي   ليه  بکر  انهن علائقن ۾ تلور پکي ايندا آهن ۽ هر سال حڪومت پاڪستان عرب شهزادن کي پرمٽ جاري ڪندي آهي هڪ لک ڊالر هڪ ماڻهون کي شڪار جي اجازت جي فيس هوندي آهي . مثال طور جيڪڏهن يارنهن ماڻهون اچن ٿا ڪنهن به هڪ علائقي ۾ تلور جو شڪار ڪرڻ لاءِ ته اهي حڪومت پاڪستان کي 11 لک ڊالر  ڏيندا.  هڪ باز جي فيس هڪ  هزار ڊالر آهي ڏهه ڏينهن شڪار ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي ۽  100هڪ سئو پکي مارڻ جي اجازت هوندي آهي ماضي گذريل  اٺن ڏهن سالن جي اندر ته ان جي سنگين خلاف ورزي ٿي آهي تلور جي لاءِ عام تاثر اهو آهي ته اهو وائگرا طور استعمال ٿيندو آهي ليڪن سائنس اهو ناهي ثابت ڪيو ته تلو وائگرا طور استعمال ڪري سگهجي ٿو پر ان جو عرب ڪلچر سان وڏو تعلق آهي تلور پکي جو شڪار ڪرڻ ۽ بازنکان تلور پڪڙائڻ جا مقابلا ٿيندا آهن ابن ڏاڏن کان وٺي تلور جو شڪار ڪرڻ عربن جو ڪلچر آهي ان جو وائگراسان ڪو تعلق نه آهي .تلور نر پکي مادي تلور کان وڏو  29 انچ جو هوندو آهي  ۽ مادي تلور نر کان ننڍو26  انچ جو هوندو آهي  وزن جي حصابسان تلور پکي جو وزن ڏيڍ کان ٻهه ڪلو هوندو آهي مادي تلور جو  وزن نر تلور کان وڌيڪ هوندو آهي هي پرديسي پکي سينٽرل ايشيا کان 2ٻهه هزار ڪلوميٽر اڏام ڪري سردي جي موسم  ۾ پاڪستان ايندا آهن ۽ سردين جي ختم ٿيڻ سان ئي مارچ ۾ پنهنجي ڏيه هليا ويندا آهن .عامطور تي شڪار جي موسم ڊسمبر ۽ جنوري هوندي آهي  پر فيبروري جي اڌ تائين به شڪار ڪري سگهجي ٿو. تلور پکي اتر آفريڪا نيل ندي  جي مغرب ۾ جيڪي ايريا آهن موريتانيا موريڪا موراڪو الجيريا تنوشيا لبيا ۽ مصر ان ملڪن ۾ هي پکي هوندا آهن آءِ يو سي اين جو چوڻ آهي ته هي هڪ ناياب پکي آهي ان جو نسل ختم ٿيڻ وارو آهي هنن  جي سروي مطابق دنيا ۾ هن وقت 50 هزار کان  1 لک تلور باقي بچيا آهن. تلور سان پاڪستان جي معيشت جڙيل آهي ڪيهن زماني ۾ بي بي سي تي هڪ رپورٽ هلي هئي ته هن ٻن مهينن جي سيزن ۾ صرف بلوچستان کي 2ٻهه ارب ڪمائي ٿيندي آهي عام ماڻهون مزدور به هڪ لک رپيا مهيني ۾  ڪمائيندو آهي جيڪي خدمت چاڪري ۾ هوندا آهن .هن موسم ۾ خوشامند ڪرڻ وارا ۽ ڏيکاءَ ڪرڻ وارا رئيس ڀوتار سردار پنهنجي ٻارن جون  شاديون ڪندا آهن ته جيئن شيخ صاحب شادي ۾ شامل ٿئي نالو به ٿي ويندو ۽ عمده سوکڙي به ڏيئي ويندو .  هاڻي جيڪا11 شهزادا آيا آهن اهي يو اي اي رائل فيملي جا آهن جيڪي پنجگور ۾شمسي ايئر بيس تي لٿا شمسي ايئر بيس جيڪال افغانستان جنگ دوران مشهور ٿي هئي جڏهن آمريڪا افغانستان تي حملو ڪيو هو اها مشرف دور ۾ آمريڪا کي ڏنا ويا هئا .شمسي ايئر بيس 1992 ۾ شيخ زيد ٺهرائي هئي هي ايئر بيس صرف ان جي لاءِ بڻايو ويو هو ته اهي ان علائقي م شڪار لاءِ ايندا آهن .گهڻن جڳهن تي انهن فلاحي ڪم به ڪيا آهن جيئن رحيم يار خان لاهور لارڪاڻو ۾ شيخ زيد اسپتال انهن  ٺهرائي آهي.ماضي  ۾ عرب پيسا وڏيرن کي ڏيندا هئا پر ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي ايڪٽو ٿيڻ کانپوءِ اهي پيسا وڏيرن کي گهٽ ڏيندا آهن ۽ وڌيڪ فلاحي ڪمن تي لڳائيندا آهن پرنس محمد بن سلمان جيڪو سعوديه جو  ولي عهد ڊپٽي پرائيم منسٽر  آهي ان جي لاءِ فارين آفيس جي ڊپٽي چيف پروٽوڪول پاڻ وڃي سعودي سفارتخاني ۾ محمد بن سلمان ۽ ان جي ٻن خاندان جي ماڻهن جا شڪار جي اجازت جا پرمٽ پهچايا ۽  محمد بن سلمان کي ٻڌايو به ويو پر هن ڪو جواب ناهي ڏنو ۽ نه شڪار تي آيو آهي جيڪو 11 رڪني شڪاري وفد آيو آهي اهو بلوچستان جي علائقي پير جهلگ جنهن جي معنيٰ آهي هيٺائين ستح واديء ۾ پنهنجي ٺاهيل محل ۾ رهندا پورو ڏينهن علائقي ۾ شڪار ڪري رات پنهنجي محل ۾ آرامي ٿيندا.