تحرير سيد زوار حسين شاهه
پاڪستان جي سياست سمجهه ۾ اچڻ هر هڪ جي وس جي ڳالهه ناهي اهو ان ڪري جو جڏهن کان ڪپتان حڪومت سنڀالي آهي ۽ موروثي خاندانن کي نيب سميت پاڻ ۽ نمائندن ذريعي بي نقاب ڪيو آهي اهو ڪنهن کان لڪيل ناهي ، جيڪڏهن نيب جي ڳالهه ڪندس ته اربين روپيا وصول به ڪيا ته ڪيس به وڙهي رهيا آهن جنهن کان پوء صورت حال اڃان به وڏي دلچسپ ٿي وئي آهي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا اپوزيشن پي ڊي ايم جهڙي طرح ڪپتان کي گهر موڪلڻ لاء سياسي جدوججهد شروع ڪئي آهي اها به ڪنهن کان لڪيل ناهي پر اها به ڪڙي سچي ڳالهه آهي ته ڪپتان پنهنجي هر وقت حڪمت عملي هڪ بهترين رانديگر ٽيم ڪيئپٽن طرح بهترين سياستدانن جيان پيو ٿو راند کيڏي جيڪا گهٽ م گهٽ پاڪستان جي ڪپتان کي ته سمجهه ۾ اچي ٿو پر مان عرض ڪيان ته هنن سياستدانن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي اهو به ڪنهن کان لڪيل ناهي ته سدائين هڪ ٻئي کي جهڪائڻ لاء سياسي مداخلت ڪري ادارن کان به مدد به حاصل ڪئي پئي وڃي اهو به ڪڙو سچ آهي نيب سميت پوليس ، ايف آئي اي جو جيڪو ماضي ۾ ڪردار رهيو اهو ڪنهن کان لڪيل ناهين سياسي مداخلت جي ڪري ، اداره ته تباهه ٿيا پر ملڪ جو ڏيوالو پڻ نڪري ويو جنهن سان به پاڪستان سميت پاڪستان جي عوام کي وڏو نقصان پهتو ، جڏهن ته هر سياسي پارٽي جو به مختلف مختلف تجزيه رايا آهن جنهن سان به ڪپتان کي فائدو رسيو آهي پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته مخالف ڌر اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ پي ڊي ايم ننڍي اليڪشن ۾ ڪوڙي حڪومت جي لاءِ رستو کليل نه ڇڏيندي. پي ڊي ايم جي جاتي عمرا ۾ سربراهي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته سينيٽ اليڪشن جي لاءِ ڳالهيون اڃان جاري آهن جڏهن وقت ويجهو ايندو ته فيصلا ڪنداسين. هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ جيڪڏهن سڀني ۾ اتفاق ٿيو هو ته سينيٽ چونڊون وڙهنداسين ۽ جيڪڏهن نه ٿيو ته نه وڙهنداسين، لانگ مارچ لاءِ موسم ۽ پنهنجي ڪارڪنن کي به ڏسڻو آهي. ليگي نائب صدر جو چوڻ هو ته ننڍي چونڊ ۾ پي ڊي ايم جو گڏيل اميدوار به ٿي سگهي ٿو پر اڃان ان تي ڳالهيون ناهن ٿيون، حڪومت کي گهر موڪلڻ عوام جو ڪم آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ مريم ٻڌايو ته ٻي جاب سان رابطن جي ڪوشش ڪئي آهي.پي ڊي ايم حڪومت کي مستعفي ٿيڻ لاءِ حڪومت وڌيڪ هڪ مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي، ضمني چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان، جاتي امرا ۾ مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس ٿيو جنهن ۾ مريم نواز، محمود خان اچڪزئي، امير حيدر خان هوتي، ميان افتخار حسين، سردار اختر مينگل، آفتاب احمد شير پائو، اويس احمد نوراني سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي جڏهن ته نواز شريف، آصف زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ويڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان گذريل اجلاسن ۾ اِها ڳالهه ڪئي هئي ته 31 ڊسمبر تائين سمورا اسيملي ميمبر پنهنجون استعيفائون پهچائن پنهنجي پارٽي قيادت تائين پهچائين ۽ اڄ سمورين پارٽين پي ڊي ايم کي رپورٽ ڏني ته سڀني جون استعيفائون پارٽي قيادت ڏانهن مڪمل طور موڪليون ويون آهن، هڪ هدف اڄ پورو ٿيو. هن چيو