شهيدن جا وارث جاڳيا ، ڪپتان کي للڪار

شهيدن جا وارث جاڳيا ، ڪپتان کي للڪار

سيد زوار حسين شاهه

جيڪڏهن سياسي پس منظر تي نظر رکنداسين ته پاڪستان  انتهائي خطرناڪ صورت حال مان گذري رهيو آهي نه تعليم تباهه صحت جا اداره تباهه عوام بک پيو مري ، نوجوان  روزگار نه هئڻ ڪري خودڪشيون پيو ڪري ، سياستدان عوام کي نظر انداز ڪري پنهنجو پيٽ پيا ڀرين ،ڪرپشن ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهن پر تعجب جي ڳالهه ته هاڻ ته ملازمن کي پگهارون به نه ٿيو ملن راڻيپور ٽائون جيت گذريل چئين مهينن کان احتجاج به جاري آهن ملازمن بک هڙتال تي به ويٺا ڪوڪون ڪندا رهيا پر ڪنهن به نوٽيس نه ورتو هڪ ملازم جي نياڻي خوشي جنهن جي عمر به اٺ سال ٻڌائي پئي وڃي ، يا الله رحم ڪر ، هي ڇا پيو ٿئي پر سول اهو اهي ته جيڪڏهن ڪپتان پاڪستاني عوام کي ڪجهه نه ڏيئي سگهيو ته سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام لاء ڇا ڪيو آهي ، جمهوريت جو راڳ ڳائيندڙن سنڌ کي لٽيو سميت پاڪستنا کي ٻنهي هٿن سن لٽيو پر پوء به ڪپتان خلاف واويله سمجهه کان ٻاهر آهي ، هاڻ ته شهيدن جا وارث سڏائيندڙ ڪپتان کي للڪار ڪري 31 جنوري کان اڳ استعفا ڏيئي گهر ڀيرو ڪرڻ لاء جلسن ۾ جواب ڏيئي رهيا آهن  اسين شهيدن جا وارث، آئين جا خالق  ۽ عوام جا آواز آهيون، اسان قربانين جي سفر جا امين آهيون جيڪو بيوقوف اِهو سمجهي ٿو ته اسين ڊڄي پوئتي هٽنداسين اُهي ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي مزار کي ڏسن هتي اچي هن شهيدن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڏسن جيڪو ڦاهي چڙهيو پر پنهنجي اصولن کان پوئتي نه هٽيو، شهيد شاهنواز ڀٽو آمر جي خلاف جدوجهد تي کيس زهر جو پيالو ڏنو ويو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو هڪ ڀٽو کي نشانو بڻائڻ لاءِ هڪ ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، هڪ ڀيڻ کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ هڪ ڀاءُ کي شهيد ڪيو ويو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ئي ڏسو جنهن پوري زندگي عوام جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي، هتي مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو به آهي جنهن پنهنجي سڄي خاندان کي قربان ڪري ڇڏيو، هن شهيدن جي پيار ڪندڙن کي ڏسو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو اڄ به زندهه آهن انهن سان ٽڪرائڻ وارن جو نالو ۽ نشان به مٽجي چڪو آهي، ضياءَ جي قبر ويران ۽ مشرف موت کان بدتر بزدلي جي زندگي گذاري رهيو آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جو غم هر وقت اسان جي دلين ۾ آهي ۽ رهندو، اڄ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪمي شدت سان محسوس ٿي رهي آهي جيڪڏهن هوءَ اسان جي وچ ۾ هجي ها ته هي ڪٺ پتلين جي اوقات ڇا ته هو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو مقابلو ڪري سگهن، اڄ شهيد محترمه جي بهادري ۽ ذهانت جي ضرورت آهي جڏهن ان جي قيادت ۾ پاڪستان جي جمهوري طاقتن ضياءَ الحق جي خلاف ايم آر ڊي جي تحريڪ هلائي ته ايوان اقتدار جا در ۽ دوازا ڏڪيا، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڏيهه آئي ۽ هو سمجهي پئي ته قاتل گهات لڳائي بيٺا آهن هوءَ اوهان جي ڀيڻ هئي ان کي ڪير ڊيڄاري پئي سگهي، هو دهشتگردن جي لاءِ دهشت جي علامت ۽ چئني صوبن جي زنجير هئي، هوءَ بينظير هئي ۽ بينظير رهندي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي عوام سان محبت جو درس وراثت ۾ مليو هو، شهيد ڀٽو آخري ملاقات ۾ کيس چيو ته جيڪو به ٿئي ته عوام جو ساٿ نه ڇڏيو ۽ منهنجي مشن کي جاري رکو، شهيد ڀٽو چيو ته آءُ اوهان کي ستارن ۾ ڏسندس، آءُ جنهن ڦاهي کي چونڊيو آهي اهو صبح ضرور ٿيندو ۽ شهيد محترمه ڦاهي گهاٽ مان علم کڻي لياقت باغ مان اسان جي هٿ ۾ ڏنو اسان وٽ اها ئي ورهاست آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ستارن مان اسان کي ڏسي رهي آهي ۽ هڪ ڏينهن اها صبح ضرور ايندي ۽ هي قافلو نه رڪجندو. هن چيو ته اسان کي هن مٽي تي بيهي ٻيهر عهد ڪرڻو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو واعدو نڀائڻو آهي پاڪستان کي بچائڻو آهي، آئين کي بچائڻ جيڪو شهيد ڀٽو پاڪستان کي ڏنو، آئيني ۽ عوامي حڪمراني هجي، جتي هارين ۽ مزدورن وٽ ٻن وقت جي ماني هجي، جتي عورتن کي برابري جا حق ملن، جتي مذهب جي نالي تي ڪنهن سان ظلم نه ٿئي، جتي پاڪستان جو دفاع ناقابل تسخير هجي، جتي پوري دنيا ۾ پاڪستان کي پنهنجو وقار ۽ عزت ملي، جيڪا شهيد محترمه جي قيادت ۾ ملي، هڪ اهڙو پاڪستان جنهن ۾ عدل انصاف ۽ ڳالهه ٻڌڻ جي سگهه هجي،   هي انڌن ٻوڙن حڪمرانن کي ڪجهه نظر ۽ ڪجهه ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي، هنن کي عوام جي غربت ۽ بيروزگاري نظر نه ٿي اچي ۽ نه ئي مهانگائي جو طوفان نظر پيو اچي ۽ نه ئي هن ڪٺ پتلي کي عوام جون رڙيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن. ۽ عوام کي ماني، روزگار، ڇت کسي رهيو آهي ۽ چئي پيو ته آءُ ڪنهن کي نه ڇڏيندس هن غريب، مسڪين، هارين، ڊاڪٽرن، ليڊي هيلٿ ورڪرن، استادن، شاگردن کي نه ڇڏيو آهي هاڻي مهانگائي ۽ بيروزگار کان تنگ هي عوام هن سليڪٽيڊ کي ڪو نه ڇڏيندو، عمران خان نه عوام جو نمائندو آهي ۽ نه چونڊيل وزيراعظم اهي هي غاضب آهي   جيڪڏهن ٽيچر يا هاري احتجاج  ٿا ڪن ته انهن مٿان لٺيون وسايون وينديون آهن هي ظالم ۽ جابرن جو وطيرو آهي، اسان جمهوريت جي بحالي ۽ آئين جي بالادستي جي لاءِ هر ظالم ۽ غاضب سان ٽڪرايو هي ڪٺ پتلي ڪهڙي زمين جي موري آهي، هن کي حڪومت ڪرڻ جو ڍنگ ناهي، هاڻي هي ملڪ ۽ عوام هن سليڪٽيڊ جو بوجهه کڻي نه سگهندا، عوام کيس برداشت نه ڪري سگهندا جيڪڏهن هن حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏنو ويو ته هي ماڻهو ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندا ۽ اسين ڪنهن به صورت ۽ قيمت تي ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، هي