بي مزي جي ڳالهه اها آهي ته يو اي اي جي شيخن هوبرا بسٽر يعني تلور جي پالڻ ۽ واڌ ويجهه لاءِ فارم ٺاهيا آهن جيڪي موراڪو   يو اي اي قزاقستان ۾ آهن آءِ يو سي اين جي رپورٽ جي مطابق انهن 2019 ۾ 4لک 84هزار 351 تلور پکي پاليا هئا جن مان 3 لک 43 هزار 328 تلور پکي پلي تيار ٿي ويا جيڪي انهن مختلف ملڪن مي ڇڏيا هئا جن مان پاڪستان ۾ انهن 3هزار 700سئو ڇڏيا هئا . وزيراعظم عمران خان ان شڪار جو وڏي ۾ وڏو  مخالف هو ته تلور ناياب قسم جو پکي آهي ان جي شڪار جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏجي ۽ هن چيو هو ته جيڪڏهن مان حڪومت ۾ آيس ته تلور ڊپلوميسي نه ڪندس ۽ ان کي فارين پوليسي جو حصو نه بڻائيندس پر اڄڪلهه عمران خان جي حڪومت پاڻ پرمٽ کڻي عربن جي پٺيان گهمي رهيا آهن ته سائين اچو تلور جو شڪار ڪيو هي اوهان جا پرمٽ اوهان کي گهر ڏيڻ آيا آهيون پر هو اچن کان انڪاري آهن هي عمران خان جو هڪ ٻيو يو ٽرن آهي هن ڀيري مهمد بن سلمان جي لاءِ جن علائقن ۾ شڪار جي  پرمٽ جاري ڪئي آهي بکر ۽ ليه جيڪي پنجاب جا ضلعا آهن ان سان گڏ پرنس فهد بن سلطابن عبدالعزيز  السعود جيڪو تبوق جو گورنر به آهي ان کي  بلوچستان جي آواران ۽ نو شڪي ضلعن لاءِ  پرمٽ ڏني وئي آهي پرنس منصور بن عبدالرحمان بن عبدالعزاز السعود حفرالباتن جو گورنر آهي ان کي ديرا غازي خان جي لاءِ شڪار جي پرمٽ ڏني وئي آهي ، سعودي شهزادو 2014 ۾ جڏهن شڪار ڪرڻ آيو هو ته هن 2هزار 100 تلور پکي ماريا هئا پر انهن کي اجازت صرف 100 پکي مارڻ جي آهي ان اشو تي سول سوسائٽي ميڊيا تي وڏو شور ڪيو هو  ان شڪار جي ڪوريج ميڊيا کي نه ڪرڻ ڏيندا آهن ميڊيا کان ڇپائي شڪار ڪندا آهن پر ان جي باوجود ميديا مقامي ماڻهن جي ذريعي خبر وٺي وٺندي آهي . 2014 ۾ جڏهن ان طرح جون شيون ٿيون ته ان کانپوءِ آگسٽ 2015 ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ان جو نوٽس ورتو هو ۽ پاڪستان ۾ تلور جي شڪار تي پابندي هڻي ڇڏي هئي ان وقت ميان نواز شريف جي گورنمينٽ هئي ۽ هو پريشان ٿي ويو  سپريم ڪورٽ کي اپيڪ ڪئي ته تلور جو شڪار ته اسان جي فارين پاليسي جو حصو آهي  ۽ اسان جا دوست عرب ملڪ ناراض ٿي ويندا جيڪڏهن اسان تلور جي شڪار جي اجازت نه ڏينداسين ته . ان کان پوءِ حڪومت پرمٽ تتر جي شڪار جو ڏنو ۽ تلور جو شڪار ڪرايو ته اهي ڳالهايون ميڊيا تي آيون ۽ سول سوسائٽي ان جي خلاف احتجاج ڪيو ان کان پوءِ سپريم ڪورٽ کي پاڪستاني ادارن چيو ۽ پريشر به هو ته تلور جو شڪار پاڪستان جي خارجه پاليسي سان وابسته آهي تنهنڪري ان تي ايتريون پابنديون نه لڳايون وڃن ان کانپوءِ 2016جنوري جي آخر ۾  سپريم ڪورٽ تلور جي شڪار تان پابندي هٽائي ڇڏي. پاڪستان ۾ به قانون موجود آهي پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان  ۾ پاڪستانين کي تلور جي شڪار جي اجازت نه آهي ۽ غير پاڪستانين کي اجازت آهي

پهنجو تبصرو موڪليو