ته اسان اِهو به چيو هو ته 31 جنوري تائين حڪومت کي مستعفي ٿيڻ جي مهلت آهي ۽ اِها آخري تاريخ هوندي، اڄ اسان ٻيهر عزم ڪيو ته حڪومت وٽ اڃا هڪ مهيني جو وقت آهي ان کان پوءِ قيادت ويهي لانگ مارچ جو اعلان ڪندي ۽ تاريخ جو اعلان ڪندي ۽ ان ڳالهه جو به فيصلو ڪيو ويندو ته لانگ مارچ اسلام آباد ڏانهن ڪجي يا راولپنڊي ڏانهن. سندس چوڻ هو ته اسان متفق آهيون ته پاڪستان کي هڪ ڊيپ اسٽيٽ بڻايون، هتان جي اسٽيبلشمنٽ سڄي نظام کي يرغمال ڪيو، عمران خان مهرو آهي، جنهن کي ڪوڙي حڪومت قائم ڪري مڙهيو ويو، اسان واضح ٿا ڪيون ٿا ته اسٽيبلشمنٽ ۽ فوج کي ان جو ذميوار قرار ڏيو ٿا ۽ اسان جي تنقيد جو رخ هاڻ هنن ڏانهن ئي هوندو، هاڻ هو پاڻ فيصلو ڪن ته هو سياست ۾ ڄمڻ ٿا چاهن يا نه. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان فوج جو احترام ڪيون ٿا، هي اسان جي فوج آهي پر جيڪڏهن فوج سياسي معاملن ۾ مداخلت ٿي ڪري ته ان ۾ ڏکيائي ٿي ٿئي، حدون ارورانگهڻ سبب ئي بحران پيدا ٿيا، سڀني فيصلو ڪيو آهي ته رڳو وزير اعظم نه پر هن کي آڻيندڙ ڏانهن به وڃڻو پوندو، 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن آڏو پي ڊي ايم جو مظاهرو ٿيندو ۽ نيب جي آفيس آڏو به احتجاج ڪيو ويندو، هاڻ انتقام جو سلسلو نه هوندو، اسان احتساب کان ڀڳا ناهيون. هن خواجا آصف جي گرفتاري بابت چيو ته اسان کي خواجا آصف جي گرفتاري کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي، سياستدانن کي نوٽيس موڪلڻ ۽ هر هر گهرائڻ تي به قيادت سخت فيصلا ڪندي. سينيٽ ۽ ننڍي چونڊن بابت جي يو آءِ جي سربراهه چيو ته اسان کي ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻو آهي، سينيٽ چونڊن بابت بابت في الحال ڪجهه نٿو چوان. ان کان اڳ پي ڊي ايم اجلاس ۾ پ پ موقف رکيو ته اسان کي هر فورم تي مقابلو ڪرڻ گھرجي، استعيفائون آخري آپشن هجڻ گھرجي، اها پڻ تجويز ڏني ته اسلام آباد يا راولپنڊي ڏانهن مارچ ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي 4 اپريل کان ڳڙهي خدا بخش ڀٽو کان شروع ڪيو وڃي، ڇو جو اهو ملڪ ۾ جمهوريت جو باني هو، برحال مان سمجهان ٿو ته ڪپتان بهترين راند کيڏي رهيو آهي ، جنهن سان سياستدان پريشان آهن ، ڪپتان کي اپوزيشن هر حال جهڪائڻ جي ڪوشس ڪري رهيو آهي جڏهن ته مان عرض ڪيان ته ڪپتان نئين حڪمت عملي جوڙي پي ڊي ايم پاڪستان ڊيموڪريٽ مومينٽ ۾ به ڏار وجهي ڇڏيا آهن ، مان سمجهان ٿو ته هر سياسي اڳواڻ پنهنجو پنهنجو موقف رکي رهيا آهن جنهن سان به پي ڊي ايم قيادت کي ڪامياب ٿيندي نٿو ڏسان ، ۽ مان سمجهان ٿو ته ڪپتان جي ڦرتي ڪامياب ٿيندي ، هو پي ڊي ايم کي شڪست ڏيندي ڏسي رهيو آهيان اهو به صاف ظاهر آهي ته ڪپتان کي هاڻ 31 جنوري تائين استعفا ڏيڻ لاء ڊيڊ لائين ڏني آهي جيڪڏهن استعفا نه ٿي ته پوء اسان استعفائون ڏينداسين جنهن سان قانوني بحران پيدا ٿيندو ، ۽ ننڊيون چونڊيون ڪرائڻ ضروري ٿي وينديون ، جنهن ۾ به پي ڊي ايم به ڀرپور حصو وٺڻو آهي ۽ انشاء الله جيت پي ڊي ايم اڳواڻن جي ٿيندي پر ڪپتان اهو بار بار چئي رهيو آهي ته ڪجهه به ڪن ڇا به ڪن انهن ڪرپٽ سياستدانن لککي اين آر او ڪنهن صورت ۾ به نه ملندو ان ڪري هو وري به اها ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جن جن مٿان به ڪرپشن جا الزام عائد آهن ا نهن کي نيب ڀلي گرفتار ڪري حساب ڪتاب وٺي جنهن ۾ منهنجو هٿ ناهي .