سليڪٽيڊ حڪومت ضياءَ ۽ مشرف وانگر ردي جي ٽوڪري ۾ هوندا ۽ ڪير به انهن جو نالو وٺڻ وارو نه هوندو جيڪو عوام سان ٽڪرائيندو آهي اهو ڀورا ڀورا ٿيندو آهي، سليڪٽر هن نااهل کي کڻي ته آيا آهن پر هن کي عقل ۽ داشمندي ڪيئن ڏئي سگهن ٿا پر هي الله تعاليٰ جي عنايت ۽ عوام جي غم مان ايندي آهي، هي ڪرپٽ سليڪٽيڊ حڪمرانن پنهنجا پيٽ ڀري رهيا آهن هي عوام کي ڇا ڏيندا، ايل اين جي، اٽو، گيس، بجلي چورن جو وقت ختم ٿي چڪو آهي، هي صرف عوام کي ئي صرف ڌمڪيون ڏيندا آهن،   هن چيو ته ڊاڪٽر مالڪ چيو ته سي پيڪ عوام جي فائدو ۾ هوندو پر هاڻي ائين نه پيو ٿئي اسين به سمجهيو ۽ چاهيو پئي ته سي پيڪ جي ذريعي پٺتي پيل علائقن کي پنهنجو حق ۽ فائدو ملي، اسين اڄ به چاهيون ٿا ته سي پيڪ ڪامياب ٿئي پر اسين ڄاڻون ٿا ته عوامي سي پيڪ ئي ڪامياب ٿي سگهي ٿو جيڪو مقامي ماڻهن کي فائدو ڏيندو آهي اسان کي اِهو سي پيڪ نه گهرجي جيڪو پاپا جونس کي فائدو ڏئي، اسان کي آصف علي زرداري، نواز شريف وارو سي پيڪ گهرجي، گوادر جي عوام جي ڪري سي پيڪ اسان وٽ آهي اُهو سنڌ ۽ پنجاب جي ڪري ناهي ۽ هي گلگت جي پهاڙن جي ڪري سي پيڪ آهي انهن جي ڪري اسان کي هي سي پيڪ جو تحفو مليو پر هي ان عوام کي ان کان پري رکي رهيا آهن ۽ سڄي گوادر کي فينس ڪيو پيو وڃي، اتان جي مقامي ماڻهن ۽ مهاڻن جي پهچ کان پري رکيو پيو وڃي اهڙي قسم جو سي پيڪ هلي نه ٿو سگهي ۽ صرف عوامي سي پيڪ هلي سگهي ٿو. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو شهيد ڀٽو جي شهادت کان پوءِ ملڪ ۾ جمهوريت ۽ 73 جي آئين جي بحالي لاءِ ايم آر ڊي تحريڪ ضياءَ الحق جي خلاف ٺاهي ۽ شهيد بي بي سمورن جمهوري قوتن سان گڏ ايم آر ڊر ٺاهي هاڻي اسان سڀني گڏجي پي ڊي ايم ٺاهي آهي برحال مان سمجهان ٿو ته ڪپتان پوء به اپوزيشن مٿان حاوي آهي اهو ان ڪري جو اڪثر سياستدانن انهن جي حمايتن مٿان نيب ۾ ڪيس پيا هلن جيڪڏهن نيب وري پنهنجو انهن سياستدانن جن مٿان  ڪرپشن جعلي بينڪ اڪائونٽس ، مني لانڊرنگ ڪرپشن جا ڪيس دائر آهن يا  ريفرنس پيا هلن يا انهن مٿان الزام عائد آهن ڪوڙا هجن يا سچا پر ، نيب جيڪڏهن پڪڙ ڪئي ته وري  اهو ئي آواز ايندو ته جمهوريت کي نقصان آهي ان ڪري مان سمجهان ٿو ته اهو راڳ بند ٿيڻ گهرجي پاڪستان جي تاريخ ۾ نيب جيڪي پيسا وصول ڪيا آهن مان سمجهان ٿو ته هن وقت تائين ڪنهن به وصول ناهين ڪيا کيس پاڪستاني قوم سلام پيش ڪري ٿي ، ٻئي پاسي جيڪڏهن شهيدن جا وارث  لانگ مارچ جو رخ اسلام آباد طرف موڙين ٿا ته  شيخ رشيد صاحب جيڪو وزيرداخله جي منصب تي مقرر ٿيو آهي خطرناڪ ايڪشبن کڻي انهن کي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشس ڪندو جڏهن ته سياستدانن جي جانن کي نقصان ڏيڻ لاء هو هڪ وارننگ به جاري ڪري ڇڪو آهي ان ڪري   احتياط وقت جي ضرورت اهي سياستدابن به احتجاج ڪن ۽ حڪومت وقت تمام سياستدانن کي فوري تحفظ مهيا ڪري پنهنجو فرض ادا ڪن                                       

پهنجو تبصرو موڪليو